Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سنڌ ۾ ٻوڏ جي سياست پٺيان لڪل محرڪ…

پنجاب ۾ ٻوڏ جي ڪري وڏي تباھي ٿي پر سنڌ ۾ ٻوڏ جي اوٽ ۾ سياست ھلي رھي آھي. سنڌ جي حڪمرانن کي وڏي ٻوڏ جو آسرو ھو، پر درياھن ۾ پاڻيءَ جو وھڪرو ھاڻي گھٽجي رھيو آھي

الهه بخش راٺوڙ

ٻوڏ پنجاب ۾ ته تمام وڏي تباهي ڪئي آهي، انڪري سنڌ حڪومت کي به خطرو هو ته شايد ھتي بہ صورتحال ويجھي ماضيءَ جهڙي ٿي ويندي ۽ حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ادارن اڳيان وينتي ڪرڻي پوندي ته واهر ڪريو، تباهه ٿي ويا آهيون.

هاڻ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي ته ٻوڏ سنڌ لاءِ ڪيتري خطرناڪ هوندي، پر جيستائين سنڌو درياهه ۾ پاڻي موجود آهي يا نئون پاڻي اچي رهيو آهي، ان مان خطرو ته موجود آهي، پر سوال هي آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي حوالي سان  ايتري اتاولي ڇو نظر آئي؟ ڇا حڪومت ذميداري جو مظاهرو ڪندي ايئن ڪيو ۽ سمورن وزيرن جي ڊيوٽي بچاءَ بندن تي ھڻي ڇڏي يا ان پٺيان ڪي ٻيا معاملا به ٿي سگهن ٿا؟.

ٻوڏ سان گڏ هيءَ ڪهاڻي به آڏو آئي ته شايد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪا عدالت ماضيءَ جيان ٻٽي شهريت هجڻ سبب نااهل قرار ڏيڻ واري آهي، پر جيستائين درخواست ۾ دم خم جو واسطو آهي ته اها سنجيندهه نوعيت جي ناهي. ممڪن آهي ته ماضيءَ جيان مراد علي شاهه کي استعيفا ڏيڻي نه پئي، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟.

هميشه ڏٺو هي ويندو آهي ته ڪنهن عمل جي نتيجي ۾ جيڪو امڪاني اميدوار هوندو آهي يا هوندا آهن، انهن کي ئي فائدو ٿيندو آهي ۽ اهي واسڪوٽيون سبرائي پيا گهر ۾ ئي ريھرسل ڪندا آهن. ان ڳالھ جا امڪان آهن ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ جيڪي اڳواڻ ۽  وزير ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ سرگرم آهن، انهن کي سونهري موقعو مليو هجي ۽ انهن ٻه چار ميڊيا پرسنز يا يوٽيوبرز کي گهرائي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني هجي! جيڪڏهن معاملو ايستائين آهي ته پوءِ ته ٺيڪ آهي، هر پارٽي اندر ان نوعيت جا اختلاف  ٿيندا رهندا آهن. هن نوعيت جا اختلاف  ڪڏهن کليل ته ڪڏهن وري دٻيل لفظن ۾ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.

پيپلز پارٽي جيئن ته گذريل پندرهن سالن کان اقتدار ۾ آهي، انڪري ڪيترائي وزير به ترقيءَ جا موقعا ڳوليندا هوندا، پر انهن کي موقعو نه ملي رهيو آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ اندر جهاتي پائجي ته هر ضلعي، شهر ۽ علائقي اندر پارٽي ڪيترن ئي گروپن ۾ ورهايل آهي، اھي هي پيپلز پارٽيءَ جا اندروني اختلاف ئي هئا جو ، گذريل چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري لياريءَ مان سيٽ هارائي ويو هو، ممڪن آهي ته ڪو دوست ان سان اختلاف ڪري ۽ چوي ته پيپلز پارٽي جو ووٽ بينڪ ئي ناهي انڪري اها لياري جنهن کي پ پ جو قلعو سمجهيو ويندو آهي، اتان ٻن ايم اين ايز ۽ ايم پيز جون سيٽون کٽي سگهي. ان حوالي سان ان موقف کي هڪ ڌڪ سان رد ڪري نٿو سگهجي، پر جيتري گروپ بندي نظر اچي رهي آهي، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته پارٽيءَ جي صفن ۾ تمام گهڻا اختلاف آهن ۽ سڀئي مال پاڻي ڪمائڻ گهرن ٿا.

