مَردن جو عالمي ڏھاڙو: مرد جي حقيقي انساني وجود کي سمجهڻ لاءِ وقف ڪيل ڏينھن
ھن ڏينهن جو مقصد اهو ناهي ته مرد کي عورتن جي مقابلي ۾ اجاگر ڪيو وڃي، پر اهو ته سماج ٻنهي جي انساني ضرورتن کي برابريءَ سان سمجهي
اسان مرد جي ڪاميابين کي ساراهيون ته ٿا، پر سندس ٿڪاوٽ، مايوسين ۽ اندروني جنگين کي ڪڏهن اهميت نٿا ڏيون. سماج ۾ مرد جي ذهني صحت بابت ڳالهائڻ اڃا به عيب شمار ٿئي ٿو
عرفان سنڌي
هر سال 19 نومبر تي دنيا عالمي مرد ڏهاڙو ملهائي ٿي، پر سوال اڄ به بيجواب آھي ته ڇا سماج واقعي مرد کي ان جي مڪمل انساني حيثيت سان ڏسي ٿو يا نه؟ اسان جي معاشري ۾ مرد کي هميشه طاقت جو اھڃاڻ سمجهيو ويو آهي، پر هن طاقت جي ظاهري چادر جي پٺيان ڪيترائي اڻ ٻڌا روڳ، اڻ ٻُجھا درد، ۽ سُتل فڪري سوال موجود آهن، جن کي گهڻو وقت نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي. هي ڏينهن ان ئي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ، انھن ئي ڏکن کي زبان ڏيڻ، ۽ مرد جي حقيقي انساني وجود کي سمجهڻ لاءِ وقف ڪيو ويو آھي . عالمي مردن جو ڏھاڙو سڀ کان پهريان 1999 ۾ ڊاڪٽر جيروم ٽيلوڪسنگ (Dr. Jerome Teelucksingh)، جيڪو ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگو ۾ تاريخ جو استاد هو، شروع ڪيو۔ هن 19 نومبر کي ان ڪري چونڊيو ڇو ته اهو سندس پيءُ جو جنم ڏينھن هو، ۽ اهو ڏينهن ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگو جي فٽبال ڪاميابيءَ سان به واسطو رکي ٿو۔

شروع ۾ اهو خيال 1990ع جي شروعات ۾ ٿامس اوستر (Thomas Oaster) طرفان آيو، جنهن مردن جي صحت، سماجي ڪردار ۽ قدرن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي ڏينهن جو تصور پيش ڪيو۔ هن ڏينهن جو مقصد آهي: مردن ۽ ڇوڪرن جي بهتري، مثبت مردانه ڪردار جي نمايان ڪرڻ، گڏيل تعلقات کي مضبوط ڪرڻ، ۽ صنفي توازن جي حساسيت پيدا ڪرڻ۔
اسان جي سماج ۾ مرد کي ننڍپڻ کان ئي مضبوط، بهادر، برداشت ڪندڙ، قربانين لاءِ تيار، ۽ هر حال ۾ خاموش رهندڙ قوت طور پيش ڪيو ويندو آهي. ان تصوير جي نتيجي ۾ مرد جي اندر جا احساس، خوف، دٻاءُ، ۽ نفسياتي مسئلا غير ضروري سمجهيا وڃن ٿا. مرد کي ڪڏهن روئڻ جي اجازت نٿي ملي، ڪڏهن شڪايت ڪرڻ عيب بڻجي وڃي ٿي، ۽ ڪڏهن پنهنجون تڪليفون بيان ڪرڻ کي “ڪمزوري” جي نالي سان رد ڪيو وڃي ٿو. ھن ڏينھن جو مقصد ئي اهو آهي ته مرد کي جذبات سان گڏ انسان طور قبول ڪيو وڃي، سندس دردن کي به انساني سمجھاڻي ملي، ۽ سماج مرد کي صرف “ڪردار” نه پر “مخلوق” طور ڏسڻ سکندو.
اسان وٽ معاشرتي ڳالهيون، خاندان جون ذميواريون، روزگار جو دٻاءُ، مالي مسئلا، بيمارين جا خوف، ۽ وڏن اميدن جو بار اڪثر ڪري مرد جي ڪلهن تي ئي رکيو ويندو آهي. هو ڪيترن ئي ڪمن ۽ ڪردارَن جي وچ ۾ ڇڪجي رهندو آهي—گهر جو محافظ به هو، ٻارن جو ذميوار به هو، والدين جو سهارو به هو، ۽ سماج جو “مضبوط” ماڻهو به هو. اهو سڀ ڪجهه ڪندي هو پنهنجو پاڻ کي وساري ويهي ٿو. مرد کي سختيءَ، مضبوطيءَ ۽ جفاڪشيءَ جي زنجيرن ۾ ٻڌي بيهاريو ويو آهي، ۽ نتيجي ۾ هن جي ذهني صحت مسلسل زوال جو شڪار آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان مرد جي ڪاميابين کي ساراهيون ته ٿا، پر سندس ٿڪاوٽ، مايوسين ۽ اندروني جنگين کي ڪڏهن اهميت نٿا ڏيون. سماج ۾ مرد جي ذهني صحت بابت ڳالهائڻ اڃا به عيب شمار ٿئي ٿو. مرد جيڪڏهن ڪمزوري ظاهر ڪري ته کيس نااهل چيو وڃي ٿو، جيڪڏهن شڪايت ڪري ته کيس “غيرذميوار” چيو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن خاموش رهي ته اندر ئي اندر سڙي ٿو. اڄ جي ڏينهن جو مقصد اهو ناهي ته مرد کي عورتن جي مقابلي ۾ اجاگر ڪيو وڃي، پر اهو ته سماج ٻنهي جي انساني ضرورتن کي برابري سان سمجهي. عالمي انگن اکرن موجب مردن ۾ نفسياتي بيمارين، ڊپريشن ۽ خودڪشي جي شرح عورتن کان وڌيڪ آهي، ۽ ان جو وڏو ڪارڻ اهو سماجي سوچ آهي جنهن مرد کي جذبات لڪائڻ سيکاريو آهي. سماج ان کي هميشه “هار نه مڃيندڙ” قرار ڏنو، پر ڪنهن به هن کان پڇيو ناهي ته ڇا تون ٿڪجي ته نه پيو آهين؟؟ ڇا تون پاڻ سان روز جنگ نٿو ڪرين؟ اڄ جي ڏينهن جو سڀ کان اهم پيغام اهو آهي ته مرد کي به سماعت، سهارو، حوصلا افزائي ۽ جذباتي سهائتا جي اوتري ئي ضرورت آهي جيتري ڪنهن ٻئي انسان کي آھي اسان جي سماج جي هڪ تلخ حقيقت اها به آهي ته مردن کان غلطيون برداشت نٿيون ڪيون وڃن، پر انهن کان ڀرپور قربانيون ضرور گهرجن ٿيون. جيڪڏهن ڪو مرد ڪمزور لمحو ڏيکاري ته کيس مذاق، طعنن يا لتاڙ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن جي معاشي ناڪامي کي شخصيت جي ناڪامي سمجھيو وڃي ٿو. والد، ڀاءُ، پٽ يا مڙس انهن سڀني رشتن جي پٺيان مرد پڻ انسان آهي، پر اسان هن کي انساني درجي بدران هڪ “مشين” سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪا بغير روڪ ٽوڪ هلندي رهندي.
عالمي مرد ڏھاڙو اها ياد ڏيارڻ وارو ڏينهن آهي ته مردن کي پڻ محفوظ، مهربان، احترام ماڻيندڙ ماحول جي ضرورت آهي. سندن ڪاميابين سان گڏ سندن تڪليفن کي به سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. اسان جي ثقافت ۾، ادب ۾، سياست ۾ ۽ صحافت ۾ به مرد کي صرف طاقت جو استعارو سمجهيو ويو آهي، پر ادب ۽ شعور جو ڪردار اهو هجڻ گهرجي ته مرد جي سڄي “انساني حقيقت” کي پيش ڪري. مرد جو احساس به ادب جو حصو هجي، مرد جو درد به سماجي فڪر جو موضوع هجي، ۽ مرد جي ذهني صحت تي ڳالهائڻ به شجاعت قرار ڏنو وڃي.
هي ڏينهن ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته سماجي برابري صرف عورتن لاءِ نه پر سڀني لاءِ هجي. مرد جي خوشي، مرد جي امن، مرد جي نفسياتي صحت، ۽ مرد جي وجودي سڪون کي به سماج جي ترجيح هئڻ گهرجي. اسان وٽ سڄي سال مرد جي ڪردار بابت ڳالهايو وڃي ٿو، پر ڪنهن به ڏينهن هن جي احساسن بابت ڪو سوال ناهي پڇيو ويندو. هي ڏينهن مرد کي اهو حق ڏئي ٿو ته هو به پنهنجي زندگيءَ جي خاموش بابن کي کولهي سگھي، پنهنجي تڪليفن کي لفظ ڏئي سگهي، ۽ سماج به ان کي ٻڌڻ سکندو.
سماج جو گڏيل شعور تڏهن مڪمل ٿيندو جڏهن اسان هر انسان کي سندس حقيقي ضرورتن، احساسن ۽ ڪمزورين سان گڏ سمجهنداسين. مرد جي خاموشي کي طاقت نه، پر دٻاءُ سمجهڻ گهرجي. مرد جي روئندڙ اکين کي شرم نه، پر انساني فطرت سمجهڻ گهرجي. مرد جي ٿڪاوٽ کي نااهلي نه، پر ذميواريءَ جو بار سمجهڻ گهرجي. ان ڏينهن جو سڀ کان وڏو پيغام اهو آهي ته مرد جي جذبات کي به زبان ملي، ۽ مرد کي به سهارو ۽ احترام ساڳي شدت سان ملي جيڪو ڪنهن به انسان جو حق آهي. عالمي مرد ڏهاڙي جو اصل مقصد اهو آهي ته مرد کي هڪ مڪمل انسان طور قبول ڪيو وڃي—هڪ اهڙو انسان جيڪو محبت ڪري ٿو، قربانيون ڏئي ٿو، جدوجهد ڪري ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن اندر ئي اندر ٽٽي به پوي ٿو. هن کي طاقتور هجڻ لاءِ خاموش رهڻ جي ضرورت ناهي؛ هن کي مضبوط رهڻ لاءِ انساني هجڻ جي ضرورت آهي.
آخر ۾ ڳالهه اتي اچي بيهندي آهي جتي سماج کي پنهنجو رويو بدلڻو پوندو. اسان کي مرد لاءِ اهڙو ماحول ٺاهڻو پوندو جتي هو آزادانه ڳالهائي سگهي، روئي سگهي، مدد گهري سگهي، ۽ پنهنجي احساسن کي لڪائڻو نه پوي. هڪ صحتمند، باشعور ۽ انسان دوست سماج ۾ مرد کي به اوترو ئي مقام ۽ جذباتي سهائتا ملڻ گهرجي جيتري ڪنهن ٻئي فرد کي. ڇو ته سماج جو توازن تڏهن قائم ٿيندو جڏهن هر انسان کي چاهي هو مرد هجي يا عورت، سڀني حقن ۽ سڀني احساسن سان برابر جاءِ ملي.
____________

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو



