سمنڊ جي لهرن تي تاريخ لکندڙ ڪراچيءَ جا قديم ٻيٽ، ڪڇي واگھير ۽ بڊالا برادريون
ڪراچيءَ جو جديد پورٽ سٽي بنجڻ جو سفر ان وقت کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ڪلاچ جي ڀنورن ۽ عربي سمنڊ جي انڊس ڊيلٽائي ساحلن تي بادباني جهازن جو راڄ هو. هن ڏکيءَ ۽ بي رحم سامونڊي دنيا ۾ جن سنڌ جي ساحلن کي خليج، عرب ۽ آفريڪا جي ساحلن سان جوڙي رکيو، اهي سنڌ ۽ ڪڇ جون ٻه قديم ترين ملاح ۽ بحري برادريون، ڪڇي واگھير ۽ ڪڇي بڊالا جماعتون آهن. اهي ٻئي برادريون رُڳو مڇيون پڪڙيندڙ مهاڻا يا عام ٻيڙين وارا نه آهن، بلڪ عربي سمنڊ جي شاهراهه تي سفر ڪندڙ هڪ “سامونڊي قوت” ۽ سنڌ ۽ گجرات جي ساحلي خطي جو زنده جاويد اُھڃاڻ آهن.

ڪراچيءَ جي انهن قديم ترين ٻيٽن تي آباد ڪڇي واگھير ۽ ڪڇي بڊالا برادريون محض ماضيءَ جو هڪ قصو نه آهن، بلڪ ڪراچيءَ جو بحري روح آهن. تاريخ جي ڪنهن موڙ تي يتيم عبداللہ هارون جي دستگيري هجي، نوابِ جوناڳڙھ جي سامونڊي نجات هجي، جنگين ۾ پاڪ بحريه جي پاسباني هجي، يا ايٽمي پروگرام جو ڏکيو سفر—انهن ملاحن بنا ڪنهن تمغي ۽ سرڪاري اعتراف جي سمنڊ جي سيني تي پنهنجي جرئت جي تاريخ لکي. اج جڏهن فائبر گلاس بوٽس ۽ جديد ٽيڪنالوجي انهن جي روايتي هنر کي ڳڙڪائي رهيون آهن ۽ ڪراچيءَ جا ٻيٽ بنيادي انساني سهولتن لاءِ واجھائي رهيا آهن، ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ڪراچيءَ جي هن اصل بحري سڃاڻپ ۽ انهن گمنام سورمن جي تاريخي خدمتن کي محفوظ ڪيو وڃي تہ جيئن ايندڙ نسل ڄاڻي سگهن ته ڪلاچيءَ جي جوت کي “شهرِ قائد” بڻائڻ ۾ ڪھڙن ملاحن جو رت ۽ پگهر شامل هو .
تحرير: ابراهيم صالح محمد
ڪراچيءَ کي جيڪڏھن صرف انگريز راڄ جي تيار ڪيل بندرگاهه يا قيامِ پاڪستان کانپوءِ آباد ٿيندڙ هڪ جديد صنعتي شهر سمجھيو وڃي ته اها هن خطي جي هزارين سالن جي ساحلي تاريخ سان سخت ناانصافي ٿيندي. ڪراچيءَ جو جديد پورٽ سٽي بنجڻ جو سفر ان وقت کان شروع ٿئي ٿو جڏهن ڪلاچ جي ڀنورن ۽ عربي سمنڊ جي انڊس ڊيلٽائي ساحلن تي بادباني جهازن جو راڄ هو. هن ڏکيءَ ۽ بي رحم سامونڊي دنيا ۾ جن سنڌ جي ساحلن کي خليج، عرب ۽ آفريڪا جي ساحلن سان جوڙي رکيو، اهي سنڌ ۽ ڪڇ جون ٻه قديم ترين ملاح ۽ بحري برادريون، ڪڇي واگھير ۽ ڪڇي بڊالا جماعتون آهن.
اهي ٻئي برادريون رُڳو مڇيون پڪڙيندڙ مهاڻا يا عام ٻيڙين وارا نه آهن، بلڪ عربي سمنڊ جي شاهراهه تي سفر ڪندڙ هڪ “سامونڊي قوت” ۽ سنڌ ۽ گجرات جي ساحلي خطي جو زنده جاويد اُھڃاڻ آهن.

