Editor's pickMain Slideنساني حَقَ

پنھنجي حقن لاءِ برطانوي عورتن جي جدوجهد  

سنڌ يا پاڪستان يا ھِن خطي ۾ عورتن کي برطانيه جي سفروجيٽس عورتن جي جدوجهد مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي سگهي ٿو. کين سندن حق حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوندي

عورتن کي سمجهڻو پوندو ته اها سندن قسمت ناهي ته اها ڪاري ٿي مارجي وڃي، پڙهائي ۾ پوئتي رهجي وڃي، سندس زوريءَ شادي ڪرائي وڃي، رڳو ٻار سنڀالڻ ۽ رڌڻي تائين محدود هجي ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ نه ڪري سگهي

عبدالله عثمان مورائي

هي دنيا پاڻ کي تمام گهڻو علم سيکاري ٿي، ڪٿي اسان سکڻ لاءِ حاضر آهيون ته ڪٿي ٻيا ڪو علم سکندا هوندا. هر شئي جي ڄاڻ هئڻ يا رکڻ ممڪن ناهي پر وقت سان گڏ ماڻهو سکي ۽ ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ۽ جيترو ممڪن ٿي سگهي ماڻهو پاڻ ٻين مان سکي ۽ جيڪڏهن ڪا ڄاڻ پاڻ حاصل ڪري ته اها وري ٻين کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪري. سياڻن جو چوڻ آهي ته علم سکڻ سان ملندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ڪو علم سکڻ مهل موجود هجن ته انهن جو فرض آهي ته جيڪو علم  اهي سکن اهو جيڪي اتي غير حاضر آهن انهن تائين پهچائين. ماڻهو ڪوشش ڪري ته جاڏي به وڃي ته اتان جي ٿوري گهڻي تاريخ پڙهي پوءِ وڃي ته اتي گهمڻ ڦرڻ جو مزو ٿورو وڌيڪ ايندو ۽ ماڻهو اتان جي انسانن يا شين کي هڪ ٻئي نقطه نظر سان ڏسي ۽ پرکي سگهي ٿو.

 پاڻ ماضي، حال ۽ مستقبل ۾  جيڪو فرق ڪري يا ٻڌائي سگهون ٿا اهو ممڪن تڏهن ٿئي ٿو جڏهن پاڻ شين ۾ تبديلي ڏسون ٿا پر جيڪڏهن شيون هڪ جاءِ تي ڄمي بيهي رهن ته پوءِ ماضي، حال ۽ مستقبل جي معني ئي اجائي ٿيندي. جڏهن به برطانيه يا خاص ڪري لنڊن وڃڻ ٿيندو آهي ته اتي عورتن جي آزادي ۽ سندن زندگي جي هر ڪارونهوار ۾ مردن سان برابري ڏسڻ ۾ ايندي آهي، برطانيه ته ڇا پر اولهه جي لڳ ڀڳ سڀني ملڪن ۽ معاشرن ۾ عورت کي گهڻي قدر مردن جي برابر حق ۽ آزادي حاصل آهي. پر پاڻ اڄ برطانيه ۾ جيڪا عورتن کي آزادي آهي ان بابت ڪجه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، عورتن کي جيڪا اڄ برطانيه ۾ آزادي مليل آهي ان ۾ اتان جي عورتن جي ماضي ۾ پنهنجي وڏي جستجو ۽ ڪوشش شامل آهي جنهن کين هاڻي هڪ سٺو حال ۽ مستقبل ڏنو آهي نه ته اتي به معاشرو رڳو مردن جي اردگرد پئي ڦريو، جتي عورتن کي نه هئڻ برابر حق هئا. اهي حق يا خاص ڪري ووٽ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ  برطانيه ۾ عورتن کي وڏي جدوجهد مان گذرڻو پيو آهي، برطانيه ۾ عورت کي ووٽ ڏيڻ جي حق واري جدو جهد لڳ ڀڳ هڪ صدي کائي وئي . ان تحريڪ جو نالو سفروجيٽس هيو جيڪا پنکرسٽ خاندان جي عورتن وومينس سوشل ائنڊ پوليٽيڪل يونين جي نالي هڪ تنظيم  جيڪا 1903ع ۾ وجود ۾ آئي جي پليٽ فارم تان فرسٽ ورلڊ وار ۽  ويهين صدي جي شروعاتي سالن جي وچ ۾ شروع ڪئي. عورتن جي اها تنظيم جنهن جو رنگ واڱڻائي، اڇو ۽ سائو هيو عورتن کي سندن ووٽ جو حق ڏيارڻ لاءِ انتهائي مخلص هئي.  ڊائيان ايڪنسن  پنهنجي ڪتاب رائيز اپ وومن ۾ سندن ان جدوجهد بابت تفصيل سان لکيو آهي.

