Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

قصو ھڪ شھنشاھ جو جنھن چين اندر جاگيرداري رياستن جو خاتمو آندو

چيني شھنشاهه شي هوانگ تي (259-210 ق. م)  حڪومتي جاگيرداري نظام کي رد ڪري  سڄي سلطنت کي 36 صوبن ۾ ورهايو. هر صوبي جو هڪ گورنر هوندو هو جنھن  کي ھڪ صوبي کان ٻئي صوبي بدلي بہ ڪيو ويندو ھو. انھيءَ شھنساھ ديوارِ چين جي اڏاوت ڪرائي

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

هوائي جھاز ۾ (چين مان واپسيءَ جو سفر): بئنڪاڪ کان ڪراچي جو سفر ساڍن چئن ڪلاڪن جو آهي. جيڪو انشاءَ الله خير سان پورو ٿيندو ۽ وڃي پنھنجن ٻچڙن سان ملنداسين. گوانچو ۾ ايئرپورٽ تي منھنجي عينڪ جي پن نڪري ويئي، جيڪا لاهي بيگ ۾ رکيم، جنھن ڪري لکڻ ۾ ٿوري ڏکيائي پئي ٿئي. ٻه مھينا چين ۾ گذارڻ ۽ ان دوران چين جي ترقي جي پنھنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي افسوس اهو پي ٿيو ته اسان ترقي بدران تيزيءَ سان منزل ڏانھن وڌي رهيا آهيون. ملڪ جو آئيندو ڇا آهي ان جي هڪ جهلڪ قيصر بنگالي جي انٽرويو مان پئي ٿي، جيڪو چوي ٿو ته ”ملڪ جي معيشيت پنھنجي جاءِ تي پر ملڪ ئي ٻُڏي رهيو آهي.“

*

ٻئي پاسي اهي تجزيا آهن ته ڪي. پي. ڪي ۽ بلوچستان هاڻ نو رٽرن پوائنٽ تائين پھچي چڪا آهن. پنجاب ته هونئن ئي ’ماءِ باپ‘ آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو آئيندو ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، رات وچ ۾ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته سنڌ في الحال ته جيڪي حڪمران هوندا، انهن جي بلي هوندي، پر پوءِ جيڪي لساني، ثقافتي، معيشتي ۽ ٻيا مسئلا اٿندا، انهن لاءِ هڪ ڊگهي مُدي واري ڊائلاگ جي گهرج پوندي. اردو ڳالهائيندڙن جي تنظيمن جي بلئڪ ميلنگ ۾ اچڻو پوندو. ستر سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر هو ذهني طور تي سنڌ ۽ سنڌين کي پنھنجو نٿا سمجهن ۽ هڪ مخصوص ذهنيت ۽ سپيرارٽي ڪامپليڪس جو شڪار آهن. بھرحال اهي وڏا معاملا آهن، پر اسان وٽ ڪي تنظيمون نه آهن، جيڪي انهن پاسن ڏانھن هينئر کان ئي هوم ورڪ ڪن.

جھاز ۾ اسان سان گڏ ڪراچيءَ جا ٻه ڪاٺياواڙي ميمڻ عبدالصمد ۽ محمد طلحه به گڏ هئا. جيڪي ڏاڍا سٺا همراهه هئا، گوانچو ۾ بورڊنگ مھل عبدالصمد، جيڪو منھنجي اڳيان بيٺو هو، ان کي چيم تہ بئنڪاڪ ۾ ٻئي جھاز تائين پھچڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪجو، جو اتي وقت تمام گهٽ يعني ٻه ڪلاڪ آهي ۽ متان اسان ايئرپورٽ جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿي نه وڃون . محمد طلحه جيڪو پڻ عبدالصمد سان گڏ هو، ان وشال کي سٺو ريسپانس ڏنو ۽ هڪٻئي کي پنھنجا وي. چيٽ نمبر ڏنا، جن تان پوءِ وشال اسان سان گوانچو ايئرپورٽ تي ڳالهايو. هو پاڻ ۾ ڪاٺياواڙي يعني ’ڪرو ڪرو‘ واري ٻولي ڳالهائي رهيا هئا، ته پوءِ اسان پاڻ ۾ سنڌي ۾ شروع ٿي وياسين. پوءِ ته هنن بار بار اسان کي جوس ۽ پاڻيءَ جون بوتلون ٿي ڏنيون، جنھن تي سندن مھرباني مڃي چيم ته ”يار اسان کي ضرورت نه آهي. تنھنڪري تڪليف نه ڪيو.“ دل ۾ آيم ته آهن ته وري به سنڌي نه. اها مھمان نوازي جي عادت ڪٿي ٿي وڃي. طلحه چيو ته، ”اوهان جو پُٽ اسان کي اوهان جي پارت ڪري ويو آهي، سو هاڻ اسان جو اهو فرض آهي، ڪراچي تائين اها ذميواري نباهيون.“ هنن اسان کان هٿ بئگون وٺي به پاڻ کنيون. هنن ٻڌايو ته اسان هر ٽئين، چوٿين مھيني چين ايندا آهيون ۽ موبائيل ايڪسيسريز جو بزنيس ڪندا آهيون. چين مان اهو سامان وٺي ھوائي جھاز يا سامونڊي جھاز ذريعي  ڪراچي موڪليندا آهيون ۽ اسان کي سٺي روزي ملي ويندي آهي.

عبدالصمد ۽ محمد طلحه جيترا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ايئن ڪاروبار ڪن ٿا ۽ سٺو ناڻو ڪمائين ٿا.

