جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سبب سرمائيداراڻي نظام ۾ ڦڙڦوٽ جا آثار
سرمائيدار طبقي کي شايد اها خبر ئي نه هئي ته عوامي انقلابن جي ٻي وڏي لهر، جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي روپ ۾ انهن مٿان اچي ڪڙڪندي. ايندڙ دور ۾ جاگيرداري نظام جيان، سرمائيداراڻي نظام کي به جيئارڻ لاءِ هٿراڌو ساهه کڻائڻ جون ڪوششون شروع ٿي چڪيون آهن پر، افاقو نه ٿيڻ جا آثار ٻڌائن ٿا ته، جلد ئي هُو به جاگيرداري نظام جيان وينٽيليٽر تي منتقل ٿيڻ وارو آهي۔

حميد منگي
انسانن وچ ۾ اختلافن، تڪرارن، جهيڙن جهٽن ۽ جنگين جي تاريخ ايتري ئي پراڻي رهي آهي جيترو انساني جيوت پاڻ اوائلي ۽ آڳاٽو رهيو آهي۔ جڏهن ته صدين کان ڪيترا ئي انساني ذهن، انهيء ڳجهارت کي ڀڃي ناهن سگهيا ته انسان، انسان جو دشمن آهي يا انسان پنهنجو دشمن پاڻ به رهيو آهي؟ تاريخي حوالن مان پاڻکي اها به ڄاڻ ملندي رهي آهي ته، بيشڪ مختلف وقتن تي انسان، انسان کي مالي ۽ جاني نقصان پهچائيندو رهيو آهي پر، اڪثر واقعا اهو به ٻڌائيندا رهيا آهن ته، انسان پاڻ جهڙن انسانن سان رڳو ۽ رڳو دشمنيون ناهن ڪيون، پر ان سان رشتا قائم نه هجڻ باوجود ياريون ۽ دوستيون نڀايون، ڏکيا وقت اچڻ تي ڪڏهن وس آهر، ڪٿي پنهنجي وِت کان به وڌيڪ همدريون ۽ مددون ڪيون آهن۔ اويل سويل، آڌيءَ مانجهيءَ، اڪثر موقعن تي انسان، انسان سان مشڪلات ۾ گڏ رهيو آهي۔
جڏهن ته ڪجهه حوالن سان وري، انسان جا پنهنجا پرڪار به ٻڌائن ٿا ته، هن جتي به پاڻ کي هروڀرو ويچارو سمجهيو آهي، ڪنهن سبب ڪري اڻ پڙهيل رهجي ويو آهي، عام فهم يا عقل کي استعمال نه ٿو ڪري، پنهنجن حقن خاطر ٿوري گهڻي ڳالهائڻ ۽ بحث ڪرڻ جي همٿ نه ٿو ساري، لڳاتار بزدلين جا اظهار ڪري ٿو، اڪثر مسئلن تي اگهور ننڊ مان نٿو جاڳي، جيڪڏهن جاڳي به ٿو ته، حالتن جو درست جائزو نه ٿو وٺي، زندگي گذاري ٿو پر لڳ ڀڳ حيوانن واري يا نئين دور جي گهرجن مطابق زندگي گذارڻ کان لنوائي ٿو، پراڻ پسنديء جي ڳنڍڙيءَ کي سيني سان لايو ضد ٻڌي، اٽڪي بيهي ٿو رهي ۽ نواڻ کان غافل بڻجي يا قبول نه ڪندي ان کي هروڀرو عزت ۽ غيرت جو مسئلو سمجهي ٿو، حقيقي نظر سان ڏٺو وڃي ته، ڄڻ هُو اهي عمل ڪري، پنهنجي برباديء جو سامان پاڻ ئي سهيڙيندو رهيو آهي۔
افسوس اهو به رهيو آهي ته، جتي کانئس غلطيون ٿين ٿيون، اتي هو نه غلطيون مڃي ٿو، نه وري وقت سر غلطين کي درست ڪرڻ جي ڪا ڪوشش به ڪري ٿو، پوءِ جڏهن پنهنجين ڪيل غلطين جا منفي ردعمل نڪرن ٿا، تڏهن به رڳو پڇتاءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ تدارڪ ڪندي تمام گهٽ ڏٺو ويو آهي۔ جيئن ته ان وقت تائين، گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي، انهيءَ ڪري کيس سزائون به ڀوڳڻيون ۽ تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پونس ٿيون، پر پوءِ به اڪثر ساڳين غلطين ڪرڻ کان ڪين ٿو مڙي۔ ڪجهه موقعن تي ته مورڳو ئي موقف تبديل ڪندي، پنهنجا درد ڀريا داستان ٻڌائي، قسمت کوٽي هجڻ جهڙا بهانا ڪري، سادن ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪندي، پاڻ کي بي ڏوهي قرار ڏيارائي پنهنجين ئي چالاڪين تي خوش ٿي، پنهنجي ذهنيت کي وڌيڪ خراب ڪندو آيو آهي۔
