ملڪ ۾ رھندڙ قومن خلاف نفرت ڇو؟ نفرت واري سياست بند ٿيڻ گھرجي
ھيءُ ملڪ سڀني قومن جو آھي. نفرت جي سياست سان ملڪ کي وڌيڪ نقصان ٿيندو انڪري جيڪي سياسي پارٽيون نفرت واري سياست ڪن پيون انھن کي شٽ اپ ڪال ڏجي
ماجد مقصود
مسلم ليگ نون پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ جاگ پنجاپي جاگ تيري پگ ڪون لگ گئي آگ جو نعرو ھنيو ھو، جنھن پيپلزپارٽيءَ کي وڏو نقصان ڏنو ۽ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ کي سنڌين جي پارٽي ۽ انجي ليڊرشپ کي سنڌي سمجھيو ويو. ھيءُ نعرو نواز ليگ کان لڳرايو ويو جيئن پيپلزپارٽيءَ جو وجود پنجاب ۾ ختم ٿي سگھي.
ھن نفرت واري نعري جو نوازليگ کي بلڪل فائدو پھتو ھو ۽ ھو اقتدار ۾ آيا ھئا. ھن وقت بہ مسلم ليگ نون سمجھي ٿي تہ پنجاب ھڪ وڏو صوبو آھي ۽ ان کي باقي صوبن جي ووٽن جي بہ ضرورت ناھي انڪري صوبائيت جو ڪارڊ کيڏي مسلسل اقتدار ۾ رھي سگھجي ٿو. انڪري انھن پنھنجي ميڊيا ٽيم ۾ اھڙا ماڻھو رکيا آھن جيڪي مسلسل ٻين قومن جي خلاف ميڊيا تي پروپينگنڊا ڪري رھيا آھن.

پي ٽي وي جي ھڪ بد شڪل اينڪر رضي دادا تہ سنڌي قوم کي گاريون ڏنيون جنھن کان پوءِ سينيٽ جي قائمہ ڪميٽيءَ کيس گھرائي ان کي پي ٽي وي مان ٻاھر ڪڍيو ۽ سندس يو ٽيوب جي چينل کي بند ڪرايو. پر انھيءَ اينڪر جي حمايت ۾ مسلم ليگ نون ميدان ۾ لھي آئي، مسلم ليگ نون جا سپورٽر اينڪرز رضي دادا جي مڪمل حمايت ڪرڻ لڳا، ايتري قدر جو لاھور پريس ڪلب ۾ ان سان ھمدرديءَ جو پروگرام پڻ رکيو ويو پر بعد ۾ اھو ملتوي ڪيو ويو.
ھي رضي دادا اھو اينڪر آھي جيڪو سنڌي قوم سان گڏ ملڪ ۾ رھندڙ بلوچ، سرائيڪي، پٺاڻ ۽ پختونن لاءِ بہ پنھنجي گندي زبان استعمال ڪندو رھيو آھي. پنجاب ۾ ڪير سندس نوٽيس نہ وٺندو آھي، مريم نواز کيس ايڪس تي نہ صرف فالو ڪري ۽ ان کي سپورٽ بہ ڪري ٿي. ڳالھ رڳو رضي دادا جي ھجي ھا تہ ھن ڪالم لکڻ جي ضرورت نہ پوي ھا مگر ھاڻي تہ مسلم ليگ جا ليڊر کلئي عام ٻين قومن جي توھين ڪري رھيا آھن. انڊيا مان جڏھن پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي آيو تڏھن بہ مسلم ليگ نون سنڌ جي خلاف مھم ھلائي تہ سنڌ ڊيم ٺاھڻ نٿو ڏي انڪري پنجاب ۾ ٻوڏ آئي آھي، جڏھن تہ ٻوڏ راوي ستلج ۽ چناب ۾ ھئي پر ھو مطالبو سنڌو درياھ تي ڪالا باغ ڊيم ٺاھڻ جو پيا ڪن. اھڙي طرح ھو سنڌ کي بددعائون ڏيندا رھيا تہ ھاڻ ڀلي سنڌ پاڻي ۾ ٻڏي. خير سان سنڌ مان ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آھي پر پنجاب جي خاص ڪري سرائيڪين جي علائقي ۾ ٻوڏ تباھي آڻي ڇڏي آ. افسوس تہ جيستائين پاڻي سينٽرل پنجاب ۾ ھو تيستائين پنجاب حڪومت تمام گھڻي سرگرم ھئي پر جيئن ئي پاڻي سرائيڪين وٽ پھتو آھي تہ پنجاب حڪومت جي ڦڙتي ختم ٿي وئي آھي ۽ ميڊيا کي پڻ ھدايتون ڏنيون ويون آھن تہ سرائيڪين جي تباھي نہ ڏيکارين.