چين هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنھن جي تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان ان جا ڪيترائي دور نظر اچن ٿا. چيني تاريخ پڙهبي ته ان ۾ چيني شھنشاهه شي هوانگ تي (259-210 ق. م) جي وڏي اهميت آهي، هن پھريون ڀيرو فوجي طاقت سان چين کي متحد ڪيو ۽ جيڪي سُڌارا لاڳو ڪيا، انهن چين جي تھذيبي ٻڌيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي اڃا تائين اثرائتا آهن. شھنشاهه شي هوانگ تي (چين ۾ کيس سي هوانگ به چيو وڃي ٿو) ننڍيون ننڍيون جاگيردار رياستون ختم ڪيون ۽ ملڪ کي منظم ڪري جيڪي سڌارا لاڳو ڪيا، انهن ۾ هن سڄي حڪومتي جاگيرداري نظام کي رد ڪري ڇڏيو. سڄي سلطنت کي 36 صوبن ۾ ورهايو. هر صوبي جو هڪ گورنر هوندو هو. جنھن کي شھنشاهه مقرر ڪندو هو. ’شي هوانگ تي‘ اهو فرمان پڻ جاري ڪيو ته صوبائي گورنر جو عھدو وراثتي بنياد تي نه ڏنو وڃي. جنھن سان اهو سلسلو هليو ته ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ گورنر هڪ صوبي مان ٻئي صوبي ۾ بدلي ٿيڻ لڳو. جيئن ڪو گورنر بااختيار ٿيڻ يا بغاوت ڪرڻ يا انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. شي هوانگ تي، ملڪ ۾ رڳو سياسي ۽ فوجي ايڪتا تي ئي صبر نه ڪيو، پر هن واپاري شعبي کي به منظم ڪيو. هن سڄي ملڪ ۾ ماپ ۽ تور جو هڪ گڏيل نظام لاڳو ڪيو. سِڪن کي معيار بخشيو. مختلف اوزارن ۽ ڇڪڙن جي دُرين کي بھتر بنايو، رستن، ندين ۽ نھرن جي اڏاوت ۽ کوٽائيءَ جي نگراني ڪئي. هن سڄي چين ۾ منظم قانونن جو ضابطو لاڳو ڪيو ۽ تحريري زبان کي معياري بنايو.

شھنشاهه جو سڀني کان مشھور (يا وڌيڪ بدنام) ڪم سندس اهو قدم هو، جو هن 213 قبل مسيح ۾ هڪ فرمان تحت چين ۾ سڀني ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو. البت ڪجهه ڪتابن کي ان حڪم کان آجو رکيو، جيڪي زراعت ۽ طب جي موضوع تي يا وري ”چن گهراڻي“ جي تاريخ بابت هئا. يا وري شريعت پسند ليکڪن جي فلسفياڻين لکڻين تي ٻڌل هئا، پر ٻين سڀني مڪتبه فڪر جي لکڻين کي ڪنفيوشس جي لکڻين سميت تباهه ڪيو ويو. البت هن اهو حڪم جاري ڪيو ته سڀني ڪتابن جون ڪاپيون شاهي ڪتب خاني ۾ محفوظ رکيون وڃن، جيڪو گاديءَ جي هنڌ ۾ هو، انهن ڪتابن ساڙائڻ جي ڪري ڪنفيوشس مت جي ليکڪن ’شي هوانگ تي‘، تي لعنت ملامت ڪئي ۽ کيس آمر، وهم پرست، حرامي ٻار ۽ ننڍڙو ماڻهو قرار ڏنو، جڏهن ته ٻئي طرف چيني اشتراڪيت پسندن کيس هڪ ترقي پسند مفڪر جي حيثيت سان داد ڏنو.

دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ عجوبو ديوار چين (Great wall) جنھن کي چيني زبان ۾ وان لي چانگ چنگ (Wan li chang chang) سڏيو ويندو آهي، جيڪا ڏهه هزار ميل ڊگهي، ۽ ويڪري ايتري آهي جو ان تي ٽي گهوڙا هڪئي وقت ڊوڙي سگهن ٿا، ٻن ٻن ميلن جي مفاصلي تي ان ۾ ننڍا ننڍا قلعا ٺاهيا ويا آهن، ته جيئن ان ۾ هر وقت فوج موجود رهي. اها به شھنشاهه ’شي هوانگ تي‘ حملي آورن کان بچاءَ لاءِ ٺھرائي. جنھن ۾ پوءِ وقت بوقت ٻيا حڪمران خاندان واڌارو ڪندا رهيا.

شھنشاهه شي هوانگ تي اهو پھريون حڪمران هو، جنھن چين کي متحد ڪيو، سندس سياسي اقتدار اهميت وارو هو، سندس ٻيا ڪم ۽ ڪارناما ياد هجن يا نه هجن، پر ’ديوار چين‘ ڪڏهن به نه وسرندي.

ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ پنھنجي مشھور ڪتاب The 100 A Raking of the most influential persons of All time ۾ (جنھن جو سنڌي ترجمو راقم ”100 تاريخ ساز شخصيتون‘“ جي نالي سان ڪيو آهي ۽ ان جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن)، ’شي هوانگ تي‘ کي سترهين نمبر تي رکيو آهي. جڏهن ته پنھنجن اثرن جي لحاظ کان مائوزيتنگ کي 89 نمبر تي رکيو آهي.

چين جي تاريخ جي مختلف دورن جي ورقن کي مون پويان ڪٿي ڪٿي ورايو آهي. پر هن موقعي تي ’شي هوانگ تي‘ جو ذڪر به ضروري هو.

_______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button