  ايڪنسن ڪتاب ۾ لکي ٿي ته برابري جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن کي وڏا وڏا مارچ ڪرڻا پيا ۽ 1906ع تائين ڪٿي ڪٿي انهن کي ٽپال جا دٻا ساڙڻا پيا، ڪٿي ڪٿي انهن کي حڪومت جي مک ماڻهن جي گهرن يا آفيسن جھڙوڪ خزاني جي آفيس، گهرو کاتي ۽ ڪائونسل جي درن ۽ دروازن جا شيشا ٽوڙڻا پيا. سال 1912ع تائين انهن عورتن ڪي 270 عمارتن تي حملا ڪيا. سال 1914ع ۾ نيشنل گئلري لنڊن ۽ برٽش ميوزم تي پڻ حملا ٿيا. ڪٿي ته ان کان به وڌيڪ کين ٻه وکون اڳتي هٿيار بند جدوجهد طرف به وڃڻو پيو جيڪو ان وقت جي عورتن جي لاءِ ايترو سولو نه هيو ۽ سندن ڪافي ميمبرن کي اهو عمل ڏکوئيندڙ به محسوس ٿيو.

برطانيه ۾ 1832ع ۾ ووٽ ڏيڻ وارن سڌارن کان پوءِ رڳو اٺ لک مرد جيڪي ذاتي ملڪيتن جا مالڪ هئا انهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو. اهو سڌارو ناانصافيءَ تي ٻڌل هيو. 1867ع ۾ انگريز فلاسافر جان اسٽوارٽ مل ان ناانصافي خلاف آواز اٿاريو ته عورت جيڪا ٽيڪس به ڏئي ٿي اها ڇونه پنهنجا نمائندا پاڻ نه ٿي چونڊي سگهي؟ ايڪنسن وڌيڪ لکي ٿي ته برطانيه جي سوشلسٽ  ليبر پارٽي به ان ڳالهه تي خاموش تماشائي بڻيل هئي  جيڪا هونءَ ته برابري تي يقين رکندي هئي پر سوشلسٽ  ليبر پارٽي جي اڳواڻن کي رڳو اهو ڊپ هيو ته جيڪڏهن عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو ته رڳو اهو شايد امير عورتن کي ملندو جنهن سان رڳو ڪنزرويٽو ۽ لبرل پارٽي جي واڌ ويجهه ٿيندي. ويهين صدي جي شروعات تائين به شيون منجهيل هيون جن جو دڳ نه پئي مليو.

 جڏهن ڪا به ڳالهه اڳتي نه پئي وڌي ته املين پنکرسٽ ۽ سندس ڌي سلويا شيون پنهنجي هٿن ۾ کنيون ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن سان له وچڙ ۾ آيون ته جيئن عورتن کي ووٽ ڏيارڻ جو حق اسميبلي مان ڏيارجي پر پارليامينٽ جي ميمبرن سندن هڪ به نه ٻڌي سواءِ جان سلاڪ جي جيڪو لبرل پارٽي جو نمائندو ۽ پارليامينٽ جو ميمبر هيو. جان فيصلو ڪيو ته عورتن جي ووٽ ڏيڻ جي حق بابت اسيمبلي ۾ سوال اٿارجي ۽ هڪ ميمبر جي حيثيت سان هن خانگي بل جمع ڪرايو ۽ تجويز ڏني ته قانون ۾ تبديلي ڪئي وڃي. جڏهن اهو بل اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو ته ان کي ڪا خاص اهميت نه ڏني وئي ۽ ميمبرن ٻين شين تي پئي بحث ڪيا. آخر ۾ جڏهن جان جو عورتن جي ووٽ ڏيڻ واري حق بابت بل جو اعلان ٿيو ته سڀئي ميمبر کليا ۽ تاڙيون وڄايائون ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ بحث پورو ٿي ويو.

