موهن جي دڙي جي کوٽائي: خانقاهه جا راز ۽ اڏاوتي شاهڪار
(سنڌ جي عظيم ۽ قديم تهذيب جو مرڪز، موهن جو دڙو، رڳو هڪ مٽيءَ جو ڍير ناهي پر انسان جي اڏاوتي عقل، فن ۽ مذهبي ارتقا جو هڪ اٿاهه سمنڊ آهي. ننڍي کنڊ جي نامياري ماهرِ آثارِ قديمه، آر. ڊي. بئنرجيءَ جي تحقيقي ڪتاب جي ٽئين باب جو هي آخري حصو پڙهندڙ کي ان دور جي کوٽائيءَ واري سفر تي وٺي وڃي ٿو، جتي ماضيءَ جي هڪ نئين شڪل سامهون اچي ٿي. هن تحرير ۾ سائيٽ نمبر 1 جي مختلف چيمبرن (ڪمرن)، خاص ڪري چيمبر نمبر 3 کان وٺي 15 تائين جي تفصيلي اڏاوتي بيهڪ جو نقشو چٽيو ويو آهي. منفرد ڳالهه اها آهي ته هتي اڏاوت جي مٿان اڏاوت (Superimposed Structures) جي سائنسي شاهدي ملي ٿي. ڪيئن ٽين يا ٻي صدي قبل مسيح جي معمارن ان کان به وڌيڪ قديم عمارتن جي کنڊرن تي نيون عمارتون ۽ هال اڏيا، ۽ ڪيئن باهه جي حادثن ۽ وقت جي بي رحم لهرن هن عظيم صحن (Courtyard) کي متاثر ڪيو.)

نصير اعجاز
هن حصي جي صفائي ڪندي، مسٽر اين. اي. وارٽيڪر کي اوچتو گچ (اسٽڪو) جو هڪ گول ٽڪرو مليو، جنهن تي گهرا گهڙيل نشان هئا ۽ ان جي اونهن حصن ۾ ڪاري رنگ جا نشان باقي هئا. آھستي آھستي، گچ جا اٺ وڌيڪ ٽڪرا هٿ ڪيا ويا. انهن ٽڪرن مان، مهاتما ٻڌ جي هڪ بيهندڙ مجسمي جا حصا ٻيهر جوڙيا ويا.
مهاتما ٻڌ کي وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پاتل ڏيکاريا ويا هئا، جنهن ۾ مٿيون چوغو يا ‘سنگهاٽي’ اترين يا گنڌارا جي فن واري انداز ۾ ٺهيل هئي. سر آريل اسٽين کي وچ ايشيا مان اهڙا ڪيترائي مجسما مليا هئا. هتان لڌل ٽڪرن ۾ صرف ڪپڙن (لباس) جا حصا شامل هئا؛ مٿي، هٿن يا پيرن جو ڪو به حصو نه ملي سگهيو.
سڄي واري هٽائڻ کان پوءِ، هڪ ٻيو ٽڪرو مليو جيڪو تڪلي (spindle-whorl) سان مشابهت رکندو هو. اهو ممڪن طور تي ٻڌ جي مجسمي جو مٿيون جوڙو (top-knot) هو. ائين لڳي ٿو ته هن خانقاهه/عبادتگاهه کي باهه جي ڪري بار بار نقصان پهتو هو. اهو ممڪن ٿو لڳي ته مهاتما ٻڌ جو مجسمو اهڙي ئي ڪنهن باهه جي حادثي دوران تباهه ٿي ويو هو.
گچ جي انهن ٽڪرن تي متبادل طور تي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جون پٽيون لڳل هيون، ۽ انهن رنگن جي چمڪ اڃا تائين قائم آهي. گچ جي انهن ٽڪرن سان گڏ، اسان کي مٽيءَ مان ٺهيل هڪ ٻڌستوا (Bodhisattva) جي مجسمي جو ڌڙ پڻ مليو. نفيس سيلابي مٽيءَ مان ٺهيل هن مجسمي جي ڳچيءَ ۾ اڃا تائين ڳاڙهي هار جا نشان موجود آهن.
معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪمري جي ديوارن کي ڪنهن زماني ۾ مٽيءَ سان وڏي احتياط سان پلستر ڪيو ويو هو. اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چُن ۽ واريءَ جي ٺهيل هڪ پٽي ديوار جي هيٺين حصي کي مٿئين حصي کان ڌار ڪندي هئي. هن پٽيءَ جا ڪيترائي ٽڪرا هٿ آيا آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ان تي ڳاڙهو يا گلابي رنگ ٿيل هو.
ڪمرو نمبر 3 ڊيگهه ۾ 29 فٽ 9 انچ ۽ ويڪر ۾ 9 فٽ 6 انچ آهي. هن ڪمري جي پراڻي فرش جي هيٺان، اسان کي هڪ تمام قديم ديوار ملي، جيڪا اترين ديوار جي هيٺان تائين پکڙيل آهي ۽ ڪمري نمبر 2 جي فرش جي هيٺان تائين هلي وڃي ٿي. هن قديم ديوار جي سرن جي سڀ کان مٿاهين قطار، هن ڪمري جي اولهائين ديوار سان لڳل ڏاڪي کان 1 فٽ ساڍا 7 انچ هيٺ آهي.
مسٽر ڪي. اين. ڊڪشيٽ هن ديوار جي هيٺان هڪ نالي (drain) دريافت ڪئي، جيڪا اصل ۾ ان ناليءَ جو تسلسل آهي جيڪا 1922-23ع ۾ صحن جي ٻاهرين ديوار کان ٻاهر، ڪمري نمبر 10 ۽ 11 جي اتر ۾ ظاهر ڪئي وئي هئي.
پڪل سِرن جي ٿلهي (platform) جي اڀرندڙ پاسي سان گڏ ڪمرو نمبر 4 واقع آهي. ڪمري نمبر 4 جي اولهائين ديوار جي وچ ۾ موجود دروازو، جيڪو سڌو سنئون عبادتگاهه جي سامهون آهي، اهو پڻ ٿلهي جي وچ واري محور (axis) تي واقع آهي. اهڙيءَ طرح لنگهه (passage)، عبادتگاهه، ۽ سرن جي ٿلهي جي اڀرندي ڪناري، سڀ هڪ ئي سڌي لڪير ۾ اچن ٿا.
هي ڪمرو ڊيگهه ۾ 24 فٽ 8 انچ ۽ ويڪر ۾ 13 فٽ 8 انچ آهي. شروعاتي دور ۾، هي ڪمرو تمام گهڻو سوڙهو هو، جنهن جي وچ مان اوڀر کان اولهه طرف هڪ ديوار ويندي هئي. ان وقت هن ديوار جي ڪري ٺهندڙ ٻنهي سوڙهن ڪمرن مان هر هڪ جي ويڪر صرف 5 فٽ 5 انچ هئي. بعد ۾، وچين ديوار کي ڊاهي ٻنهي ڪمرن کي ملائي هڪ ڪيو ويو.
عيسوي سن جي ٻي صديءَ تائين، هيءَ قديم ديوار هاڻي صحن جو حصو نه رهي هئي، جيتوڻيڪ هيءَ صحن جي اڀرندڙ ۽ اولهائين ٻنهي حصن کان اڳ جي ٺهيل آهي. ان ڪري هاڻي اهو طئہ ڪرڻ مشڪل آهي ته ٻي صدي عيسويءَ کان اڳ هن ڪمري جو ڏاکڻو پاسو ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندو هو، ڇو ته قديم وچين ديوار سان لڳل ڏاکڻي ديوار ايتري اونهي نه اڏيل آهي جيتري خود قديم ديوار آهي. تنهن ڪري اهو واضح آهي ته هيءَ ديوار صحن جي آسپاس وارن ڪمرن سان گڏ اڏي وئي هئي.
قديم ديوار جي سرن جي سڀ کان مٿاهين قطار، ان کان پوءِ واري ديوار جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان 1 فٽ 6 انچ هيٺ آهي. هن ڪمري جي اڀرندڙ ديوار ۾ ڪو به لنگهه (دروازو) ناهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اڏاوت جي آخري دور ۾ هتي ڪو به اهڙو دروازو ڪونه هو جيڪو صحن جي ٻاهرين ديوار کان ٻاهر ويندو هجي.
ڪمري جي وچ مان گذرندڙ قديم اوڀر-اولهه ديوار جي هيٺان، ٻيون ٻه ديوارون مليون. اهي ٻئي ديوارون اڳوڻي ديوار کي ٽڪونڊي (right angles) اتر-اولھ طرف ڪٽين ٿيون. انهن ٻنهي ديوارن جو ان قديم ديوار سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اهي يقيني طور تي ان کان به اڳ جي ڪنهن اڏاوت جو حصو هيون. اهي بلڪل ان ئي سطح تي آهن جنهن تي ڪمري نمبر 2 جي اترين ديوار هيٺان لڌل قديم ديوار آهي.
ٽن مختلف دورن سان تعلق رکندڙ اڏاوتن جا اهڙا ئي هڪ ٻئي جي مٿان چڙهيل آثار اولهائين پاسي جي ڪمرن ۾ پڻ ڏسي سگهجن ٿا. اڏاوت جي انهن هڪ ٻئي پٺيان مٿان چڙهيل تهن کان علاوه، صحن جي ڏکڻ-اڀرندڙ ۽ اترين ڪمرن جي ديوارن جي ٻاهر جنهن عمارتن جا آثار مليا آهن، تن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي عمارتون، جن جي کنڊرات تي ٽين يا ٻي صدي قبل مسيح جي معمارن پنهنجون عمارتون اڏيون، اهي اصل ۾ بعد واري ڪمپليڪس جي ڀيٽ ۾ پکيڙ ۾ تمام ننڍيون هيون.
ڪمري نمبر 4 کان ڏکڻ طرف وڌندي، ماڻهو ڪمري نمبر 5 تائين پهچي ٿو. صحن جي آسپاس وارن تمام ڪمرن ۾، ڪمرو نمبر 5 سڀ کان وڏو آهي. دراصل، اهو هڪ وڏو هال آهي جيڪو ڊيگهه ۾ 43 فٽ 3 انچ ۽ ويڪر ۾ 25 فٽ 3 انچ آهي.
هن هال جي اترين ديوار، جيڪا ڪمري نمبر 4 جي ڏاکڻي ديوار پڻ آهي، اها نسبتاً بعد واري دور يعني صحن جي اڏاوت جي آخري دور سان تعلق رکي ٿي. پر، هال جي اڀرندڙ ۽ اولهائين ديوارون تمام اڳئين اڏاوت جو حصو آهن، ۽ انهن جا بنياد اترين ديوار جي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار کان به وڌيڪ اونهائيءَ ۾ رکيل آهن.
هال جي ڏاکڻي ديوار سڀ کان آخري واڌارو آهي، ۽ جنهن بنياد تي اها اڏي وئي هئي، اهو ڪنهن به صورت ۾ مضبوط نه هو.
صحن جي ڏکڻ-اڀرندي ڪنڊ ۾ واقع ڪمرو، ڪمرو نمبر 6 آهي. ڪمري نمبر 6 جي صفائي ڪندي اهو واضح ٿيو ته ان جي اترين ديوار جيڪا ڪمري نمبر 5 جي ڏاکڻي ديوار طور پڻ ڪم ڪري ٿي، هڪ کنڊر جي دڙي جي لاهي واري پاسي تي اڏي وئي هئي. هن ديوار جي اولهائين ڇيڙي تي سرن جي سڀ کان هيٺين قطار، اڀرندڙ ڇيڙي جي ڀيٽ ۾ 3 فٽ 10 انچ وڌيڪ مٿي آهي. تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پنهنجي موجوده صورت ۾، ڪمرو نمبر 5 صحن جي ڪمپليڪس جي سڀ کان آخري عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان جي اڏاوت دوران، پراڻين ديوارن جا ڪجهه حصا جزوي طور ٻيهر استعمال ڪيا ويا هئا.
هن هال جي اندر هاڻي هڪ ننڍڙي عبادتگاهه (chapel) جو هيٺيون حصو بچيل آهي، جتي ڪجهه ڏاڪا هيٺ لهي پهچي سگهجي ٿو. هيءَ عبادتگاهه هڪ ٿلهي تي اڏيل آهي جيڪو هال جي سڀ کان پراڻي فرش جي سطح کان 2 فٽ 11 انچ مٿي آهي. هال جي پڪي فرش تان ٽي ڏاڪا مٿي عبادتگاهه ڏانهن وڃن ٿا. عبادتگاهه جي اترين ديوار، هال جي اترين ديوار کان 9 فٽ 8 انچ ڏکڻ طرف آهي.
