اغوا، ڌاڙن، پاٿارين ۽ ٻين سنگين ڏوھن پُٺيان سياسي ماڻھن جو ھٿ آھي
سنڌ جو ماڻهو جيستائين ڀوتارن جي پيرن مان هٿ ڪڍي سندن پٽڪي ۾ هٿ نه وجهندو تيستائين نه امن ٿيندو نه خوشحالي ايندي، ڇاڪاڻ جو برادرين جي جهيڙن، اغوائن، ڦرن، چورين ۽ پاٿارين ۾ سياسي هائوسز جا خاص سيل قائم ڪيل آهن جيڪي ٽارگيٽيڊ ڏوھ ڪرائين پيا.

نسيم بخاري
ھن سال اتفاق سان پوليس جي شھيدن جو ڏھاڙو ۽ ڪربلا جي شھيدن جو چاليھو اڄ چوٿين اگست تي آھن. ڪربلا جا شهيد هجن يا پوليس جا شهيد، اسان لاءِ ٻئي نهايت عزت ۽ احترام جا حقدار آهن، ڇو تہ شهادت جو جذبو بنيادي طور انسان کي ٻين لاءِ جيئڻ جو سليقو سيکاري ٿو ۽ قرباني، انصاف ۽ حق خاطر بيهڻ جو درس ڏئي ٿو. شهادت پنهنجي پسمنظر ۾ رڳو هڪ قرباني نه، پر هڪ نظريو، هڪ فڪر، ۽ انساني زندگيءَ جي عظمت، جرئت ۽ اعليٰ قدرن جي شاهڪار جهلڪ پڻ آهي.
ڪِن ڪارين رڍن جي ڪري پوليس بظاهر ته بدنام کاتو آهي، پر انھيءَ کاتي جا ڪي بھادر اھلڪار ڏوھارين جي حملن ۾ شهيد ٿي ويندا آھن . عوام جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون جوکي ۾ وجهي هر خطري آڏو سينو تاڻي بيهندڙ آئندہ نه ھجڻ جو احساس ڏئي ماضي بڻجي ويندا آھن . ڪاش سندن ڪميءَ کي سندن خاندانن کانسواءِ به ڪو محسوس ڪري سگھندو ھجي.
سندن ٻچا يتيم ٿي ويندا آھن ، عيد ڏھاڙي يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي سندن گھرن ۾ اداسيءَ جا ڪڪر ڇانيل رهندا آھن. ڪي والدين پنهنجن پٽن جي واپسيءَ جو انتظار ڪندا رهجي ويندا آھن ، ڪي معصوم ٻار پنهنجن پيئرن جي شفقت کان محروم ٿي ويندا آھن. اسان کي انهن جي قربانين کي نه وسارڻ گهرجي، نه رڳو لفظن ۾، پر عملن سان به. انهن لاءِ انصاف جو آواز اٿارڻ، انهن جي وارثن جو سهارو بڻجڻ اسان جو فرض آهي. انهن جون زندگيون رائگان نه وڃڻ گهرجن، جيڪي ڏوھاري گينگ خلاف پوليس ڪارروائيءَ دوران ڏوھارين جي فائرنگ ۾ شھيد ٿين ٿا، سندن لاش ڪلاڪن ۽ ڏينهن تائين ڏوھارين وٽ يرغمال رھن ٿا، پوليس راڄوڻي ڪوششن ذريعي شھيد اھلڪار جا لاش ۽ زخمين کي ڏوھارين کان ڇڏائيندي آھي.
ھڪ تلخ حقيقت آھي ته هن وقت تائين پوليس اهلڪار کان آفيسر سطح جا درجنين جوان شهيد ٿيڻ باوجود اڄ تائين سندن خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. الميو اھو آھي تہ پوليس جي سوين ھزارين قربانين کان پوءِ به قاتل پنھنجي منطقي انجام تي ناھن رسيا. ويتر انھن پنھنجا پلاند پاڙيا آھن، پوليس کان عيوضا وصولي ڪيا آھن ۽ سدائين خوف ۾ رکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو سنڌ اڄ بدترين بدامني جو شڪار آھي.