بهرحال انسان پنهنجين غلطين توڙي ٻين جي منفي روين خلاف اختلاف تڪرار، جهيڙا ۽ جنگيون ڪندو، رت جون نديون پار ڪندي نظر آيو آهي۔ هتي اهم ڳالهه اها به ڪبي ته، انسان اهي سمورا انساني نسل ڪشيءَ وارا ڪم آڳاٽن دورن ۾ پنهنجي ذاتي مفادن تحت ڪيا، پر گذريل ٻن ٽن صدين کان ٻين جي حقن لاء به وڙهندي نظر آيو آهي، جنهن مان ان ۾ ڪي قدر ماڻهپو ظاهر ڪري، اهو عمل موجوده دور ۾ انسان لاء اتساهه جو سبب به بڻيو آهي ايندڙ تاريخن ۾ به هڪ وڏي تبديليءَ طور ياد ڪيو ويندو۔
جيسيتائين انسان جي گڏيل سوچ تحت جدوجهد يا ويڙهه جي تسلسل جي ڳالهه آهي ته، تاريخ ۾ سڀ کان پهريان هن جو جهيڙو پنهنجي ذات، ڪٽنب ۽ ڪهول لاءِ رهيو، ان کانپوءِ ئي نسل، مذهبي ۽ فرقيواراڻن جهيڙن مان ٿيندو، حقيقت پسنديءَ تي مبني عوامي جدوجهدن ۾ شامل ٿيو۔ انسان جو اهو سڄو سفر ٻڌائي ٿو ته، جيئن هن ٻين فنن ۽ شعبن ۾ آهستي آهستي ترقي ڪئي، تيئن گڏيل ويڙهه يا جدوجهدن ۾ به وڏي عرصي گذرڻ کانپوءِ پير پاتو۔
هتي اها ڳالهه هرگز نه وسارڻ گهرجي ته، اڄ جي ڀيٽ ۾ اڳ انسان وٽ علم نه هجڻ برابر هو ۽ ايترا تجربا به نه هئس، جيترا موجوده وقت ۾ ميسر ٿيا اٿس، هاڻي جڏهن اهو علمي درياءُ هٿ آيو اٿس، تجربن مان به گهڻو ڪجهه سکيو آهي ته، ذاتي ۽ ڪٽنبي ويڙهه مان نڪري، عوامي يا گڏيل جدوجهدن جي واٽ وٺي پاڻ ملهائي رهيو آهي۔ سندس اهڙي عمل مان اها ڳالهه ثابت ٿئي پئي ته، هُو هاڻي ناانصافين، بيروزگارين، بيمارين، مسئلن، بکن ۽ ڏکن مان نڪري انسانيت واري سفر تي نڪري پيو آهي، جيتوڻيڪ عالمي امن اڃان کائنس پرانهون ۽ ڏورانهون پنڌ اٿس پر، يقين ڪري سگهجي ٿو ته، هن وڏو، ڊگهو ۽ ورن وڪڙن وارو سفر ڪاٽي، هڪ وڏي شاهراهه ورتي آهي۔
اصل ۾ انسان شروع کان فطري توڙي فڪري طور تي ترقي ۽ تبديلي پسند رهيو آهي، پر ان جا اهي ٻئي عمل انتهائي سست رفتار رهيا آهن، هن مختلف دورن پڄاڻان پنهنجن ڪمن، عملن، طور طريقن ۾ تبديليون ڪندي اڳ جي ڀيٽ ۾ ترقي ضرور ڪئي آهي پر، پراڻي دور ۾ ان جو اڪثر وقت ڇڙوڇڙ ٿي رهڻ، اڪيلي سر سوچڻ ۾ وڌيڪ برباد ٿيو۔ جڏهن ته انسان کي هر دور ۾ سمجهائڻ ۽ درست دڳ تي آڻڻ، هلڻ ۽ هلائڻ وارا به ملندا رهيا آهن، پر هن ڪڏهن ڪنهن جي ڳالهه کي مڃيو ته، ڪڏهن نابري واري پراڻين اڏوهي کاڌل ريتن، رسمن، رواجن تي قائم رهندي, ضد ٻڌي بيٺو رهيو، ڪجهه موقعن تي نواڻ جو مخالف ٿي به ٻيٺو رهيو، بلڪي ايئن به چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، هن پنهنجي نقصان سان گڏ ٻين جي جاني ۽ مالي نقصان کان به ناهي ڪيٻايو۔
