شڪارپوري سنڌي – حيدرآباد سنڌ ۾ گلاس فيڪٽرين جا باني
انڊس گلاس ورڪس حيدرآباد جي قديم ترين فيڪٽري آهي، جيڪا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ هڪ شخص جيرامداس ۽ سندس ڀائيوارن قائم ڪئي هئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ قانوني دستاويز موجب، جيرامداس ۽ سندس ساٿين پهرين جنوري 1948ع تي هڪ معاهدي تحت انڊس گلاس فيڪٽري حاجي فريد الدين صديقيءَ کي ھڪ لک روپين ۾ وڪرو ڪئي ھئي.

تحرير: نصير اعجاز
1970ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ حيدرآباد ۾ ڪاليج جي ڏينهن دوران، مان اڪثر لطيف آباد واري پنهنجي گهر کان شهر وڃڻ لاءِ “شارٽ ڪٽ” طور انڊس گلاس فيڪٽريءَ جي ويجهو گذرندو هوس. هيءَ فيڪٽري شهر جي ڏکڻ-اوڀر ۾ ريلوي لائين کان پرتي واقع هئي. مون کي مشهور آٽو بان روڊ پار ڪري هڪ ويران ۽ سوڙهي پڪي رستي تان گذرڻو پوندو هو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان جهنگلي ٻوٽا، گندي پاڻيءَ جا تلاءُ ۽ گندگي جا ڍير هوندا هئا. هي رستو ماڻهن کي ريلوي جي غير محفوظ ڦاٽڪ ذريعي شهر جي مرڪز تائين وٺي ويندو هو.
حيدرآباد، جيڪو سنڌ جو تاريخي ۽ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، عرصي کان شيشي جي چوڙين جي صنعت جي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت اتي چوڙين جا اٽڪل 35 يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، جن سان ٽن لکن کان وڌيڪ ماڻهن جو روزگار جڙيل آهي. پر ان وقت مون کي اندازو نه هو ته هيءَ فيڪٽري ڪيتري پراڻي ٿي سگهي ٿي، ۽ نه ئي مون ڪڏهن ان جي تاريخ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
بھرحال، جڏهن تازو ئي مون حيدرآباد جي گلاس انڊسٽريءَ بابت ڪجهه مضمون پڙهيا، جن ۾ دعوي ڪئي وئي هئي ته اهي فيڪٽريون 1947ع جي ورهاڱي وقت هندستان مان آيل پناھگيرن قائم ڪيون هيون، ته مون حيدرآباد جي گلاس انڊسٽريءَ جي تاريخ کي ڳولڻ شروع ڪيو. جڏهن مون پنهنجي هڪ دوست سان ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، ته هن حاجي فريد صديقيءَ جو نالو انڊس گلاس ورڪس جي بانيءَ طور ورتو، جنهن جا پٽ سندس اسڪول واري دور جا ساٿي هئا.
پر منهنجي تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي ته حيدرآباد ۾ گلاس فيڪٽريون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي شڪارپور سان تعلق رکندڙ سنڌي سيڙپڪارن جون قائم ڪيل هيون ۽ انڊس گلاس ورڪس انهن مان هڪ هئي. ورهاڱي کان اڳ جي هڪ ڪتاب ۾ هن صنعت جي مختصر تاريخ ملي ٿي.