اهو مجسمي جو ڪمرو (عبادتگاهه) پاڻ ۾ ڪافي ننڍو آهي، جنهن جي ماپ صرف 6 فٽ 10 انچ ڀاڱي 7 فٽ 6 انچ آهي. ڪنهن بعد واري دور ۾، عبادتگاهه جي پٺين ديوار کي 1 فٽ 6 انچ اولهه طرف وڌايو ويو هو. پر، هن واڌاري جو بنياد مٽيءَ جي ڀراءُ تي رکيل آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت تائين فرش جي سطح کي مٿي ڪيو ويو هو، جنهن ڪري اهي ڏاڪا بيڪار ٿي ويا هئا.
هن عبادتگاهه جي ڏکڻ ۾ سرن جو هڪ مستطيل (rectangular) بنياد موجود آهي جنهن جي ماپ 5 فٽ بائي 2 فٽ 6 انچ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي ڪڏهن ڪا ٻي ننڍي عبادتگاهه پڻ هئي. وڏي عبادتگاهه کان 9 انچ ڏکڻ طرف، ۽ ننڍي عبادتگاهه جي ٿلهي کان 2 فٽ 3 انچ پري، سرن جو هڪ ٻيو وڏو بنياد موجود آهي. هي تقريبن چورس اڏاوت يا ته ڪنهن ٻي عبادتگاهه جي مدد لاءِ هئي يا وري پوڄا لاءِ قربان گاهه/ويدي (altar) طور ڪم ايندي هئي.
جيئن اڳ ۾ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي، هن هال جي اڀرندڙ ۽ اولهائيون ديوارون هڪ ان کان به وڌيڪ پراڻي عمارت جو حصو آهن. جڏهن هن ڪمري جي اولهائين پاسي واري صحن جي فرش جي سطح کي بلند ڪيو ويو… …ته هن هال جي اولهائين ديوار جي ويجهو ٻه ڏاڪا وڌائڻا پيا. اهي ڏاڪا ويڪر ۾ 1 فٽ 8 انچ ۽ ڊيگهه ۾ 6 فٽ 10 انچ آهن. وقت گذرڻ سان گڏ، هال جي اندر هڪ ٻيو فرش اڏڻ ضروري ٿي پيو. هي بعد وارو فرش اڳئين فرش کان 2 فٽ 1 انچ مٿي آهي، ۽ ان جا ڪجهه حصا هال جي ڏکڻ-اولهائين ڪنڊ ۾ محفوظ مليا آهن.
اوڀر پاسي جو آخري ڪمرو هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي جيڪو ڊيگهه ۾ 15 فٽ 6 انچ ۽ ويڪر ۾ 11 فٽ 3 انچ آهي. هن ڪمري جي اڏاوت سان تعلق رکندڙ ڪجهه تفصيل آسانيءَ سان سمجهائي نٿا سگهجن.
هن ڪمري جي اڀرندڙ ۽ ڏاکڻي ديوارن جا بنياد اترين ۽ اولهائين ديوارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اونهائيءَ ۾ رکيا ويا هئا. ان کان علاوه، اڀرندڙ ۽ ڏاکڻيون ديوارون، پنهنجي موجوده صورت ۾، ٻن مختلف دورن سان تعلق رکن ٿيون. جيتوڻيڪ اهي ٻئي ديوارون اصل ۾ بنياد کان 5 فٽ 3 انچ جي اوچائيءَ تائين گڏ اڏيون ويون هيون، پر انهن جي مٿين حصن جي سڌائي (alignment) هيٺين حصن کان ڌار ٿئي ٿي. اڀرندڙ ديوار جو مٿيون حصو ٿورو هٽيل (offset) آهي، جڏهن ته ڏاکڻي پاسي تي مٿيون حصو ڪجهه هنڌن تي ڪمري جي اندرئين طرف 2 کان 3 انچ اڳتي نڪتل آهي.
هن ڪمري جي اترين ديوار، جيڪا مٿي بيان ڪيل ڪمري نمبر 5 جي ڏاکڻي ديوار پڻ آهي، سا سڌي بنياد تي نه پر هڪ گولائي واري (curved) بنياد تي اڏيل آهي. بعد واري هڪ دور ۾، جڏهن عمارت کي ٻيهر اڏيو ويو، ته اهو بنياد جنهن تي اترين ديوار بيٺل هئي، ڪنهن به صورت ۾ محفوظ نه هو. اهڙيءَ طرح، هن ڪمري جي اولهائين ديوار، جنهن ۾ 5 فٽ 6 انچ جو دروازو هو، سا پڻ غير مستحڪم کنڊرات جي مٿان اڏي وئي هئي.
