ضروري تہ ناھي جو خودڪشيءَ جو خبط ذھن ۾ پالجي؟
آپگھات جي موضوع تي لکيل دِل کي ڇُھندڙ ھڪ تحرير
رشيد خاصخيلي
سوال بلڪل درست آھي تہ : فلسفو اُلجھن وڌائي ٿو .
ان ڳالھ جي تائيد لاءِ آئون وڏي کنڊ جي وڏي ڏاھي مولانا ابوالڪلام آزاد جي لفظن مان چونڊ ڪندس جنھن چيو ھو” زندگي جي مادي مامرن جون ڳٿيون سلجهي نہ ٿيون سگهن. اهو اسان کي هڪ قسم جي تسڪين ضرور ڏئي ٿو، پر ان جي اها تسڪين ننهن کان چوٽيءَ تائين رڳي ذهني تسڪين هوندي آهي؛ مادي تسڪين کان ان جي جهولي اڻيهئي خالي رهي ٿي. هي اڻهوند جو افسوس گهٽائي ڇڏيندو، پر حاصلات جي ڪابہ اميد پيدا ڪونہ ڪندو.“
ڇا رڳو فلسفو فلاسافرن جي ئي ورثي ۾ آيو آھي.؟ نہ ڪڏھن بہ نہ فلسفو ھر انسا جي ذھن جو در کڙڪائي سگھي ٿو. جڏھن بہ ڪو انسان حيرت جي درياھ ۾ ٽُٻي ھڻي ٿو.! فلسفي جي پھرين شروعات ئي حيرت جي پٺيان اکيون کولي ٿي.! ڇا حيرت جي ڪا سرحد ممڪن آھي.! جنھن سيما کي وڌيڪ خاردار تارون ھڻي پابند ڪجي؟ جي نہ تہ پوءِ ڇو ڪنھن بہ ڏاھي جي حيرت ۾ ويڙھجي سڄي زندگي فقط ان جي لفظن ۾ پاڻ کي قيد ڪجي.؟
اسان پراڻي ويڳاڻي تاريخ ورجائي ڇو وقت کي برباد ڪيون.! وقتي طور ان مان استفادو ڪري اڳتي وکون ڇو نہ کڻون.؟ اُلجھن ۽ ويڳاڻپ جي تاريخ ڊگھي آھي.! جيڪا ھڪ نظم ۾ خودڪشيءَ جو اظھار ڪري اڳتي وڌي آھي خودڪشيءَ جو رڪارڊ ان نظم کان ئي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ظاھر ٿيو ھو.! توکي خبر آھي اُھو نظم ڪھڙو آھي.؟ جي نہ ٿي ڄاڻين تہ پڙھ:
اڄ موت مون آڏو واضح آھي
ائين جيئن سالن جو صحتاب ٿو ٿئي
۽ جيئن ڪو قيد خاني مان ڇٽي
آزاد ٿو ٿي وڃي…
اڄ مون آڏو واضح آھي
جيئن ڪنول گلن مان ھڪ مھڪ اٿي ٿي
جيئن نشي ۾ ٻڏل ڌرتيءَ جي ڪناري
ڪو ويٺو ھُجي…
جيئن ماڻھو، پنھنجي گھر لاءِ بيچين ٿي اٿي
۽ جنھن ورھين جا ورھيہ
ھڪ قيد ۾ گذاريا آھن.!
(نامعلوم)
تون سوچيندين مون دنيا جو پھريون موت تي لکيل نظم توکي ڇو لکي ٻڌايو آھي.؟ ان جو ھڪ سبب ھي بہ آھي تہ اُلجھن نہ رُڳو فلسفي ۾ پر دنيا جي ھر ٻوليءَ ۽ ھر ادب ۾ توکي ملندي.! ڇو تہ ٻولين سماج کي ڄڻيو ۽ سماج ادب کي ڄڻيو! ڪو بہ اظھار ٻوليءَ۽ سماج کان ٻاھر ڪونھي.!