انسان جي اها سادگي، بي علمي، بي عقلي يا بيوقوفي کيس سدائين هڪ قدم اڳتي ۽ پنج قدم وري پوئتي ڌڪيندي رهي آهي۔ بهرحال پوءِ به اها ڳالهه ضرور مڃڻي پوندي ته، دير سان ئي سهي، انسان پنهنجن ڪمن ۽ عملن ۾ تبديليون آڻيندو ۽ ترقي ڪندو، هو اڄ ڌرتيءَ جي سمورن فطري وسيلن جو مالڪ ٿي پيو آهي ۽ سڀني ساهوارن تي ضابطا آڻڻ سميت سمنڊ ۽ ڌرتيءَ کان تمام گهڻو مٿي، مختلف سيارن تي پنهنجي پهچ ڪري، اهڙا اهڙا اڻ ٿيڻا ۽ جادوئي ڪم ڪري رهيو آهي، جو ڪنهن اٻوجهه انسان جو عقل دنگ رهجي ٿو وڃي۔
اصل ۾ اهو سڄو ڪمال انسان جو انسان سان گڏجڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ، عقلي واٽ وٺڻ، مختلف تجربن مان گذرڻ، علم تخليق ڪرڻ ۽ نئين علم تحت نئين زندگي گذارڻ سبب ئي ممڪن ٿيو آهي۔ انهيءَ ڪري ئي سياڻا سچ چئي ويا آهن ته، اڪيلو انسان، جانور برابر ئي هجي ٿو۔ اڄ جيڪو انسان ننڍن ننڍن مخصوص مفادن وارن جهيڙن مان نڪري “عوامي انقلاب” جو وڏو اصطلاح ۽ محاورو استعمال ڪري ٿو، اهو قديم زماني ۾ اڄوڪي سياسي معنيٰ ۾ استعمال نه ٿيندو هو۔
هتي جيڪڏهن سوال هيءُ اٿاريو وڃي ته، انقلاب جو محاورو ڪهڙي ماڻهوءَ يا قوم تخليق ڪيو؟ ته ان جي سڌي جواب ۾ ڪنهن هڪڙي ماڻهو يا نسل توڙي قوم جو نالو ناهي، ڇو ته هي اصطلاح صدين دوران ارتقا ڪندو رهيو آهي. انسان سڀ کان اڳ پنهجين سوچن ۾ ”تبديلي“ آندي، جيڪا انسان جي فطرت به رهي آهي، ٻيو انسان جو ڪي قدر بهتر عمل ”اصلاح“ جيڪو عمل به وچين دور جي آخر ۾ ان وقت استعمال ٿيو، جڏهن صديون پراڻيون بادشاهتون ۽ شهنشاهتون ٽٽڻ واريون هيون ۽ ٽيون ”عوامي انقلاب“ جنهن کي تيز، بنيادي نظامي تبديلي چئي سگهجي ٿو.
لفظ “انقلاب” ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ان جي ته مون وٽ ڪا پڪي پختي ڄاڻ ناهي، البته ان جي لفظي معنيٰ ”سڀ ڪجهه ابتو ٿي وڃڻ، ڦري وڃڻ يا وڏي تبديلي اچڻ” آهي۔ سولي سنڌيءَ ۾ ان جي معني بيهندي، هڪ نظام جي جاءِ تي، ٻيو نظام قائم ڪرڻ آهي پر، شرط اهو به هوندو ته اهو ٻيو نظام پهرين يا اڳئين نظام کان بهتر هجي۔ بهرحال انسان پنهنجين ڪوششن سان دنيا کي ڪيترن ئي تبديلين، اصلاحن ۽ انقلابن مان گذاري، موجوده دور ۾ داخل ڪري چڪو آهي۔ انهن سڀني دورن جي همٿن، ڪوششن، جدوجهدن جو سهرو انساني سر تي سجي ٿو، جنهن وقت سان گڏ ڪيترائي انقلاب آڻي، دنيا کي جديد کان جديد بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي۔
ذهن کي ٿورو وڌيڪ ولوڙڻ سان اها به ڄاڻ ملندي ته، انسان جو پهريون انقلاب شايد جهنگ، جبل ۽ غار ڇڏي، انساني وسندين کي قائم ڪرڻ وارو هوندو۔ انسان جو ٻيو وڏو انقلاب، سماجن جي جوڙجڪ ۽ تهذيبن جا وجود هوندا، جنهن کان پوءِ تبديلين، اصلاحن، انقلابن جو انگ وڌندو ويو۔ جڏهن انسان جي ڪوششن سان زرعي انقلاب آيو ته، هڪ طرف ته ماڻهن جي پيٽ جي باهه اجهامي، پر ٻئي طرف وري ڪجهه ماڻهن ۾ لالچ ۽ حرص پيدا ٿيو۔ جڏهن مشيني انقلاب آيو، تڏهن به ماڻهن جي روزگار جو بندوبست ته ٿيو پر ان سان گڏ سرمائيدار طبقي ۾ ناڻي گڏ ڪرڻ جي گندي عادت پئي۔ روس، چين ۽ ويٽنام سميت لڳ ڀڳ ٻن ڊزن ملڪن جي انقلابن کانپوءِ، جيتوڻيڪ ناڻي جي اهميت گهٽ ٿي پر، سرمائيدارن پنهنجا هيلا هلائي ۽ وسيلا استعمال ڪري، روسي انقلاب کي ڌڪي ڇڏيو، جنهن سان ٻيا انقلاب به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيا۔