ھيءَ اها گهڙي هئي جڏهن پنکرسٽ سوچيو ته جيڪڏهن اهي عورتن کي ووٽ جو حق واقعي ڏيارڻ چاهين ٿيون ته کين هاڻي حڪمت عملي بدلائڻي پوندي ڇاڪاڻ ته سندن نرم آواز ۾ ڪيل گُهر جو ڪوبه کڙ تيل نه پئي نڪتو. انهن سمجھيو ته هاڻي وقت آهي ته اسان منهن مُقابل ٿي پنهنجن حقن لاءِ جنگ جوٽيون ۽ ماڻهن کي جهنجهوڙيون. سندن تنظيم جو نئون نعرو هيو “ ڊيڊس ناٽ ورڊس“. پنکرسٽ جي ٻي ڌي ڪرسٽابيل ۽ هڪ فيڪٽري جي مزدور ايني ڪيني اڳواڻي ڪندي مانچسٽر ۾ رٿيل لبرل پارٽي جي هڪ ريلي ۾ مداخلت ڪئي. سندن هٿن ۾ بينر هيا ته ڇا اوهان عورتن لاءِ ووٽ ڏيندئو؟ اتي پوليس سندن مداخلت کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين اتان پري ڪيو ويو. مٿن  رخنو وجهڻ جو ڪيس ڪيو ويو ۽ ڪرسٽابيل تي مٿان وري ٻيو ڪيس به ٿيو جو ان ڏنڊ جا پيسا نه ڀريا جنهن جي ڪري کيس ڪجهه ڏينهن لاءِ جيل ۾ وڃڻو پيو. ان ڳالهه ماڻهن  جي توجهه سندن تنظيم ۽ هنن طرف ڇڪائي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندن بابت قومي سطح جي ميڊيا ۾ خبرون هليون ۽ سندن خبر ٽائيمز اخبار ۾ ڇپي.

توڙي جو سندن ٿوري آمراڻي رويي جي ڪري سندن  تنظيم ۾ ڪجهه بغاوت پڻ ٿي پر ان هوندي به املين پنکرسٽ ۽ سندس ڌيئرن سلويا ۽ ڪرسٽابيل جي عورتن جي ووٽ ڏيڻ جي حقن لاءِ جدوجهد پوري برطانيه جي عورتن کي سندن سحر ۾ گهيري ڇڏيو هيو. ڪرسٽابيل کي قانون جي ڊگري هئي جيڪا هن فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئي پر کيس عورت هئڻ جي ڪري وڪالت ڪرڻ جي اجازت نه هئي. عورتن ۾ سندس سحر ايترو هيو جو عورتون پنهنجن ڪپڙن تي سندس تصوير جي ربن لڳائينديون هيون. سلويا مانچسٽر آرٽ اسڪول ۽ رائل ڪاليج آف آرٽس مان پڙهي هئي ۽ سندس تعليم سندن تنظيم جا بينر۽ ميمبرشپ ڪارڊ ٺاهڻ جي ڪم آئي.

 عورتن کي جيل وڃڻ جي ڪري سندن تنظيم کي هڪ سڃاڻپ ته ملي پر کين جڏهن جيل جو منهن ڏسڻو پيو ته اها حقيقت سامهون آئي ته جيل ۾ ته عورت قيدياڻين سان مرد قيدين کان به گهٽ درجي جو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي.  اڻوينهين صدي ۾ سياسي قيدين کي اها اجازت هئي ته هو پنهنجا خانگي ڪپڙا پهري ٿي سگهيا، ڪتاب پڙهي ٿي سگهيا، خط وغيره لکي ٿي سگهيا ۽ هڪ ٻئي سان ڳالھ ٻولھ ۽ ميل جول ڪري ٿي سگهيا پر جڏهن عورتون سياسي قيدي ٿي آيون ته کين خبر پئي ته اهي سهولتون ته رڳو مرد سياسي قيدين لاءِ هيون ۽ عورتن کي عام ڏوهاري قيدين وانگر ٿي رکيو ويو جنهن ۾ کين جيل جا ڪپڙا پائڻا ٿي پيا، فرش کي صاف ٿي ڪرڻو پيو ۽ انهن لاءِ رڳو قيدِ تنهائي هئي. اها ڳالهه انتظاميه وساري ويٺي ته اهي عورتون ته ڪي عام ڏوهاري قيدي نه پر سياسي ۽ ويڙهاڪ تنظيم سان واسطو رکن ٿيون.  عورتن اها ناانصافي ڏسي سندن اسٽيٽس کي بدلائڻ لاءِ جيل اندر بک هڙتال ۽ احتجاج شروع ڪيو. ميرين ڊونلوپ والس اها پهرين عورت هئي جنهن جيل اندر جولاءِ 1909ع ۾ بک هڙتال ۽ احتجاج شروع ڪيو جنهن کي ڏسي ٻين عورتن به سندس ساٿ ڏيندي بک هڙتال شروع ڪئي. اهو طريقو کين ڪم آيو ۽  جلد ئي صحت جي بنياد تي  ڪافي عورتن کي آزاد ڪيو ويو. 

 جڏهن بک هڙتال ۾ تيزي آئي ته جيل انتظاميه کي سختي ڪرڻي پئي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو سيپٽمبر 1909ع ۾ عورتن کي زوريءَ پائيپن جي ذريعي نڪ ۽ پيٽ ۾ کاڌو وڌو ويندو هيو. ان قسم جي زوري کاڌي کارائڻ واري تڪليف واري عمل مان پهرين ميري لي کي گذرڻو پيو. ميري لي اها عور ت هئي جنهن 1912ع ۾ ڊبلن ۾ ان وقت جي وزير اعظم هربرٽ تي ڪهاڙي اڇلائي هئي. ان سڄي عمل کي ڏسي پارليامينٽ جا ميمبر ۽ ميڊيڪل سان واسطو رکندڙ ماڻهو ڊڄي ويا ۽ اخبارن ان عمل کي تشدد لکيو. ان جي باوجود جيل انتظاميه عورتن کي زوري کاڌو ڏيندي رهي. 1914ع ڌاري کان انهن عورتن کي ان کاڌي ۾ نشي آور يا ننڊ ڏيارڻ واريون شيون پئي ڏنيون جنهنجو مقصد هيو ته کين سست ڪري ڇڏجي ۽ سندن مظاهمت واري عمل کي گهٽائي سگهجي. ان عمل جي پهرين شڪار ڪٽي ميرين ٿي جنهن جو موسيقي جي دنيا سان واسطو هو. جڏهن ان عمل سان ڪافي عورتون صفا ڪمزور ٿي ويون ته انهن کي ان شرط تي جيل مان آزاد ڪيو ويو ته اهي رڳو گهرن تائين محدود رهنديون ۽ جيڪڏهن انهن پنهنجو وزن وڌايو ته کين وري جيل ۾ بند ڪيو ويندو پر آزادي ملڻ کانپوءِ عورتون وري پنهنجي تنظيم سان جڙي ويون ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ جاري رکي. 