اڄ جو جيڪو نوجوان اُلجھن ۾ رھي خودڪشيءَ جا رستا تلاشي ٿو يقين ڪر انھن جي خودڪشي ڪا آرٿر ڪوئسلر جي خودڪشي ٿورئي آھي جو معاشرو ان جا نفسياتي پيرا کڻندو.! ھن ھڻ ھڻان وٺ وٺان جي جيٽ ايج دور ۾ اوھان جي خودڪشيءَ جي خبر تي بہ ماڻھو لائيڪ جو بلو بٽڻ لڳائي ڇڏيندا.!
اياز ساڳي ڳالھ ڪالھ عرفان مھديءَ جي خودڪشيءَ جي خبط کي ساري ئي تہ چئي ھُئي: ” عرفان مھدي ڪوئي آرٿر ڪوئسلر تہ ڪونہ ھيو جو ھن جي خودڪشيءَ کان پوءِ خودڪشيءَ جو نفسياتي ۽ معاشرتي جائزو وٺان ھا. بھرصورت ھر انسان جي زندگي قيمتي آھي ۽ اُھا ٻيھر نہ ٿي اچي.“
گھڻو الجھن ۽ خودشيءَ جو سبب اھو بہ سامھون اچي ٿو تہ پيار ۽ عشق بس ھڪڙو ئي دفعو ٿي سگھندو آھي.! ان کان پوءِ دنيا ختم جيڪا ڳالھ سراسر غلط آھي.! ساجد سومرا تو صحيح لکيو ھو تہ پيار ۽ عشق بار بار ٿيندو آھي پر ڪاش! ڪو تنھنجي ڳالھ کي سڏ ڏئي ورائي ھنيئن سان ھنڍائي سگھي.!
جيڪي نوجوان نوجوانڙيون الجھن ۾ بي رنگ رقص ڪري رھيون آھن انھن کي ڇا خبر تہ اُھي خودڪشيءَ کان پوءِ بہ آزاد ناھن! مون کي الائي ڇو روم جي شھنشاھ نيرو جي ھي ڳالھ ذھن تي تري آئي آھي جيڪا مون ڪٿي پڙھي ھئي تہ نيرو پنھنجي رنگ رلين ۾ ويٺو ھو تہ ڪنھن ڪنيز کيس اچي چيو ” تنھنجيءَ ڦلاڻي سُريت خودڪشي ڪئي آھي“ نيرو فرش تي شراب جو جام رکي رڙ ڪئي ” ڇا منھنجي مرضيءَ کان سواءِ!“
جيڪي پيار ۾ ناڪاميءَ جي تصور کي اکين ۾ پالي نہ ٿا سگھن ۽ الجھن ويندي جو خودڪشيءَ کي قبولين ٿا انھن کي اياز جي ھي ڳالھ بہ پڙھڻ گھرجي تہ ڪڏھن اياز وٽ بہ خودڪشيءَ جو فيصلو ٿيو ھو جنھن جو ذڪر ھن خود ڪيو آھي.