سنڌ جي بشرياتي تاريخ (Anthropology) جو مطالعو ڪجي ته سماٽ قبيلن جون مختلف ذاتيون (مثال طور هڱورا، سومرا، منڌرا، ڀٽي، جوڻيجا، ٿيٻا وغيره) پنهنجي شجري جي نسبي بنيادن تي الڳ سُڃاڻپ رکن ٿيون. پر ڪڇي واگھير ۽ بڊالا برادريون ان کان مختلف هڪ بالڪل جدا تاريخ پيش ڪن ٿيون.
هي صرف هڪ اڪيلو نسبي قبيلو نه آهن، بلڪ مختلف نسبي گروھن (مثال طور جاڙيجا، راجپوت، بلوچ ۽ ڊيلٽائي سنڌ جي ساحلي ملاحن) تي مشتمل هڪ تاريخي پيشيور ۽ بحري اتحاد (Maritime Confederation) آهن. وقت سان گڏوگڏ سندن مخصوص فن، جرئت ۽ سامونڊي فن ۽ حرفت جي بنياد تي سندن سڃاڻپ قائم ٿي.
واگھير: پنهنجي بي باڪي، ڪارپينٽري، تيز رفتار بادباني سفر ۽ سامونڊي زندگيءَ جي ڪري “واگھير” سڏرايا.
بڊالا: پنهنجي ناخدائي علمن، قطب نما (Compass) کان سواءِ نيويگيشن، ۽ ڪاٺ جي جهاز سازيءَ جي ڪمال جي ڪري “بڊالا” (بدالا) جي سڃاڻپ اختيار ڪري ويا.
وقت گذرڻ سان گڏ اهوئِي فن ۽ حرفت سندن سڀ کان وڏو قبيلو ۽ نسبي سڦڃاڻپ وارولقب بڻجي ويو.

اڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ جڏهن رڻ ڪڇ ۽ گجرات جي اوکا، دوارڪا ۽ مانڊوي بندرگاهن تان تجارتي چُرپُر جا مرڪز بدلجي رهيا هئا، ته ڪڇي واگھير ۽ بڊالا ملاحن جي وڏي تعداد ڪراچيءَ جي قدرتي ٻيٽن بابا ڀِٽ، ڀٽ ٻيٽ، منھوڙا، ڪياماڙي، ۽ صالح آباد کي پنهنجو مستقل مسڪن بنايو.
اهي ٻيٽ صرف سندن رهائشگاھون نه هئا بلڪ عربي سمنڊ تي ڪنٽرول لاءِ انهن جا قدرتي اسٽيشن هئا. بابا ۽ ڀٽ جا پراڻا پاڙا نسل در نسل منتقل ٿيندڙ بحري علمن، سامونڊي محاورن ۽ ڪاٺ جي بحري جهازن جي مرمت جا عظيم مرڪز بڻجي اُڀريا.
بادباني ٻيڙين جي زماني ۾ جڏهن سمنڊ جي خطرناڪ لهرن تي صرف تجربو ۽ جرئت ئي نجات جو ذريعو هوندي هئي، واگھير ۽ بڊالا ملاحن جون بادباني ٻيڙيون Dhows ۽ بوم ممبئيءَ کان وٺي مسقط، عدن، ممباسا، زنجبار ۽ مڊگاسڪر جي ساحلن تائين بنا خوف خطر ترنديون هيون.
ان زماني ۾ دبئي ۽ خليجي رياستن جي ابتدائي آبادڪاري ۽ معيشت ۾ انهن ملاحن جو ڪردار سونهري اکرن سان لکڻ جي قابل آهي.
خليج ۾ تيل جي دريافت کان اڳ موتين جي تجارت معيشت جي ريڙھ جي هڏي هئي، جنهن ۾ اهي ڪڇي ملاح گهري سمنڊ ۾ غوطن جي ماھر طور خدمتون انجام ڏيندا هئا.

ويهين صديءَ جي اوائل ۾ جڏهن دبئي هڪ ننڍڙي بندرگاهي کاريءَ (Dubai Creek) تائين محدود قصبو هو، ته ڪراچي ۽ ڪڇ جي بندرگاهن تان اناج، ڪپڙو، ڪاٺي ۽ روزمره جون ضرورتون اهي ئي ملاح پنهنجين ٻيڙين ۾ کڻي دبئي ۽ شارجہ پهچائيندا هئا. اها روايت لڳاتا سنڌو تهذيب جي زمانن کان هتان جا رهواسي هلائي رهيا هئا.
شيخ راشد جي زماني ۾ بابا ڀٽ جي ڪڇي واگھير برادريءَ جي ماڻهن، جيڪي سمگلنگ جو ڪم ڪندا هئا، انهن دبئيءَ کي پنهنجو هيڊڪوارٽر بڻائي ورتو هو ۽ دبئيءَ جا وڏا وڏا شوخ انهن جي ڀرپور پزيرائي ڪندا هئا. دٻئيءَ کي بزنس حب بڻائڻ ۾ سندن وڏو هٿ آهي. اهي ئي ماڻهو تعميراتي مزدور پاڪستان کان پنهنجين لانچن ۾ وٺي ويندا هئا.