 عورتن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي مخالفت ڪندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جي خالي پيل گهرن کي پڻ ساڙيو ويو ۽ سندن خيال هيو ته انهن ميمبرن کي جاڳائڻو آهي. سندن ڪن سخت عملن جي ڪري عوام سندن مخالف ٿي بيٺو ۽ ڪٿي ڪٿي وري پوليس کي انهن سفروجيٽس عورتن جي حفاظت ڪرڻي پي پئي.  پوليس جو تشدد هونءَ ته هيو پر 10 نومبر 1910ع تي انهن عورتن تي تمام گهڻو ڏکيو وقت آيو جڏهن املين پنکرسٽ سندس 300 ساٿي عورتن سان گڏجي پارليامينٽ جي طرف مارچ ڪيو ۽ پوليس وارن انهن تي حملو شروع ڪيو جنهن مان اڌو اڌ عورتن تي جسماني ۽ جنسي حملا ڪيا ويا ۽ سندن ٻه ساٿي عورتون انهن حملن ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ مري پڻ ويون. ان ڏينهن کي تاريخ ۾ بليڪ فرائيڊي لکيو  وڃي ٿو. انهن عورتن ونسٽن چرچل کي خط پڻ لکيا. ساڻن جيڪو سلوڪ ٿيو انهن بابت ٽائيمز اخبار پڻ انهن خطن کي شايع ڪيو. 1913ع ۾ انهن عورتن جي هڪ ساٿي املي ڊيونسن ڊربي ۾ بادشاهه جارج پنجين جي گهوڙي جي اڳيان پنهنجو پاڻ ڏنو جنهن جي ڪري هوءِ پڻ مري وئي. سندس آخري ڪالم جيڪو ڇپيو ان ۾ هن پنهنجي حياتي کي عورتن جي ووٽ ڏيڻ واري حق حاصل ڪرڻ واري مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو.

1914ع ۾ يورپ ۾ جنگ معاشري جو عورتن طرف رويو بدلايو ۽ انهن پنهنجي سوچ کي پاڻ طرف ۽ معاشري طرف بدلايو. عورتن جي هن تنظيم ۾ پڻ ڪافي بحث مباحثا ٿيا ته ڪهڙي طرف وڃڻ گهرجي. بهرحال جڏهن شايد وطن جي ڳالهه آئي ته پاڻ محب وطن هئڻ جو مظاهرو ڪيائون ۽ سندن مئگزين ۾ جرمنس جي مذمت ڪئي وئي. 1917ع ۾ سندن مئگزين جو نالو بدلائي برطانيه رکيائون ۽ جنگ جي دور ۾ ڪجهه وقت لاءِ جنگ بندي جو اعلان پڻ ڪيائون. سندن سڀئي ساٿي عورتون ڏهن ڏينهن جي اندر جيلن مان آزاد ٿي ويون. هن جنگي ماحول ۾ عورتن جي هاڪاري ڪردار کي مڃيو ويو ۽ ان کي سامهون آندويو ۽ عورتن جي معاشري تي اثر کي سمجهيو ويو.  

جڏهن مردن کي جنگ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو ته عورتن کي مردن واري جڳهه تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو جنهن سڄي ملڪ کي بدلائي ڇڏيو. جيڪي مرد ڪم ڪندا هيا جن ۾ قبرون کوٽڻ، بيڪري، ڊکڻ، چمنيون صاف ڪرڻ يا ايمبولنس جي ڊرائيوري ڪرڻ اهي سڀ عورتن پنهنجي ذمي کنيا. پر اتي به عورتن کي گهٽ پگهار پئي ملي پر معاشري سندن جنگي ماحول ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ تي کين ساراهيو. سندن ڪردار ڏسي ڪافي ماڻهن کي سندن خلاف غلط وسوسن کي سندن دماغ مان ڪڍڻو پيو جنهن ۾ هربٽ پڻ شامل هيو جيڪو سندس وزير اعظم واري دور ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي حق ۾ بلڪل به نه هيو. ان جو رويو به تبديل ٿيو ۽ هن به محسوس ڪيو ته هو غلط هو. شيون ڏاڍي تيزي سان تبديل ٿي رهيو هيون.