حقيقت ھيءَ آھي تہ سنڌ جو ماڻهو جيستائين ڀوتارن جي پيرن مان هٿ ڪڍي سندن پٽڪي ۾ هٿ نه وجهندو تيستائين نه امن ٿيندو نه خوشحالي ايندي، ڇاڪاڻ جو برادرين جي جهيڙن، اغوائن، ڦرن، چورين ۽ پاٿارين ۾ سياسي هائوسز جا خاص سيل قائم ڪيل آهن جيڪي ٽارگيٽيڊ ڏوھ ڪرائين پيا.
خلق جي ڪاوڙ پوليس تي ھوندي آھي جيڪا پڻ عوام وانگر لاچار ۽ بيوس بڻائي وئي آھي. پوليس خلاف اٿيل آوازن جي رخ بدلائڻ جي ضرورت آھي ڇو تہ نانگ نڪري ويو آھي ۽ پاڻ ليڪو ڪٽي رھيا آھيون.
ماضيءَ جا سمجھدار آفيسر شعوري ڪوششون ڪري پنھنجي حڪمت سان ڏوھن ۽ ڏوھارين جا سبب مختلف طريقن سان ھر عام خاص تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ھئا پر ھاڻ ان طرف ڌيان ئي ناھي. شايد اھو ئي سبب آھي جو پوليس اڪيلي ۽ ڪمزور ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ڏوھارين توڙي سرپرستن کي گھرجي ئي اھو ٿو.
پوليس بابت خراب تاثر جو هڪ سبب عوام جا تلخ تجربا آهن، پر ان جو وڏو ذميوار رياستي ادارن ۽ حڪومتن طرفان پوليس سڌارن تي گهٽ ڌيان ڏيڻ به آهي. رشوت وٺڻ يا پوليس آفيسرن جي بدلحاظي اڪثر بهادر اهلڪارن جي قربانين کي لڪائي ڇڏي ٿي، جن ڏوھارين جي خاتمي لاءِ جان ڏني آھي.
صفوت غيور خيبرپختونخواهه ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل پوليس هو۽ 4 آگسٽ 2010ع تي پشاور ۾ خودڪش حملي ۾ شهيد ٿيو ھو. هُو دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائين لاءِ مشهور هو ۽ پنهنجي علائقي مان شدت پسندن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪندو رهيو. تحريڪ طالبان پاڪستان به کيس پنهنجي اهم هدفن مان هڪ قرار ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته هو انهن خلاف سخت آپريشن ڪندو هو.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ تمام گهٽ ماڻهو صفوت غيور جهڙن پوليس آفيسرن بابت ڄاڻن ٿا. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فوج جي قربانين کي گهڻو ساراهيو وڃي ٿو، جيڪا بلڪل جائز ڳالهه آهي، پر پوليس جون قربانيون به گهٽ اهم ناهن.
اھڙين حالتن ۾ نوجوان پوليس ۾ شامل ٿيڻ ڇو پسند ڪندو؟ عزت گهٽ ملي ٿي؛ زندگي خطري ۾ رهي ٿي؛ قربانين کي گهڻو ڪري وساريو وڃي ٿو؛ ۽ پوري اداري کي ڪرپشن سان ڳنڍيو وڃي ٿو.
انھيءَ ڪري پوليس ۾ وڏن سڌارن جي ضرورت آهي. مضبوط پوليس رياست جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف پهرين دفاعي قطار پوليس ئي آهي، صرف فوج نه. بهادر آفيسرن جي قربانين کي اجاگر ڪري ۽ پوليس کي عزت، وسيلا ۽ سڌارا فراهم ڪري. مضبوط پوليس کانسواءِ ملڪ ۾ سول ۽ فوجي توازن به بهتر نٿو ٿي سگهي.
انهن پوليس شهيدن کي ياد ڪريڻ کپي، جيڪي جان قربان ڪن ٿا، پر سندن نالا ۽ قربانيون اڪثر عوامي يادگيري مان وسري وڃن ٿيون.
________________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