هاڻ سوال هي به آهي ته ڇا اختلاف رڳو پيپلز پارٽي اندر آهن؟ جواب آسان آهي ته ان نوعيت جي صورتحال هر جاءِ تي نظر اچي ٿي. مثال طور ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي ئي پارٽي جي موقف جي ابتڙ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي حق ۾ بيان ڏنو. ان جي پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ان سان اختلاف ڪيو. هن، ان نوعيت جو بيان ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏنو؟ ان کي آساني سان سمجهي سگهجي ٿو. پنجاب ۾ هينئر ٻوڏ جيڪا تباهي ڪئي آهي، ان جو هڪڙو سبب انهن رٽائرڊ ۽ آن ڊيوٽي نان سويلين جا زرعي فارم ۽ درياهه جي پيٽ ۾ قبضا آهن، جن کي بچائڻ لاءِ سويلين آبادي، خاص ڪري شهرن کي ٻوڙايو ويو. اهي عوام جو ڌيان هٽائڻ  لاءِ علي امين گنڊاپور جهڙن اڳواڻن کي آساني سان استعمال ڪري سگهن ٿا. طاقتور ڌريون چاهين ٿيون ته سموريون ڌريون پاڻ ۾ اٽڪيل هجن ته جيئن انهن جي اصل ڪرتوتن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏئي!

هيءَ ساڳي صورتحال ن ليگ جي به آهي، جتي  ليگ جو سينئر اڳواڻ ۽ دفاع جو وزير خواجا آصف ۽ ريلوي جو وزير حنيف عباسي هڪٻئي جي ڳٿڙ ۾ هٿ وجهي حملن مٿان حملا ڪري رهيا آهن. خواجا آصف، پنجاب حڪومت تي ناراض آهي ته اها سندن ڪم نٿي ڪري، انهن جي چوڻ تي آفيسرن جون مقرريون نٿي ڪري، انڪري خواجا آصف وري پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وزيراعلي مريم نواز جون ناڪاميون ڳڻائي ٿو. انهن اختلافن پٺيان ڪيتريون ئي سچايون به آهن. حنيف عباسيءَ جي پارٽي اندر اهڙي حيثيت ناهي، جيتري خواجا آصف جي هوندي. هي ساڳيو خواجا آصف آهي، جنهن نوازشريف يا وري آصف زرداريءَ جي اشاري تي مخدوم امين فهيم تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي هئي، کيس پرويز مشرف جو ماڻهو سڏيو هو، جنهن سبب هو ملڪ جو وزير اعظم ٿي نه سگهيو ۽ يوسف رضا گيلانيءَ کي ان اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو. خواجا آصف جو پنهنجو پروفائل به نان سويلين سان اک ٽيٽ وارو آهي، هن جا پنهنجا بيان به  ثبوت لاءِ ڪافي آهن، هو موجودهه هائبرڊ نظام جو وڏو وڪيل آهي، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته هو ڪنهن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.خواجا صاحب جو والد خواجا صفدر به ضياءَ الحق جو لاڏلو هو، جنهن فوجي آمريت کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي، هيءَ الڳ ڳالهه آهي ته هو مرڻ گهڙي تائين مسلم ليگي ئي رهيو!.

هنن مڙني ڳالهين کانپوءِ وري سنڌ  ڏانهن واپس اچون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ سرڪاري اجلاس ۾ چيو ته سنڌو درياهه ۾ گهٽ پاڻي آيو آهي، انهن کي هينئر به اميد آهي ته 7 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي ضرور ايندو، انڪري کين ان حوالي سان تياري ڪرڻي آهي. اھا ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ناهي ته ٻوڏ رڳو عوام جي تباهي نه ڪندي آهي، پر سياستدان خاص ڪري حڪمران پارٽيءَ لاءِ سونهري ڏينهن آڻيندي آهي. آبپاشي جي وزارت جون ته ويهه ئي آڱريون گيهه ۾ هونديون آهن، آبپاشي جو وزير هجي يا سيڪريٽري، هُو وڌيڪ خوش تڏھن هوندا آهن جڏھن ٻوڏ ايندي آهي. هينئر سنڌ حڪومت آبپاشي جي وزارت کي بندن جي مرمت ۽ ڪچي جي ماڻهن کي پڪي تي آڻڻ لاءِ 2 ارب رپيا جاري ڪري چڪي آهي، هو جيڪڏهن چاهين ته کين جيتري پئسي جي ضرورت هوندي ملي ويندو. اسان سڀ ڪيترين ئي ٻوڏن کي اکين سان ڏسي چڪا آهيون ته جنهن وقت پاڻي ايندو آهي ته ماڻهن کي جان بچائڻ لاءِ سرڪاري ٻيڙي به نه ملندي آهي، هاڻ به ان کان وڌيڪ اميد نه ڪرڻ گهرجي. پر سنڌ حڪومت کي جيترن ڊالرن جي خيرات جي اميد آهي، اوتري رقم شايد نه اچي. انڪري وڏي وزير کان وٺي سمورا حڪومتي اميدوار مايوسي جو اظهار ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت هن ڀيري ماضي جيان خواب پئي ڏٺا ته درياهه جي پاسن کان ڪٿي ڪٿي ڪٽ هڻي، ڪي اين شاهه جهڙا مثال قائم ڪجن ۽ ان سان گڏ اهي ڌريون به تاڙ ۾ هيون ته کين حساس هنڌن کي بچائڻ لاءِ شهرن کي ٻوڙائڻو آهي ته جيئن متاثرن جي نالي تي امداد اچي ۽ هو موجون ڪن.

___________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button