”منھنجي زندگي ۾ بہ ھڪ واقعو آيو ھو. ھو فاحشہ جنھن سان منھنجي ائين محبت ٿي وئي جيئن سمر سيٽ مام جي ناول Human bondage انساني ٻنڌڻ ۾ ھيرو جي ھڪ ويٽريس سان محبت ٿي وئي ھُئي. جا وفا جو نانءُ بہ نہ ڄاڻيندي ھُئي. جڏھن منھنجي زندگي مان نڪري وئي ھُئي، تڏھن مون سکر بئراج ليفٽ بينڪ تي ٻن فيڊرن واھن جي وچ تي ڪار روڪي ڪافي ڪچي وسڪي پيتي ھُئي. چنڊ روھڙي واھ جي لھرين ۾ لڙھي رھيو ھو، پر پاڻيءَ جي تيز رواني جي باوجود ساڳيءَ جاءِ تي نظر اچي رھيو ھو . اوچتو مون کي اُھو احساس ٿيو تہ مان ھن عورت کي جيڪر پنھنجي شاعريءَ جي ھڪ سٽ سان بہ نہ مٽايان. ڇا مان ھن جي لاءِ پاڻي ۾ ٽپو ڏيان؟ ڇا ھي ايڏي عزت افزائي جي لائق آھي.؟ پوءِ مون اتي ئي پنھنجي نوٽ بڪ ۾ پنھنجو گيت (پيئوڙي ڙي يار جيئو ڙي يار) لکيو ھو ۽ دل تان ھن جي نانءُ کي وسڪي سان ڌوئي ڇڏيو ھو.“
تون چئين ٿي فلسفو اُلجھائي ٿو.! پر مان چوان ٿو سائنس بہ تہ رولي ٿي ڇڏي.! ڇا مولانا آزاد اھو نہ چيو ھو تہ ” سائنس اسان کي مادي دنيا جي ثابت ٿيل حقيقتن جي ساڃاهه عطا ڪري ٿي. اها مادي زندگي جي بيرحم جبريت (Physical Determinism) جي آگاهي ڏئي ٿي. تنهنڪري عقيدي جي تسڪين سائنس جي بازار مان به نه ٿي ملي سگهي. اها يقين ۽ اميد جا اڳوڻا سمورا ڏيئا گل ڪري ڇڏيندي، پر ڪائي نئين چمني روشن نه ٿي ڪري.
پوءِ جيڪڏهن اسين زندگي جي تڪليفن ۽ ڏکين موڙن تي ڪنهن سهاري لاءِ اکڙيون کڻون ته ڪيڏانهن کڻون؟“
کون ایسا ہے جسے دست ہو دل سازی میں،
شیشہ ٹوٹے تو کریں لاکھ ہنر سے پیوند.
ممڪن آھي توکي نفسيات ۾ پناھ ملي پوي پر جڏھن تون سگمنڊ فرائڊ جي المناڪ خودڪشيءَ جي خبر پڙھندين تہ وري بہ تون اُلجھن ۾ وڃائجي ويندين.!
ليو ٽالسٽاءِ، دوستووسڪي، البرٽ ڪاميو، ڪافڪا گارشيا، جين پال سارتر نٽشي ۽ ڪيترائي ٻيا اھڙا نالا آھن جن جي نظرين ۾ ڪيترائي ڌڳ بہ آھن تہ زندگيون بہ آھن تہ ساڳي جڳھ تي ھنن جي فڪر ۾ انفراديت جي اُلجھن بہ آھي ويڳاڻپ جو قعلو بہ آھي ھا اھڙو قعلو جنھن ۾ ڪو بہ در ڪونھي.! ڪو بہ ٻاھر نڪرڻ جو رستو ڪونھي.! ھاڻ اسان مٿان عائد ٿيئي ٿو تہ اسين انھن نظرين کي ڪھڙي سُچيتائي سان ذھن ۾ رکي سُلجھائي سگھون ٿا بجاءِ جو پاڻ کي اُلجھائي رکجي.!
ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي ابدي آرامي ڪوي شيخ اياز، تو ڪنھن حد تائين صحيح لکيو ھو جنھن کي گھڻي حد تائين مان قبوليان ٿو : ” اسان مان ڪيترن آش وٽز (Aushwitz) فرانز ڪافڪا (Franz kafka) آلبرٽ ڪاميو (Albert camus) ۽ زان پول سارتر (jean paul sartre) جا بي جان معني تخيل مطالع ڪيا آھن ۽ ڏٺو آھي تہ ڪيئن ھو ڳالھ مان ڳالھوڙو ڪري رھيا آھن، جنھن کي نہ منھن آھي نہ سِرُ“
اسين ڪنھن بہ ڏاھي شاعر، فلسفي، اديب ليکڪ وغيره جا جڏھن ڇاڙتا ٿينداسين تہ اسان کي ھو پنھنجا ڏک بہ ضرور ڳنڍ ٻڌي ڏيندو.! ھاڻ اھو اسان کي طئي ڪرڻو آھي تہ انھن ڏکن کي ننڍڙن ذرن ۾ ورھائي انھن مان سکون يا پاڻ کي اُلجھائي ننڊ جون گوريون کائون.؟
شيڪسپيئر تو پنھنجي ڊرامي (جوليس سيزر) ۾ ڀلي ڳالھ ڪئي ھُئي.!
”ماڻھو ڪنھن وقت پنھنجي تقدير جا مالڪ آھن،
ڏوھ پيارا بروٽس ستارن جو نہ آھي،
پر اسان جو آھي،
ڇو تہ اسان انھن جا ڇاڙتا آھيون.“
مٿين ليکڪن جو ڳالھيون گھڻو پوءِ دنيا ۾ ظاھر ٿيون پر اِن کان اڳ ساڳي روايت جي شروعات صديون پھريان ڪاشي، تشڪيلا جي ويراڳي يوگين شروع ڪئي جتان پوءِ نرواڻ جو سفر جاري ٿيو ۽ مھا وير ۽ گوتم ٻڌ ھڪ ئي دور ۾ نڪري دنيا اڳيان آيا! جيئن ان انفراديت ۽ اُلجھن جي ڌڳ کي ڊاھي نوان رستا ظاھر ڪجن پر ھو بہ اڻپورا ئي رھيا جنھن جي ساک سروم دکم دکم اڄ بہ ڏي ٿي ھوڏانھن يونان کي فونشين تھذيب ڪيترائي علم ديار دليءَ سان ڏنا ٿاليس کان وٺي ارسطوءَ تائين ھنن بہ ڪيترن ئي مونجھارن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.! ھيڏانھن جاپان جي اوائلي تھذيب ۾ ڪاوا بتا جھڙا پيدا ٿي پيا جنھن چيو تہ مان اُڀر جون گم ٿيل صديون ڳولھڻ ٿو چاھيان ڪاوا بتا کان پھريان اديبن ليکڪن شاعرن جو جاپان ۾ خودڪشيءَ کي ساراھڻ جو نظريو پنھنجي عروج تي ھُيو جنھن جي ساک اڄ بہ اوھان کي امرتا پريتم جو ڪتاب (آپگھات ڪا البم) ڏيندو.!
دنيا جي تاريخ منھنجي اکين اڳيان اُڀري آئي آھي جنھن ۾ گھڻائي انفراديت جو شڪار آھي.! جيڪا انفراديت پنھنجي منھن ۾ ارنسٽ ھيمنوگي، وانگر بندوق تاڻي پاڻ کي ختم ڪرڻ گُھري ٿي يا مايوڪافسڪيءَ وانگر ھڪڙي چيڳريءَ محبوبا جي وڇوڙي جو ڏک برداشت نہ پئي ڪري سگھي ۽ فائر ڪري پنھنجي حسين زندگيءَ جو ڏيئو اُجھائڻ ٿي چاھي.! پر مان مايوس وقتي ٿيندس پر مستقل مايوس ٿيان ضروري بہ تہ ڪونھي.