ھن وقت پنجاپين جو سرائيڪين سان پڻ وڏو جھيڙو ھلي ٿو مگر افسوس تہ سرائيڪين جي اختلاف جو الزام پڻ ھو سنڌين تي ھڻن ٿا. سرائيڪين کي سينٽرل پنجاب ۾ ڪا عزت نٿي ملي انڪري انھن جي محبت سنڌ سان فطري آھي ڇو تہ سنڌ ملتان تائين رھي آھي. مگر پنجابي سرائيڪي زبان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھن. جيڪي 1947 ۾ پاڪستان ۾ آيا آھن اُھي پنجابي سرائيڪين کي چون ٿا اوھان پنجاب ڇڏي سنڌ ھليا وڃو يا پنجابي شناخت کي قبول ڪيو. ھڪ پنجابي اينڪر سرائيڪي زبان کي سائين جي ايم سيد جي سازش قرار ڏنو آھي. خبر ناھي سائين جي ايم سيد سرائيڪي زبان ڪيئن ايجاد ڪئي آھي، سيد تہ پاڻ سنڌي ڳالھائيندڙ ھو.
ان کان سواءِ ھو سمجھن ٿا سرائيڪي ڪا زبان ناھي بلڪ پنجابي زبان جو لھجو آھي جنھن کي وري سرائيڪي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. پنجابي اھو بہ سنڌ تي الزام ھڻن ٿا تہ سنڌ وارا سرائيڪي صوبي جي سازش ڪري رھيا آھن. جڏھن تہ ڏٺو وڃي تہ سنڌ وارن جي ھٿ ۾ آھي ڇا جو اُھي اھڙي سازش ڪندا. ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو 95 سيڪڙو پنجاب سان تعلق آھي ۽ ملڪي فيصلا ڪرڻ جو اختيار پنجاب کي آھي، جنھن جو اقرار نجم سيٺيءَ پنھنجي ھڪ پروگرام ۾ ڪيو تہ ملڪ ۾ وڏن فيصلن ڪرڻ جو اخييار پنجاپين وٽ آھي. سنڌ جي ڪنھن سياسي پارٽي سرائيڪين جي صوبي جي ڳالھ يا مطالبو ناھي ڪيو مگر ھو الزام سنڌ تي ٿا ھڻن جڏھن تہ نواز ليگ پاڻ پنجاب کي ٽن ٽڪرن ۾ ورھائڻ جي پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪئي. ان جي اڄ وري پنجاب ۾ حڪومت آھي جنھن تي ڪو الزام نٿو لڳي. سنڌ کي ڪا ضرورت ناھي سرائيڪي صوبي جي مگر پنجاب تہ مسلسل سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ ان جو اقرار بہ ڪندو رھيو آھي. ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ لانچ ڪري سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ھن وقت بہ ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي. ھن وقت تائين سنڌ پنجاب جي سڀني سازشن کي ناڪام ڪيو آھي.
ھاڻي پنجاب سنڌي ۽ سرائڪي قومن کان سواءِ پختونن بلوچن ۽ افغانن جي خلاف بہ سخت ٻولي ڳالھائي رھيو آھي. سڀ کان پھرين پنجاب ۾ پختونن خلاف پنجاب ۾ پروفائلنگ ٿي، جنھن تي پٺاڻن سخت اعتراض ڪيو. ڪي پي ڪي جي جنگي صورتحال جي ڪري پختون پنجاب ۾ بہ آباد ٿيا آھن. جيستائين پٺاڻ ڪراچي ۾ آباد پئي ٿيا تيستائين پنجاب کي ڪو اعتراض نہ ھو مگر ھاڻي جڏھن پٺاڻ پنجاب ۾ آباد ٿيا آھن تہ پنجاب جا ماڻھو انھن تي اعتراض ڪري رھيا آھن تہ ھو پنجاب جي وسيلن تي قبضو پيا ڪن. پٺاڻن ۽ پنجاپين جو جڳھڙو ھاڻي افغانين تائين پھتو آھي ۽ پٺاڻ افغانين کي پنھنجي قوم جو حصو سمجھن ٿا. پٺاڻ ۽ پنجاپين جڳھڙو ھن وقت چوٽ تي چرھيل آھي ۽ انجا ڪجھ مثال ھتي رکجن ٿا.