تاريخ جا اهي پاسا جيڪي عام نصابي ڪتابن ۾ نظر نٿا اچن، انهن ملاحن جي انسانيت ۽ غير معمولي جرئت جي شاھدي ڏين ٿا.
تحريڪِ پاڪستان ۽ ڪراچيءَ جي سرگرم اڳواڻ حاجي سر عبداللہ هارون جي ابتدائي يتيميءَ واري زندگي جڏهن ڪڇ گجرات ۾ شديد غربت ۾ گذري رهي هئي، ته سندس والده (حنيفه ٻائي) کي سندس ھن کير پياڪ ٻار سان گڏ ساحلي ملاحن انساني همدرديءَ تحت پنهنجي بادباني ٻيڙيءَ ذريعي ڪڇ ڀڄ کان محفوظ ھنڌ (ڪراچي، چاڪيواڙو) پهچايو، جنهن کانپوءِ هن ان ئي شهر ۾ عظمت جون بلنديون حاصل ڪيون.

قيامِ پاڪستان وقت جڏهن رياستِ جوناڳڙھ جي نواب (نواب مهابت خانجي سوم) پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو ته ڀارتي فوجن رياست جي ناڪابندي ڪري ڇڏي. ان نازڪ موقعي تي ڀارتي بحريه کان بچائي واگھير ۽ بڊالا ناخدائن پنهنجين بادباني ٻيڙين تي نواب جي شاهي خاندان، قيمتي اثاثن، سرڪاري دستاويزن ۽ شاهي خزانن کي سمنڊ جي اونداهين راتين ۾ محفوظ طريقي سان ڪراچي بندرگاهه پهچايو.

ويهين صديءَ جي وچ (50ع کان 80ع جي ڏهاڪي تائين) ۾ جڏهن برصغير انڊيا ۽ پاڪستان ۾ سخت ڪسٽم ۽ ڪنٽرولڊ معيشت نافذ هئي، ته اهي ملاح سامونڊي راهداريءَ جا غير تاجدار بادشاھ هئا.
دٻئي ۽ مسقط کان سون (Gold Bars) ۽ ٻين ناياب شين آڻڻ ۾ واگھير ملاحن جي تيز رفتار بادباني ۽ انجڻ بوٽس جو نيٽ ورڪ سڀ کان مضبوط هو. اهي سامونڊي گشت ڪندڙ بحري جهازن ۽ ريڊار جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي سامان ڪراچيءَ جي ٻيٽن جي پناھگاھن ۾ لاهيندا هئا ۽ پوءِ اتان کان منڊين تائين سامان پهچائيندا هئا. دبئيءَ کان آيل ان ئي سمگلنگ جي سامان جي کارادر ۽ بولٽن مارڪيٽ ۾ وڪري سان ڪيئي ميمڻ خاندان ارب پتي، کرب پتي بڻجي ويا ۽ ان عمل ڪراچيءَ کي ان دور ۾ هڪ وڏو تجارتي مرڪز بڻائڻ ۾ غير رسمي ڪردار ادا ڪيو.
سن 1960 جي ڏهاڪي ۾ قاسو اڌارو (قاسم ڀٽي) ۽ جنرل ضياءَ جي دور 1980 واري ڏهاڪي ۾ عبداللہ يعقوب ڀٽيءَ سمگلنگ جي ڌنڌي ۾ وڏو نالو ڪمايو. عبداللہ يعقوب ڀٽيءَ جون ڀٽ ٻيٽ کان علاوه ڪيئي وڏيون جائيدادون ۽ سينيمائون ڪراچيءَ سميت دبئي ۽ يورپ جي ڪيئي ملڪن ۾ موجود آهن.
پاڪ بحريه (Pakistan Navy) ۽ ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي تاريخ انهن ڪڇي ملاحن جي ذڪر کان سواءِ اڻپوري آهي.
1965ع ۽ 1971ع جون جنگيون: 1965ع جي تاريخي “آپريشن دوارڪا” ۾ پاڪ بحريه کي ڀارتي ساحل دوارڪا ۽ اوکا جي پاڻين ۽ رستن جي درست انٽيليجنس ڏيندڙ اهي ئي مقامي واگھير ناخدا هئا، ڇو ته دوارڪا انهن جي هڪ قديم گذرگاھ هئي. 1971ع جي جنگ ۾ انهن ملاحن پنهنجين ننڍڙين ٻيڙين تي سمنڊ ۾ گشت ڪري بحريه کي انٽيليجنس فراهم ڪئي ۽ ريسڪيو ونگ جو ڪم ڪيو.