اترين ديوار جو اڀرندڙ ڇيڙو اوترو ئي اونهو اڏيل آهي جيتريون اڀرندڙ ۽ ڏاکڻيون ديوارون آهن، ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهو اڀرندڙ ديوار جي پٿرائي/سرن جي ڪم سان گڏ ئي تعمير ڪيو ويو هو.
هن ڪمري جي اندر اسان کي هڪ قديم فرش مليو جيڪو ڪمري نمبر 5 جي بعد واري فرش کان 7 فٽ هيٺ هو. هن فرش جي هيٺان اسان کي ان کان به اڳ جون آڏيون ديوارون مليون، جيڪي هڪ ٻئي کي ڪاٽڪو ڪونڊ تي ڪٽين ٿيون ۽ ظاهر آهي ته اهي وزن کڻڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون.
جيئن ته ڪمرو نمبر 6 صحن جي اتر-اوڀر ڪنڊ ۾ واقع آهي (نوٽ: اصل متن موجب هي ڏکڻ-اڀرندي ڪنڊ آهي)، تنهن ڪري هي اڀرندڙ قطار جو آخري ڪمرو ۽ ڏاکڻي قطار جو پهريون ڪمرو بڻجي ٿو. هاڻي اسان ڏکڻ طرف رخ ڪريون ٿا.
صحن جي ٻاهرين ديوار کان ٻاهر ڪيتريون ئي اهڙيون ڪوٺيون آهن جيڪي ٻي صدي قبل مسيح جي صحن واري ڪمپليڪس جو حصو نه هيون، پر اهي تهن جي حساب سان صحن جي اولهائين ڪمرن هيٺان لڌل اڳين ديوارن سان ڳنڍيل آهن. ٻين لفظن ۾، اهي اڏاوتون زمين جي اندر هڪ ئي سطح تي واقع آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته اهي ساڳئي دور سان تعلق رکن ٿيون.
ايئن معلوم ٿئي ٿو ته، سائيٽ نمبر 1 جي ڪنهن به ٻي عمارت جي ڀيٽ ۾، بنيادي ٿلهي جي ڏاکڻي پاسي ۽ صحن جي ٻاهرين ديوار کي سڀ کان وڌيڪ سخت نقصان پهتو هو. سڀ کان پهرين ته صحن جي ڏاکڻي ڪناري سان گڏ ٻاهريون ديوار، بنيادي ٿلهي جي ڏکڻ-اولهائين ڪنڊ وارين عمارتن سميت مڪمل طور تي غائب ٿي وئي، جنهن ۾ انهن جا بنياد به شامل هئا.
ڪمري نمبر 6 جي اولهه ۾ ڪمرو نمبر 15 واقع آهي. هي هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي جيڪو لڳي ٿو ته ڪڏهن هڪ بند ڪمرو هو، جيتوڻيڪ هاڻي اهڙي ڪنهن گهيري جا آثار باقي ناهن رهيا. هن وقت هن ننڍڙي ڪمري جو ڏاکڻو پاسو کليل آهي جڏھن ته صحن جي ٻاهريون ڏاکڻي ديوار هن پاسي کان مڪمل طور تي مٽجي چڪي آهي.
هن ڪمري جون اوڀر ۽ اولهائيون ديوارون کنڊرات جي مٿان اڏيون ويون هيون. انهن ديوارن ۾ تعمير جي سڀ کان هيٺين قطار، صحن جي اڀرندڙ پاسي تي مرڪزي ٿلهي ۾ موجود عبادتگاهه جي دروازي جي سامهون واري بعد واري يا سڀ کان مٿاهين فرش کان صرف 1 فٽ 10 انچ هيٺ آهي، ۽ هيٺين يا اڳئين فرش کان 10 انچ هيٺ آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي ڪمرو صحن جي اوڀر پاسي جي پڪي فرش (پيومينٽ) جي اڏاوت سان گڏ ئي ٺاهيو ويو هو. هن ڪمري جي کليل ڏاکڻي پاسي جي سامهون هڪ قديم ديوار وڃي ٿي، جيڪا صحن جي ڏاکڻي ٻاهرين ديوار جي نقشي جي متوازي (parallel) آهي. (ايندڙ قسط ۾ نئون باب شروع ٿيندو )
_____________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.




موھن جي دڙي متعلق بھترين ڄاڻ