مسلم ليگ جي سينئر ليڊر ۽ دفاع واري وزير خواجہ آصف پوري افغان قوم کي ملڪ دشمن قرار ڏيئي ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ حنيف عباسي پڻ افغانين لاءِ اھڙي زبان استعمال ڪئي آھي. پوري قوم تي اھڙو الزام ھڻڻ سمجھ کان ٻاھر آھي. جڏھن افغانستان مان آمريڪا جي فوج نڪتي ھئي ان وقت تہ آصف خواجہ خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو ھو تہ ھڪ آمريڪا جو نظام آھي ٻيو خدا جو نظام آھي جنھن افعانستان کي فتح ڏياري آھي. ھن آمريڪا جي وڃڻ تي خوشي جو اظھار ڪندي افغانين کي مسلمان ڀائر چيو ھو مگر ڪجھ سالن ۾ ھاڻي انھن ڀائرن کي دشمن ٿو سڏي. تاريخ ۾ ڏٺو وڃي تہ پاڪستان ڪابل کي فتح ڪرڻ جون دعوائون ڪندو رھيو آھي، آمريڪا سان گڏجي طالبان خلاف جنگ بہ وڙھندو رھيو آھي، روس جي خلاف افغانستان ۾ جھاد ڪندو رھيو آھي. لکين افغانين کي پاڪستان ۾ رھايو ويو آھي مگر ھن وقت ھو افغانين کي پنھنجو دشمن ٿا سمجھن. خبر ناھي ان دشمني سان پاڪستان کي ڇا ڀوڳڻو پوندو ڇوتہ ملڪ ۾ رھندڙ پٺاڻ افغانين کي پنھنجي قوم جو حصو سمجھن ٿا سو ھي افغانين سان گڏ پٺاڻن کي بہ ناراض ڪري رھيا آھن.
سنڌ کي تہ ھميشہ ڌارين جي آبادڪاري تي عتراض رھيو آھي مگر پنجاب تہ ھميشہ مسلمان ڀائر چئي ملڪ ۾ ڌارين کي آباد ڪيو آھي. ڪراچي ۾ اڄ افغاني ڪابل کان وڌيڪ ٿا رھن جنھن جو ڪريڊٽ پڻ پنجابي اسٽيبلشمينٽ کي وڃي ٿو. سنڌ جو اھو پراڻو مطالبو آھي تہ افغانين کي پنھنجي ملڪ ۾ وڃڻ گھرجي مگر ھن وقت افغانين کي رڳو پنجاب مان ڪڊيو پيو وڃي ۽ ٻين صوبن ۾ اھڙي ڪا خاص مھم نٿي ھلي جھڙي طريقي سان پنجاب ۾ ھلي رھي آھي سو ھن وقت پنجاب افغانين سان بہ سڌي تڪراءَ ۾ آھي.
بلوچن تي وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ناھي ڇو تہ بلوچستان ۾ ھلندڙ ويڙھ جو کاڄ عام بلوچ بہ ٿي رھيو آھي، بلوچن خلاف بہ سوشل ميڊيا تي نفرت ظاھر ڪئي پئي وڃي. سو مان سمجھان ٿو ملڪ کي ھلائڻ وارن کي سمجھڻو پوندو تہ ھي ملڪ سڀني قومن جو آھي ۽ اھڙي نفرت ڪرڻ سان ملڪ کي وڌيڪ نقصان ٿيندو ۽ انڪري ھي وقت آھي جيڪي سياسي پارٽيون نفرت واري سياست ڪن پيون انھن کي شٽ اپ ڪال ڏجي نہ تہ ملڪ جو وڏو نقصان بہ ٿي سگھي ٿو.
______________

ماجد مقصود گذريل پندرھن ورھين کان سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪالم لکندو رھي ٿو. ھُو ميرپورخاص ۾ رھي ٿو