نانگ نچائڻ کان پڙهڻ ڏانھن سفر
نانگ جي کارِي ڇڏي ڪتابن جو ٿيلھو کڻڻ طرف جوڳي ٻارن جو تعليمي سفر
ليکڪ: الله بخش آريسر
“منھنجي ڀيڻ اڃا تائين پنڻ وڃي ٿي. مان به پنڻ لاء ماءُ سان گڏ ويندي هئس. پر هاڻي جڏهن کان مون اسڪول وڃڻ شروع ڪيو آهي، ته آئون صاف سٿري رهان ٿي منھنجا گھر وارا ۽ پاڙي وارا منھنجي عزت ڪن ٿا،” اهڙن خيالن جو اظھار چمڪندڙ اکين واري جوڳي ڇوڪريءَ ڪويتا ڪيو، جيڪا عمرڪوٽ جي جوڳي ڪالونيءَ ۾ رهي ٿي

ڪويتا جو گهٽين ۾ گودڙي ۽ ڪشتو کڻي خيرات گُھرڻ کان اسڪول طرف ٿيلھو کڻي وڃڻ جو سفر هڪ انتھائي محروم برادريءَ ۾ خاموش پر طاقتور تعليمي تبديليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو .
اهو ان وقت ۽ انڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو جڏهن سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) سنڌ صوبي ۾ 129 غيررسمي تعليم مرڪز قائم ڪري، اسڪول کان ٻاهر رهيل ٻارن کي داخلا ڏيڻ جو عزم ڪيو.
عمرڪوٽ جي جوڳي ڪالوني تاريخي شھر عمرڪوٽ ۾ واقع ڪراچيءَ کان 310 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. عمرڪوٽ مغل بادشاھ اڪبر جي پيدائش جي هنڌ، عمر مارئيءَ جي لوڪ داستان، راڻو مھندرو ۽ مومل جي عشقيہ داستان ۽ کوکراپار موڻاٻائو انٽرنيشنل بارڊر سبب مشهور آهي.
جوڳين ڪڏهن ڪو مستقل ٺڪاڻو نه ٺاهيو ۽ سدائين دربدريءَ واري رُلندڙ زندگي گذاري. پر 1977ع ڌاري ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو انھن جوڳين کي هڪ ڪالوني اڏڻ لاءِ زمين الاٽ ڪري ڏني جتي اها ڪالوني موجود آهي. گھڻو علائقو ٻين ذاتين جي قبضي هيٺ اچي ويو ۽ جوڳي سڀڙي ڳوٺ ۾ وڃي آباد ٿيا.
جوڳي ڪالوني عمرڪوٽ ۾ غيررسمي لرننگ سينٽر نان فارمل ايجوڪيشن سينٽر ۾ هاڻي 182 ٻار زير تعليم آهن، جن ۾ 65 نياڻيون شامل آهن. اها جوڳي برادري جتي پڙهائي جي شرح پنج سيڪڙو کان به گھٽ آهي ۽ جتي نياڻيون ڪڏهن به اسڪول تائين نه پھتيون هيون، اتي هاڻي ڪتاب هٿ ۾ کڻي اسڪول ويندڙ ٻارڙا واقعي هڪ انقلاب آهي.
اهو سفر اهڙي وقت ۾ شروع ٿيو آهي، جڏهن پاڪستان ۾ تعليم جي حوالي سان هنگامي صورتحال آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽ يونيسڪو جي تازن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 62 لک ٻار، يعني 39 سيڪڙو اسڪول وڃڻ واري عمر وارا ٻار، تعليم کان وانجھيل آهن. انهن مان لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 7 لک ٻار پنجن کان نون سالن جي عمر ۾ اسڪول نٿا وڃن، جڏهن ته ڏهن کان ٻارهن سالن جي عمر وارا ٻيا لڳ ڀڳ 49 لک ٻارن ڪڏهن به اسڪول جو در ڏٺو ئي ناهي.