آئون توسان سسليءَ جي ڳوٺ ايڪرا گاس جي رھواسيءَ فلاسافر ايمپيڊاڪلس، جي ھن دعوا جھڙي دعوا ڪري توکي خوش نہ ٿو ڪري سگھان: ” آءُ پنھنجي علم وسيلي ھوائن کي روڪي سگھان ٿو. برساتون پيدا ڪري سگھان ٿو ۽ اوڙاھ مان مُئلن کي ٻاھر ڪڍي سگھان ٿو، منھنجو علم فطرت جي قوتن تي قابض ٿيڻ جي سگھ ڪري ٿو.“ تون سوچ ڇا ھن جي اُھا ڳالھ درست آھي.؟ جي ناھي تہ پوءِ ٻيئن جي ھر ڳالھ سچ ھجي ضروري بہ تہ ڪونھي.! اڄ جو سچ سڀاڻي جو ڪوڙ آھي سڀاڻي جو سچ پرينءَ جو ڪوڙ آھي.! دنيا اندر ڪو بہ دائمي سچ ڪونھي.! پوءِ پاڻ ڇو پريشان ٿيون اُن لاءِ تہ اسان جيئي نہ ٿا سگھون مري وينداسين دل ٿي چئي ان ڳالھ تي بہ ٽھڪ ڏئي ٽھڪن جا گُلاب توسان ورھايان.! مون کي الائي ڇو ھراقلطس فلاسافر، جي ڳالھ ياد ٿي پئي.! جنھن اڄ کان پنجويھ ڇويھ صديون اڳ ڪيڏي نہ ڀلي ڳالھ ڪئي ھئي: ” سڄيءَ ڪائنات ۾ جنگ ۽ جھيڙو آھي، شين جي ھُجڻ جو اصل سبب ٽڪراءُ آھي، ھر شئي ٿيڻ جي عمل ۾ آھي، ھر وقت ھر لمحي تبديليءَ ۽ حرڪت آھي.“
اچ تہ ايمپيڊاڪلس، جي نظم (فطرت بابت) مان ھي ڳالھيون پڙھون ” چرٻٽ ۽ ڀوڪ ماڻھو اھو ٿا سمجھن تہ جيڪي شيون وجود نہ ٿيون رکن اھي وجود ۾ اينديون ۽ ھي موجود شيون بغير ڪنھن نشان ڇڏڻ جي ختم ٿي وينديون، ناس ٿي وينديون آءُ توھان کي اھو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس تہ اصل حقيقت ڇا آھي؟ فطرت ۾ ڪنھن بہ اھڙي شئيءَ جو وجود ئي ناھي جيڪا مري سگھي. ڪابہ شيءِ سڄي جو سڄي تباھ نہ ٿي ٿئي فطرت ۾ تہ فقط شين جي ڀڃ ۽ گھڙ ٿئي ٿي ٿي.! شيون پاڻ ۾ ملن ٿيون ۽ ٽُٽن ٿيون بي وقوف ان عمل کي پيدائش ۽ موت چون ٿا.“
مان وليم ورڊس ورٿ جو فڪر اٿلائي ڏسندس جنھن پنھنجي ماضيءَ کي کڻي حال کي سنوارڻ جي جستجو ڪئي.! مان ماٺيڻي اوٺي، علام آءِ آءِ، قاضيءَ عرفان مھديءَ کان وٺي اڄ جي خودڪشي ڪري ويندڙ نوجوان جي روحن سان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندس، ۽ آغا سليم جي اُھا ڳالھ ھنن اڳيان رکندس تہ زندگيءَ جو ڪيتريون ئي حُسناڪيون آھن ننڍڙي ٻار جو روئڻ ۽ مُرڪڻ زندگيءَ جي علامت آھي. اڃا گُل ٽڙن پيا.! مان پوڙھائپ ۾ زندگيءَ جو ايترو حُسن ڏٺو آھي جيڪو مان جوانيءَ ۾ بہ ڏسي نہ سگھيس. ڏسو نہ منھنجا پُٽ،پوٽا، ڌيئري ڏوھٽا، ڏوھٽيون، مون کي جوانيءَ ۾ نظر نہ اچن ھا. اھو ڪيڏو نہ پيارو احساس آھي جنھن کان جواني بہ خالي آھي.! قدرت اسان مان اڃا مايوس ناھي. چوطرف گُلن جي سُرھاڻ ماحول کي مطر ڪري پئي.!“
_______________