ايٽمي ٽيڪنالوجيءَ جي خفيه ترسيل: 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ جڏهن پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي مغرب پاران سخت پابنديون هيون، ته ٻاهريان آندل حساس ٽيڪنالوجي، ري ايڪٽرز جا آلات ۽ خام مال کي کلئي سمنڊ ۾ وڏن بحري جهازن تان انهن ملاحن جي ڪاٺ جي ٻيڙين تي منتقل ڪيو ويندو هو. واگھير ۽ بڊالا ناخدا انهن آلات کي عالمي نگرانيءَ کان بچائي ڪراچيءَ جي ٻيٽن (بابا، ڀٽ، منھوڙا) تي پنهنجين خفيه پناھگاھن ۾ آڻيندا هئا، جتان رازداريءَ سان انهن کي ايٽمي تنصيبات تائين پهچايو ويندو هو.
انهن برادرين جو سڀ کان حيران ڪندڙ سائنسي ۽ فني ڪارنامو سندن روايتي بحري علم ۽ ٻيڙي سازي آهي.
بڊالا برادريءَ جا استاد (واڍا) ڪنهن ڪاغذ، بلو پرنٽ يا جديد اوزارن کان سواءِ صرف پنهنجي ذهني حساب ۽ روايتي پيماني سان 200 کان 500 ٽنن جا ڪاٺ جا بحري جهاز (لانچون) ٺاهي وٺندا هئا، جن جو توازن ۽ لوڪيشن ڪمال جا هوندا هئا.
اهي هوائن جي رخ کي پنهنجن ڪڇي نالن سان پڪاريندا هئا؛ جيئن اتر کي “اوتر”، ڏکڻ کي “دکڻ”، اوڀر کي “اوگم” ۽ اولهه کي “آٿم”. ستارن کي ڏسي سمت ٻڌائيندڙ استاد کي مالم “معلم” ۽ ڪپتان کي ناقوا “ناخدا” چيو ويندو هو.
ڪانجي مالم (جنهن واسڪو ڊي گاما کي هندستان جو رستو ڏيکاريو)، ناخدا قاسم واگھير، ناخدا ابراهيم ڪڇي جهڙيون شخصيتون ان ئي بحري دانشگاھ جون پيداوار هيون.
ڪراچيءَ جي انهن قديم ترين ٻيٽن تي آباد ڪڇي واگھير ۽ ڪڇي بڊالا برادريون محض ماضيءَ جو هڪ قصو نه آهن، بلڪ ڪراچيءَ جو بحري روح آهن. تاريخ جي ڪنهن موڙ تي يتيم عبداللہ هارون جي دستگيري هجي، نوابِ جوناڳڙھ جي سامونڊي نجات هجي، جنگين ۾ پاڪ بحريه جي پاسباني هجي، يا ايٽمي پروگرام جو ڏکيو سفر—انهن ملاحن بنا ڪنهن تمغي ۽ سرڪاري اعتراف جي سمنڊ جي سيني تي پنهنجي جرئت جي تاريخ لکي.
اج جڏهن فائبر گلاس بوٽس ۽ جديد ٽيڪنالوجي انهن جي روايتي هنر کي ڳڙڪائي رهيون آهن ۽ ڪراچيءَ جا ٻيٽ بنيادي انساني سهولتن لاءِ واجھائي رهيا آهن، ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ڪراچيءَ جي هن اصل بحري سڃاڻپ ۽ انهن گمنام سورمن جي تاريخي خدمتن کي محفوظ ڪيو وڃي تہ جيئن ايندڙ نسل ڄاڻي سگهن ته ڪلاچيءَ جي جوت کي “شهرِ قائد” بڻائڻ ۾ ڪھڙن ملاحن جو رت ۽ پگهر شامل هو .
_______________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