پر سرمائيدار طبقي کي شايد اها خبر ئي نه هئي ته، انهن عوامي انقلابن جي ٻي وڏي لهر، جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي روپ ۾ انهن مٿان اچي ڪڙڪندي، جن جا ڏٺا وائٺا رستا جديد روسي ۽ چيني حڪومتن ڏانهن وڃن ٿا، جن سان هاڻي ڪجهه ٻيا ملڪ به ساڻ آهن۔ روس کي ته اٽڪل پنجن ڇهن سالن کان يوڪرين سان الجهايو ويو آهي پر، چين جي قيادت سوچي سمجھي قدم کڻي، اهڙين سڀني سازشن کي ناڪام ڪندي رهي آهي۔ ٻئي طرف عملي طور تي جاگيرداري نظام، ٽيڪنالاجيءَ سبب ختم ٿي چڪو آهي پر، ڪجهه زرعي ملڪن ۾ وڏيرن کي وڏا ۽ ٿلها ڏنڊا ڏئي، کين هارين ۽ عام ماڻهن مٿان حاوي ڪري، انهيءَ نظام کي هٿراڌو ساهه کڻائي جيئاريو پيو وڃي پر اهو نظام اڌ کان وڌيڪ دنيا مان عملي طور تي ختم ٿي چڪو آهي۔
جڏهن ته، سرمائيداراڻي نظام کي به هاڻي اچي پنهنجي سِر جي لڳي آهي، سرمائيداري نظام جي ٽيڪ تي، ڪوڏرن سان دولت جمع ڪندڙ ملڪن کي دولت گڏ ڪرڻ بدران کين روزاني جي بنياد تي پئسا خرچ ڪري، نيون ٽيڪنالاجيون خريدڻيون ٿيون پون، جوکين مارڪيٽن تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻو آهي، هڪڙي ٽيڪنالاجي خريد ڪري بيهن مس ٿا ته، ڪٿان نه ڪٿان ساڳيو ڪم ڪندڙ نين سهوليتن واري ٽيڪنالاجي منهن ڪڍيو اچي ٿي، کين وري اها خريدڻي پئي ٿي، نتيجي ۾ سرمائيدار طبقو پريشان ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ پريشانيءَ ۾ هو دنيا اندر هٿراڌو ڪرپشن پيدا ڪري، وڌ ۾ وڌ سرمايو حاصل ڪندي، هر زور نئين ٽيڪنالاجين کي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آهي۔ اهڙيءَ طرح انهن جي گڏ ڪيل پونجي، وقت سان گڏ آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي۔
جڏهن ته انهيءَ ڳالهه کان يورپ ۽ نيٽو جا ڪيترائي ملڪ چڱيء طرح آگاهه ٿي چڪا آهن، جيڪي هاڻي سرمائيدارن جي قبضي هيٺ آيل ملڪن جي حڪمرانن کي کنگهن به ڪو نه ٿا ۽ نه ئي انهن جي ميارن ۽ ڌمڪين تي ڪو ڌيان ڏين ٿا۔ جڏهن ته انهن پنهنجون فضول خرچيون ترڪ ڪري ڇڏيون آهن ۽ دولت ٽيڪنالاجين وارو فن حاصل ڪرڻ تي خرچ پيا ڪن۔ ان سڄيءَ صورتحال مان ڄاڻ ملي ٿي ته، ايندڙ دور ۾ جاگيرداري نظام جيان، سرمائيداراڻي نظام کي به جيئارڻ لاءِ هٿراڌو ساهه کڻائڻ جون ڪوششون شروع ٿي چڪيون آهن پر، افاقو نه ٿيڻ جا آثار ٻڌائن ٿا ته، جلد ئي هُو به جاگيرداري نظام جيان وينٽيليٽر تي منتقل ٿيڻ وارو آهي۔
________________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو



