سنڌ جي عورت: محرومين، متڀيد جا پنجوڙ ۽ بقا جي جنگ
شاهه لطيف جون سورميون هجن يا موجوده دور جون سياسي اڳواڻ، سنڌ جي نياڻي هر دور ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. پر افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته اڄ به سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عورتون سنگين مسئلن جي گهيري ۾ آهن.
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جتي ڪيترن ئي ضلعن ۾ عورتن جي پڙهائيءَ جي شرح رڳو 35 کان 45 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي. معاشي ميدان ۾ به عورتن کي برابر جا موقعا ميسر ناهن. ليبر فورس ۾ عورتن جي شرڪت رڳو 22 کان 24 سيڪڙو آهي.

مجيد نواز مغل
هر سال 8 مارچ تي پوري دنيا ۾ “عورتن جو عالمي ڏينھن” ملهائبو آهي، جيڪو عورتن جي سماجي، سياسي ۽ معاشي جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. سنڌ جي تاريخ گواهہ آهي ته هتان جي عورت هميشه بهادري ۽ همت جي علامت رهي آهي؛ چاهي شاهه لطيف جون سورميون هجن يا موجوده دور جون سياسي اڳواڻ، سنڌ جي نياڻي هر دور ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. پر افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته اڄ به سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عورتون سنگين مسئلن جي گهيري ۾ آهن.
تعليم: سنڌ جي صورتحال
تعليمي ميدان ۾ عورتن جي پٺتي هجڻ هڪ وڏو الميو آهي. ملڪي سطح تي عورتن جي شرحِ خواندگي اٽڪل 48 کان 50 سيڪڙو آهي، جيڪا مردن جي 70 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. خاص ڪري اسان جي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي، جتي ڪيترن ئي ضلعن ۾ عورتن جي پڙهائيءَ جي شرح رڳو 35 کان 45 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي. پاڪستان ۾ اٽڪل 2.6 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ يعني تقريباً 1.4 ڪروڙ رڳو ڇوڪريون آهن. جيتوڻيڪ پرائمري سطح تي 80 سيڪڙو تائين داخلا ٿئي ٿي، پر مڊل ۽ سيڪنڊري تائين پهچندي اڌ کان وڌيڪ ڇوڪريون تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.
معاشي ۽ فني محروميون
معاشي ميدان ۾ به عورتن کي برابر جا موقعا ميسر ناهن. ليبر فورس ۾ عورتن جي شرڪت رڳو 22 کان 24 سيڪڙو آهي، جڏهن ته مردن جو حصو 70 سيڪڙو تائين آهي. عورتن کي ساڳئي ڪم جو اجورو به مردن جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو تائين گهٽ ڏنو وڃي ٿو. فني تعليم ۾ به عورتن جو حصو رڳو 25 سيڪڙو آهي ۽ اڪثر ڇوڪريون روايتي سلائي ڪڙهائي تائين محدود آهن، جڏهن ته آئي ٽي ۽ ڊجيٽل اسڪلز تائين سندن پهچ مردن جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو گهٽ آهي. سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهہ اها آهي ته زراعت ۾ پگهر وهائيندڙ عورتن مان رڳو 5 سيڪڙو کان به گهٽ عورتن جي نالي تي زميني ملڪيت رجسٽرڊ آهي.
مسئلن جو حل ۽ عملي قدم
عورتن جي ترقي رڳو نعرن ۾ نه، پر عملي قدمن ۾ آهي. ضرورت ان ڳالهہ جي آهي ته:
سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ گرلز اسڪول قائم ڪيا وڃن ۽ نياڻين لاءِ اسڪالرشپس جو نظام سگهارو ڪيو وڃي.
عورتن کي رڳو سلائي ڪڙهائي تائين محدود رکڻ بدران کين آئي ٽي، اي ڪامرس ۽ جديد فني تربيت ڏني وڃي.
ڪم جي جڳهن تي هراسانگيءَ خلاف قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن عورتون محفوظ ماحول ۾ ڪم ڪري سگهن.
وراثت ۽ ملڪيت جي قانونن تي عملدرآمد ڪرائي کين معاشي طور بااختيار بڻايو وڃي.
عورت رڳو گهر جي زينت ناهي پر سماج جو اڌ حصو آهي. جيڪڏهن اسان جي نياڻي تعليم کان محروم رهندي ته سماجي ترقي ناممڪن آهي. اچو ته اڄوڪي ڏينهن تي اهو عهد ڪريون ته اسان پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن لاءِ اهڙو سماج بڻائينداسين جتي هوءَ محفوظ، باوقار ۽ بااختيار زندگي گذاري سگهي.
_____________

مجيد نواز مغل صحافي آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو




عورتن جي عالمي ڏينهن تي بھترين تحرير