“تازو ئي ڪجهه گلاس فيڪٽريون قائم ٿيون آهن،” ورهاڱي کان اڳ جي نامياري تاريخدان ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي هندن جي تاريخ” (صفحو 132-133، نئون ڇاپو) ۾ لکيو آهي ته، “انڊس گلاس ورڪس جا مالڪ شڪارپوري آهن، جيڪي تمام ساراهه جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن.”
ڀيرومل وڌيڪ لکي ٿو ته، “هندو سنڌين سنڌ ۾ برطانوي راڄ شروع ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي فيڪٽريون لڳائڻ شروع ڪيون هيون. انهن مان ڪن ڪپهه جون جننگ فيڪٽريون، اٽي جون چڪيون، چانورن جا سيلر ۽ ٻيا ڪارخانا کوليا. سيٺ اڌوداس پهريون شخص هو جنهن شڪارپور ۾ ٽيڪسٽائل فيڪٽري قائم ڪئي. اها شروعات ۾ ڪپڙي اڻڻ جو آڏاڻو (handloom) هئي جنهن کي بعد ۾ 1908ع ۾ مشين تي منتقل ڪيو ويو. روهڙيءَ ۾ ڪپڙي اڻڻ جا يونٽ قائم ٿيا، جڏهن ته سکر ۾ ڪپڙي جي ڪارخانن سان گڏ بسڪيٽن ۽ هوزري (hosiery) جا يونٽ لڳايا ويا. پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي شڪارپور ۾ برف جو ڪارخانو لڳايو هو، جڏهن ته سيوهڻ جي شهر بوبڪ ۾ ماچيس ٺاهڻ جو يونٽ قائم ٿيو. ڪراچي ۾ پڻ ٻيا ڪيترائي صنعتي يونٽ موجود هئا.”
تحقيق دوران هڪ قانوني دستاويز جي آن لائن ڪاپي پڻ ملي، جنهن مان اهو هڪ ٻيو ثبوت مليو ته انڊس گلاس ورڪس حيدرآباد ۾ هڪ شخص جيرامداس ۽ سندس ڀائيوارن قائم ڪئي هئي. هي دستاويز انڊس گلاس ورڪس جي ويجهو واقع هڪ زمين جي ٽڪري جي تڪرار بابت آهي.
هي دستاويز جنهن جو عنوان ’انڊس گلاس ورڪس ليميٽيڊ بنام سنڌ حڪومت‘ آهي، جنهن جي تاريخ 16 جنوري 1993ع آهي، اهو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مختار احمد جوڻيجو جو هڪ فيصلو آهي (1993 MLD 856).
ان فيصلي جا ڪجهه حصا هتي پيش ڪجن ٿا:
“پٽيشنر انڊس گلاس ورڪس ليميٽيڊ، جيڪا ڪمپني لا 1913 تحت هڪ ليميٽيڊ ڪمپني آهي، هن عدالت جي آئيني اختيار کي استعمال ڪندي ميمبر سنڌ بورڊ آف روينيو پاران 24 آڪٽوبر 1989ع تي جاري ڪيل هڪ حڪمنامي کي غير قانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. پٽيشنر اها پڻ دعا ڪئي آهي ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي تڪراري زمين کي ڪچي آبادي طور استعمال ڪرڻ يا منتقل ڪرڻ کان روڪيو وڃي.”
فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته:
“انڊس گلاس ورڪس هڪ رجسٽرڊ فرم هئي، جنهن جو مالڪ جيرامداس ۽ ٻيا ڀائيوار هئا. اها فرم ديهه ناريجي جي سروي نمبر 160 ۽ 161 ۾ واقع هڪ گلاس فيڪٽري هلائي رهي هئي، جيڪا تڪراري زمين (سروي نمبر 162 جا 2.34 ايڪڙ) جي بلڪل ڀرسان آهي. 21 جنوري 1948ع تي هڪ معاهدي تحت جيرامداس ۽ سندس ساٿين ’انڊس گلاس ورڪس‘ کي حاجي فريد الدين صديقيءَ کي هڪ لک روپين عيوض وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان معاهدي جي تصديق ڊپٽي سيٽلمينٽ ڪمشنر حيدرآباد 19 جنوري 1955ع تي ڪئي. معاهدي تي عملدرآمد لاءِ فريد الدين صديقيءَ سول ڪورٽ حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو، جنهن جو فيصلو 27 اپريل 1955ع تي حاجي فريد الدين جي حق ۾ ۽ متروڪه ملڪيت جي مالڪن ۽ ڪسٽوڊين خلاف آيو. ان کان پوءِ 9 جون 1955ع تي باقاعده سيل ڊيڊ (وڪرو نامو) رجسٽر ٿيو. هي سڀ ڪجهه انڊس گلاس ورڪس فيڪٽري بابت هو جيڪا سروي نمبر 160 ۽ 161 تي واقع هئي. بعد ۾ پهرين سيپٽمبر 1956ع تي هڪ وڪري نامي تحت هي سموري ملڪيت هڪ ليميٽيڊ ڪمپني ’انڊس گلاس ورڪس ليميٽيڊ‘ ڏانهن منتقل ڪئي وئي.”
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته:
“جڏهن انڊس گلاس ورڪس جا مالڪ جيرامداس ۽ ٻيا هئا، ته کين سٽي مختيارڪار حيدرآباد پاران 10 مئي 1950ع تي جاري ڪيل هڪ خط ذريعي تڪراري زمين (سروي نمبر 162 جا 2 ايڪڙ 34 گهنٽا) تي ’مالڪاڻو‘ ادا ڪري قبضو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. لڳي ٿو ته هندو مالڪن ان زمين جي قيمت ادا نه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ نئين خريدار حاجي فريد الدين فيڪٽري جي واڌاري لاءِ ڪليڪٽر حيدرآباد سان رابطو ڪيو. 27 اپريل 1950ع تي ڪليڪٽر حيدرآباد اها زمين انڊس گلاس ورڪس کي الاٽ ڪئي، جنهن جو مالڪاڻو 10345.50 روپيا امپيريل بئنڪ آف انڊيا ۾ جمع ڪرايو ويو.”
اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته انڊس گلاس ورڪس جو مالڪ جيرامداس ۽ سندس ڀائيوار هندستان لڏي ويا يا سنڌ ۾ ئي رهي پيا، يا سندن اولاد اڄ ڪلهه ڪٿي آهي. اميد آهي ته هي مضمون مون کي سندن پونئيرن سان رابطو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
____________

صحافي نصير اعجاز جي انگريزي مضمون جو سنڌي ترجمو. ھيءُ مضمون سنڌ ڪوريئر ۾ شائع ٿيو ھو