6 فيبروري 1918ع تي ريپريزينٽيٽو آف دي پيپل ائڪٽ قانون تبديل ٿيو جنهن ۾ عورتن کي سڀ ته نه پر ڪجهه حق مليا جنهن کي انهن ڪاميابي طرف هڪ قدم اڳتي تصور ڪيو. ڪرسٽابيل جو خيال هو ته اهو قانون جلديءَ ۾ ان ڪري پاس ڪيو ويو آهي ته متان هي سفروجيٽس عورتون وري نه هڪ دفعو هن جنگي ماحول ۾ جنگ طرف موٽن. هن قانون ۾ انهن عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو جيڪي ٽيهن سالن جون هيون ۽ کين يا سندن مڙسن کي پنهنجو گهر يا ٻي ڪا پراپرٽي هئي يا اهي ڇوڪريون جيڪي برطانيه مان گريجوئيٽ هيون يا ان جي برابر ڪنهن ٻئي هنڌان ڪا ٻي ڊگري هئن، اهي به ووٽ ڏيڻ جون حقدار ٿيون. پر اڃا به ڪافي عورتون ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم هيون.

اها سندن هڪ وڏي ڪاميابي هئي پر جنگ ۾ جاني ۽ مالي نقصان ۽ خوفناڪين جي ماحول جي ڪري ڪنهن جو به موڊ نه هيو ته ان ڪاميابي کي زور ۽ شور سان ملهائجي. سفروجيٽس عورتن کي اها به ڳاله ذهن ۾ هئي ته اڃا پاڻ کي مڪمل حق ناهن مليا جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جيئن ووٽ ڏيڻ وارن حقن ۾ اڃا سڌارا آندا وڃن. عورتن 1919ع ۾ هڪ ٻي ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن ۾ کين زندگي جي هر ڪارونهوار ۽ شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ساڳئي سال نينسي استور پهرين برطانيه جي عورت ميمبر بڻي ۽ 1924ع تائين 8 ٻيون عورتون پڻ پارليامينٽ ۾ پهچي ويون. ان دور ۾ عورتن جي حقن کي وڌيڪ سنجيدگي سان ڏٺو ويو ۽ کين 1920ع ۾ ڌوڪي باز مڙسن کي پاڻ طلاق ڏيڻ جي اجازت پڻ ملي. 1928ع اهو آخري سال هيو جڏهن عورتن تان سڀ پابنديون ختم ٿي ويون ۽ 21 سالن جي هر عورت کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو ۽ هاڻي پاڻ جڏهن برطانيه وڃون ٿا ته اتي عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ مردن سان گڏوگڏ ۽ ڪٿي ڪٿي ته انهن کان به اڳيان ٿا ڏسون. 

آءُ سمجهان ٿو ته سنڌ يا پوري پاڪستان يا پوري پاڻ واري خطي ۾ عورتن کي برطانيه جي سفروجيٽس عورتن جي جدوجهد مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي سگهي ٿو. آءُ سمجهان ٿو ته کين سندن حق حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوندي. منهنجي خيال ۾ ان جي پهرين ڪڙِي اها آهي ته عورتن کي وڌ ۾ وڌ علم حاصل ڪرڻو پوندو ۽ کين اهو سمجهڻو پوندو ته اها سندن قسمت ناهي ته اها ڪاري ٿي مارجي وڃي، پڙهائي ۾ پوئتي رهجي وڃي، سندس زوري شادي ڪرائي وڃي، رڳو ٻار سنڀالڻ ۽ رڌڻي تائين محدود هجي، پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ نه ڪري سگهي، بيمارين جي ور چڙهيل هجي، مڙس ٻاهرين مسئلن جي ڪاوڙ پنهنجي زال، ڀيڻ يا ماءُ مان ڪڍي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ مسئلا جيڪي پاڻ وٽ عورت کي تمام ڪمزور ڪيو ويٺا آهن. آخر ۾ آءٌ عورتن کي اهو ئي چوندس ته جاگتي رهنا ساڊي تي نه رهنا.

____________

ليکڪ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو سُئيڊن ۾ آباد آھي ۽ وڏي عرصي کان ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button