Editor's pickMain Slideدنياڪالم

ڇا آمريڪي نظام ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھي؟ دنيا تي انھيءَ جا ڪھڙا اثر پوندا؟

آمريڪي عالمي معاشي نظام ڪوريئڙي جي اھڙي ڄار جيان آھي جنھن ۾ دنيا مڪمل طور ڦاٿل آھي. انھيءَ ڄار کي ٽوڙڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي، ان ۾ عالمي مارڪيٽ ڀڄي پوندا، واپاري نظام ڪمزور ٿي ويندو

ڇا اھڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ چين ۽ روس جھڙين وڏين طاقتن ڪا حڪمت عملي ٺاھي آھي؟

ليکڪ نور محمد مري

تاريخ شاھد آھي ته جڏھن به ڪا وڏي سلطنت زوال پذير ٿي تہ دنيا افراتفريءَ ۽ انتشار ۾ وڪوڙجي وئي آھي۔ جڏھن رومي سلطنت ڊهي پئي، تڏھن يورپ اونداهي دور ۾ داخل ٿي ويو جيڪو صدين تائين سياسي ڀڃ ڊاھ، معاشي زوال، ۽ اخلاقي ڪمزوريءَ سان ڀريل دور ھو۔ روم جيڪو امن، واپار ۽ قانون جو نظام قائم ڪيو ھو، ان جي ڀڃ ڊاهه سان انسانيت کي وڏا نقصان پهتا۔

اڄ، آمريڪا دنيا ۾ اھڙي ئي مرڪزي حيثيت رکي ٿو۔ اھو صرف ھڪ ملڪ ناھي، پر جديد عالمي نظام جو مرڪزي ٿنڀ آھي۔ جيڪڏھن ھيءَ طاقت ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿئي ٿي، ته ان جا اثر رڳو ھڪ خطي تائين محدود نه رھندا، پر سڄي انساني نظام کي لوڏيندا، جيڪو ٻي عالمي جنگ کان وٺي اڄ تائين قائم آھي۔

آمريڪا جي معيشت عالمي نظام جي دل آھي۔ ڊالر دنيا جي ذخيرن واري ڪرنسي آھي، جنھن تي عالمي واپار، سيڙپ ۽ بچتون دارومدار رکن ٿيون۔ تيل، ٽيڪنالاجي، ۽ ٻين شين جون قيمتون ڊالر ۾ طئہ ٿين ٿيون، ۽ عالمي ادارا جھڙوڪ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ اھڙي فريم ورڪ ۾ ڪم ڪن ٿا، جيڪو آمريڪي طاقت جي بنياد تي بيٺو آھي۔ جيڪڏھن ھيءُ نظام، قرض، سياسي بدانتظامي يا مالياتي بحران سبب ڀڄي پيو، ته سڄي دنيا ۾ معاشي زلزلو ايندو۔ ڪو به ملڪ ڊالر جي جاءِ تي ٻيو اعتبار جو مرڪز نٿو ڳولي سگھي. نه يورو وٽ اھو اعتماد آھي، نه چيني يوان وٽ۔ چين ڪوشش ڪئي آھي تہ ڊالر جي وڪڙ مان نڪري ۽ انھيءَ لاءِ ڪجھ ملڪن سان ڊالر بدران چيني ڪرنسيءَ ۾ ڏيتي ليتي ۽ ڪاروبار جا ٺاھ ڪيا آھن پر ڊالر ۽ آمريڪي نظام مان مڪمل طور جان ڇڏائڻ اڃان ممڪن ڪونھي. اھڙي ڪوشش لبيا جي ڪرنل قذافيءَ بہ ڪئي ھئي جنھن آمريڪي نظام ۽ ڊالر جي جاءِ تي دينار آڻڻ ٿي گھريو پر آمريڪا پنھنجو زوال ٿيڻ ڪو نہ ڏنو ۽ قذافيءَ جو ئي خاتمو ڪري آڻي ڇڏيو.  

آمريڪي عالمي معاشي نظام ڪوريئڙي جي اھڙي ڄار جيان آھي جنھن ۾ دنيا مڪمل طور ڦاٿل آھي. انھيءَ ڄار کي ٽوڙڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي، ان ۾ عالمي مارڪيٽ ڀڄي پوندا، واپاري نظام ڪمزور ٿي ويندو، ۽ قومون معاشي خود غرضيءَ ڏانھن ڇڪجنديون۔ جنھن ريت روم جي زوال بعد واپار ختم ٿيو ۽ صدين تائين غربت ۽ بدامني وڌي، ساڳيءَ طرح آمريڪا جي زوال سان جديد عالمي واپار جو ڳنڍيل ڍانچو ٽڪرا ٿي پوندو۔

آمريڪي طاقت جو حقيقي بنياد ٽيڪنالاجي آھي۔ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي دنيا جو انفارميشن ڍانچو ڪنٽرول ڪن ٿا جنھن ۾ خلائي نظام، سائبر اسپيس، مائيڪرو چپس، ۽ ڊيٽا سينٽرز تائين شامل آھن۔ اھو خاموش ڊجيٽل نظام جديد تھذيب جو دماغ آھي۔ خلائي پروگرام، ايٽمي نظام، دوائن جي تحقيق، بئنڪنگ، مصنوعي ذھانت، ۽ زراعت وغيرہ سڀ آمريڪي آئي ٽي ڍانچي تي دارومدار رکن ٿا۔ جيڪڏھن ھي نظام ڀڄي پيو، ته دنيا جي صنعت، صحت، ۽ مواصلات سڀ رڪجي وينديون۔

آمريڪي ٽيڪنالاجي ۽ ان جو عالمي نيٽ ورڪ دراصل جديد دنيا جي زندگيءَ جو ساھ کڻڻ وارو نِظام آھي۔ جيڪڏھن اھو بند ٿي وڃي، ته دنيا ٽيڪنالاجي ۽ معيشت ٻنھي جي موت ڏانھن وک وڌائيندي۔

سياسي سطح تي آمريڪا ٻي عالمي جنگ کانپوءِ عالمي حڪمرانيءَ جو مرڪز رهيو آھي۔ اقوام متحده، ناٽو، مارشل پلان ۽ جهموريت جو تصور وغيرہ سڀ آمريڪي قيادت سان لاڳاپيل آھن۔ پر جڏھن آمريڪا ٿورو به پٺتي هٽندو آھي، تڏھن افراتفري وڌي ٿي۔

افغانستان مان آمريڪا جو نڪري وڃڻ ان جي تازو مثال آھي۔ جيئن ئي آمريڪي فوج نڪري وئي، سڄو خطو بيچينيءَ ۽ عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويو۔ افغانستان، ايران، چين ۽ پاڪستان نئين سياسي مقابلي ۾ ڦاٿا۔ آمريڪا ھڪ توازن پيدا ڪندڙ قوت ھو، جنھن جي وڃڻ سان سڄي علائقي ۾ طاقت جو خال پيدا ٿيو۔

اھو رڳو ھڪ ملڪ جو معاملو ناھي — آمريڪي فوجي ۽ معاشي موجودگي سڄي دنيا ۾ امن جو ضامن آھي۔ ان جا اڏا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ (جاپان، ڏکڻ ڪوريا، فلپائن)، وچ اوڀر ۾ (بحرين، قطر، ڪويت، سعودي عرب)، ۽ يورپ ۾ (جرمني، اٽلي، پولينڊ) توازن رکڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا۔ ھي اڏا ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل آھن، جيئن دنيا جي واپار، توانائي ۽ ڊيٽا جو وهڪرو محفوظ رهي۔

جيڪڏھن ھي نظام ڀڄي پيو، ته سامونڊي واپار جو تحفظ ختم ٿي ويندو، توانائيءَ جا رستا خطري ۾ پئجي ويندا، ۽ اھڙا خطا جنگ جو ميدان بڻجي سگھن ٿا۔ آمريڪا جي فوجي موجودگي اصل ۾ عالمي امن جو حفاظتي پردو آھي۔

تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏھن دنيا ۾ ٿوريون سلطنتون ھيون، جنگيون به محدود ھيون۔ روم ۽ فارس جون جنگيون ھڪ ئي علائقي تائين محدود ھيون۔ پر جڏھن قوم ۽ رياستن جو دور آيو، تڏھن سرحدن سان گڏ جنگيون به وڌي ويون۔ اڄ دنيا ۾ ھر ملڪ وٽ سرحد، فوج ۽ مفاد آھي، پر ڪو به مرڪزي ضابطو ناھي جيڪو امن کي برقرار رکي۔

سلطنتون، جيتوڻيڪ طاقت سان پيدا ٿينديون، پر اڪثر استحڪام ۽ قانون سان جڙيل ھونديون آھن۔ انھن جي زوال سان رڳو آزادي ناھي، پر انتشار اچي ٿو۔

آمريڪي نظام جو زوال رڳو ھڪ طاقت جي خاتمي جو اعلان ناھي — اھو جديد انساني نظام جي ٽٽڻ جو اعلان ٿيندو۔ ڊالر جي بي قدري، ٽيڪنالاجيءَ جي تباهي، فوجي اتحاد جو خاتمو، ۽ سياسي بداعتمادي — سڀ گڏجي دنيا کي بي مرڪز بڻائيندا۔

سلطنتون عام طور تي ٻاھران ناھن ٽٽنديون، پر اندروني زوال سان ختم ٿين ٿيون۔ روم اندروني بدعنوانيءَ، تقسيم ۽ معاشي دٻاءُ سبب ختم ٿيو۔ آمريڪا ۾ به سماجي ورهاست، سياسي انتهاپسندي ۽ قرض جو بوجھ وڌي رهيو آھي۔ روم ۽ آمريڪا ٻنھي انساني تاريخ ۾ قانون، واپار ۽ حڪمرانيءَ جو نظام قائم ڪيو — ۽ ٻنھي لاءِ خطرو ان جي اندروني زوال مان پيدا ٿيو۔

ھن وقت آمريڪا ۽ چين وڏي ٽڪراءَ ۾ آھن. چيو وڃي ٿو تہ آمريڪي نظام جو زوال ٿيڻو آھي، ۽ چين جي اڳواڻيءَ ۾ ايشيا ھڪ وڏي معاشي قوت ٿي اُڀرندو. ھاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو تہ ڇا آمريڪي نظام جي زوال سان رڳو ھڪ عھد جو خاتمو ٿيندو يا نئين عالمي اونداهيءَ جو آغاز ٿيندو، جتي ڪو مرڪز نه رهندو، نه ڪو نظم، نه ڪو عالمي اعتماد۔ انسانيت وري طاقت، مفاد ۽ بقا جي افراتفريءَ ۾ ڦاسي ويندي؟ ڇا اھڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ چين ۽ روس جھڙين وڏين طاقتن ڪا حڪمت عملي ٺاھي آھي؟ چين ۽ روس جھڙيون وڏيون قوتون ممڪن آھي تہ ڪنھن معاشي تباھيءَ کان پاڻ کي بچائي وڃن پر انھن ڪمزور ملڪن ۽ قومن جو ڇا ٿيندو، جيڪي آمريڪي ڄار ۾ ڦاٿل آھن؟

______________   

ايڊووڪيٽ نور محمد مري فريلانس ليکڪ آھي ۽ اسلام آباد ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button