صوبائي سطح تي پنجاب جتي آبادي پڻ وڌيڪ آهي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻار آهن، لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ست ملين يعني ستر لک، خيبر پختونخوا ۾ 3.6 ملين ۽ بلوچستان ۾ لڳ ڀڳ 3.1 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر تعليم کان وانجھيل آهن.
انھن خطرناڪ انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي، وفاقي حڪومت ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تعليم ارڙهين ترميم تحت صوبائي معاملو آهي. پر سنڌ جي ريگستاني علائقن ۾ مقامي سطح تي ڪاميابيءَ سان نتيجا به سامھون اچي رهيا آهن.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) انھيءَ جدوجھد ۾ اڳواڻ طور اُڀري آئي آهي. ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي محروم علائقن ۾ ٻارن جي اسڪول تائين رسائي لاءِ SEF پاران غيررسمي تعليم پروگرام جي شروعات ڪئي وئي، جنھن تحت هاڻي سنڌ ۾ 129 مرڪز هلن پيا.
انھن مان هڪ آهي اڊلٽ اينڊ ايڊوليسنٽ لرننگ اينڊ ٽريننگ پروگرام (AALTP) سينٽر جوڳي ڪالوني ۾، جيڪو ٿر ايجوڪيشن الائنس (TEA) جي مدد سان هلائي رهي آهي. هن ڪالوني ۾ 700 کان وڌيڪ گھر آهن ۽ گھڻو ڪري هتي جي ٻارن کي اسڪول جو منھن ڏسڻ نصيب ئي نه ٿيو هو.
ان کان اڳ گھڻا خاندان پنھنجي روايتي پيشي ذريعي يعني پني روزي ڪمائيندا هئا يا مرليون وڄائي نانگ نچائي ڪرتب ڏيکاريندا هئا. نياڻيون ۽ ٻار پنهنجو روايتي لباس پائي، گھٽين ۾ گھر گھر ويندا هئا. پر اڄ اهي ٻارڙا ڪتاب هٿ ۾ کڻي نظم پڙهن ٿا ۽ پنھنجي نئين سڃاڻپ سان پر اعتماد آهن.
حيران ڪندڙ اها ڳالھ آهي ته Accelerated Learning Packages (A, B, C) ذريعي، جن ٻارن ڪڏهن پينسل به هٿ ۾ نه جھلي هئي، صرف 12 مھينن ۾ پرائمري تعليم جا پنج سال مڪمل ڪيا آهن.
هاڻي ان پروگرام کي D ۽ E پيڪيجز تائين وڌائڻ جو ارادو آهي ته جيئن اهي مڊل اسڪول جي تعليم يعني ڇھين درجي کان اٺين درجي ۾ پڙھڻ لاءِ تيار ٿي سگهن.
جوڳي ڪالوني سينٽر هلائيندڙ ناگيش جوڳيءَ مطابق اهي ٻار جيڪي اڳ نانگن سان کيڏندا هئا، هاڻي تختيون ۽ ڪتاب هٿ ۾ کڻن ٿا. ”اسان صرف تعليم نه ڏني آهي، پر انھن کي عزت، سڃاڻپ ۽ خواب ڏنا آهن.“
پرتاب شيواڻي جيڪو ٿر ايجوڪيشن الائنس جو سربراھ آهي ان جو چوڻ آھي: ”اسان هڪ اهڙي برادريءَ سان ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي هر ڪنھن وساري ڇڏيو هو. صرف ڇھن مھينن ۾ اهي ٻار جن ڪڏهن ڪتاب هٿ ۾ به نه کنيو، اهي ان قابل ٿي ويا ته ٽن سالن تائين ريگيولر پڙهندڙ ٻار سان مقابلو ڪري سگھن.“
سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جي هن ماڊل جي ڪاميابيءَ جو راز ان جي پاليسي آهي. پھرين ڳالھ ته اهي مرڪز مقامي استاد هلائن ٿا. جيڪي پنھنجي برادريءَ کي سڃاڻن ٿا ۽ مرڪز پاڙي ۾ ئي آهن، جنھن سان ڊگھي مفاصلي جو بھانو به ختم ٿي ويو. ٻارن کي پڙهائي سان گڏ ڀرت ۽ سلائي ۽ ڪمپيوٽر جھڙيون زندگيءَ جون مھارتون به سيکاريون وڃن ٿيون، خاص طور تي نياڻين لاءِ. انکانسواء هتي ريگيولر حاضري يا وقت جي پابنديء جي ڪا سختي ناهي.
سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن رڳو ننڍن ٻارن تائين محدود ناهي، پر وڏن ٻارن جيڪي مجبورين سبب تعليم پرائي ناهن سگھيا انھن لاءِ به AALTP پروگرام ذريعي بنيادي تعليم ۽ پيشه ورانه تربيت فراهم ڪري رهيو آهي.
ضلعي انچارج عمرڪوٽ، ڀڳوان داس ٻڌائي ٿو: ”اسين انھن غيررسمي تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن کي ميٽرڪ تائين پھچائينداسين ۽ کين باقاعدا فارمل اسڪولن سان ڳنڍينداسين. نياڻين لاءِ يارهين ٻارهين درجي ۾ اڳ ئي حڪومت طرفان وظيفا به مقرر آهن. سنڌ حڪومت ايندڙ ٻن سالن ۾ ويھ لک ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو آهي.“
غيررسمي مرڪزن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي قابليت کي مڃيندي SEF هڪ STREAM فيسٽيول پڻ منعقد ڪري رهي آهي، جتي سائنس، رياضي، فن ۽ ادب ۾ انھن ٻارن پاران صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ويندو.
هڪ وقت هو جڏهن جوڳي ٻار نانگن جون ٽوڪريون کڻي گھٽيءَ گھٽيءَ ويندا هئا، اڄ اهي ٻار ڪتاب، پينسل کڻي عزت سان اسڪول وڃن ٿا. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪوششن سان اهي رڳو گھر کان مرڪز ڏانھن نه پر بقا کان اميدن ڏانھن وڃي رهيا آهن.

”اسان اڳ ٻين کي وندرائڻ لاء جيئندا هئاسين. هاڻي پاڻ پڙهي پنهنجو مستقبل ٺاهي رهيا آهيون،“ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو فخر سان ٻڌائي ٿو. هن چيو اگر نوڪري ملي ته چڱو نه ته اسڪول کولي جوڳين جي ٻارن کي پڙهائي هن گداگريءَ واري زندگيء کان آجپو ڏياريندس.
هڪ ٻار ٻڌايو ته پنڻ ويندا هئاسين ته گھڻا ماڻھو نفرت جي نگاه سان ڏسندا هئا، دروازا بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ لوڌي ڪڍندا هئا. هاڻي بيحد خوش آهيون.
هڪ اسي سالن جو جھونو جوڳيء، جنھن جي ڪنن ۾ والا ۽ ڪنڌ ۾ مڻڪا هئا، هڪ گليء ۾ مرلي وڄائي نانگ جهومائي رهيو هو. هن خوشيء جو اظھار ڪندي ٻڌايو ته وڌ ۾ وڌ ڏھ سال هي محنت ڪشالا هنن جي زندگيء ۾ آهن. هن جا پنج پوٽا ۽ ٽي پوٽيون پڙهن پيا، پوءِ سڀ لُڙھ لھي ويندا.
_________________
الھ بخش آريسر سينئر صحافي آھي ۽ سنڌ جي تاريخي شھر عمرڪوٽ ۾ رھي ٿو



