لٿوينيا جي دل جي ڌڙڪن “ڪاؤناس” جو سير
ولنيوس کان ڪائوناس ويندي اسان سنڌي ڪلامن جو مزو وٺندا رھياسين. شاهه سائينءَ جي سُر مومل راڻي جي ڪلام لٿوينيا جي زمين تي وڏو مزو ڏنو
ڪارون مختلف جاين تي پارڪ ٿيل هونديون آهن، ايپ جي ذريعي بڪ ڪيو، ڪوڊ اچي ويندو، وڃو، ڪاهي اچو، گهمي ڦري واپس انهن جي مخصوص پارڪنگس ۾ بيهاري ڇڏيو، سڄو سسٽم ڊجيٽل آهي، نه اسان ان ڪمپنيء جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏٺو ۽ نه ئي انهن وري اسان کي ڏٺو.
عبدالله عثمان مورائي
خير جو ٻيو ڏينهن ٿيو، ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، اسان تيار ٿي اچي هوٽل جي ساڳي نيرن واري جاء تي پهتاسين، ٻين شاگردن سان گڏوگڏ مدراس وارو شاگرد به ڪم ۾ مصروف لڳو پيو هو، اسان کي ڏسي کلي کيڪاريائين. اسان کيس ٻڌايو ته اسان ٿوري دير ۾ هوٽل کان چيڪ آئوٽ ڪري لٿوينيا جي ٻئي وڏي شهر ڪائوناس وينداسين ۽ شام جو واپس اچي سڌو ولنيوس جي هوائي اڏي تان اسٽاڪهولم هليا وينداسين. اسان مزي سان نيرن ۽ ڪچهري جو مزو وٺندا رهياسين. نيرن مان واندا ٿي اسان سامان سڙي جي پيڪنگ ڪري هيٺ رسيپشن تي آياسين. ادا رياض ۽ آء چيڪ آئوٽ پي ڪيو، تيستائين سنيل ويو ۽ بولٽ شيئر جي ڪار ڪاهي آيو، جيڪا ويجهو ئي بيٺي هئي. ڪار شيئر جو اهو مزو آهي ته انهن جون ڪارون مختلف جاين تي پارڪ ٿيل هونديون آهن، ايپ جي ذريعي بڪ ڪيو، ڪوڊ اچي ويندو، وڃو، ڪاهي اچو، گهمي ڦري واپس انهن جي مخصوص پارڪنگس ۾ بيهاري ڇڏيو، سڄو سسٽم ڊجيٽل آهي، نه اسان ان ڪمپنيء جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏٺو ۽ نه ئي انهن وري اسان کي ڏٺو. دنيا اعتبار تي پئي هلي.

اسان هوٽل جي رسيپشن تان واندا ٿياسين تيستائين سنيل به گاڏي ڪاهي آيو، ٻاهر هلڪو هلڪو وسڪارو هو. خير سان اسان جو سفر ڪائوناس لاء شروع ٿيو. ڪائوناس ولنيوس کان تقريبن ڪو 104 ڪلو ميٽر ٿورو اتر اولهه ۾ آهي. ڊرائيونگ ۽ ڪلامن جو مزو وٺندا رهياسين. اوسي پاسي جا نظارا ۽ ڪلام هو “هلو هلو ڪاڪ تڙي، جتي گهڙجي نينهن، نڪا رات نه ڏينهن، جتي جهل نه پل، سڀ ڪا پسي پرين کي، راڻل تو بن رات راڻل تو بن رات ,آء راڻا رهه رات تنهنجي چانگي کي چندن چاڙهيان“, شاهه سائين جي سر مومل راڻي جي ان ڪلام لٿوينيا جي زمينن تي وڏو مزو ڏنو.

رستي جي چوڌاري ساواڻ ۽ سرسبز علائقا گذرندا رهيا. اسين ڦرندا سرندا اچي نيرس ۽ نيموناس درياهن جي سنگم واري شهر ڪائوناس پهتاسين جتي اسان سڌو شهر جي لئنڊمارڪ ڪائوناس قلعي جي پارڪنگ ۾ اچي گاڏي بيهاري. ٻاهر آسمان تي ڪڪر ته گهاٽا هئا پر مينهن ڪونه هو، پر ماحول ۾ سياٽ محسوس ٿيو. اسان پهريان ته پنڌ ئي پنڌ ڪائوناس شهر جي هيش ٽيگ تي آياسين جتي يادگار ڦوٽو ڪڍياسين، پوء ڳاڙهي رنگ جي سرن سان اڏيل ڪائوناس قلعي واري پاسي وڌندا رهياسين. اهو قلعو وچين دور ۾ چوڏهين صدي عيسويء ۾ نيرس ۽ نيموناس درياهن جي سنگم واري جاء ويجهو ئي اڏيل آهي. چوڌاري وڏو پارڪ ۽ ماڻهن جي پنڌ هلڻ لاء رستا ۽ ساهي پٽڻ لاء ويهڻ جو بندوبست پڻ ٿيل هو. اسان هڪ ڪاٺ جي پل پار ڪري قلعي تي پهچي وياسين، قلعي ۽ رستي جي وچ ۾ ڪافي هيٺائين يا کڏ هئي، شايد پراڻي وقت ۾ دشمنن جي حملي دوران ان ۾ پاڻي ڀري ڇڏيندا هجن ته جيئن ان کي پار ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي. قلعو ان وقت بند هو سو اسان ان جي ٻاهران گهمندا رهياسين. هڪ جاء تان ماڻهون مٿي قلعي جي ٽڪنڊي ٽاور تي ڏاڪڻين ذريعي مٿي پي ويا سو اسان به ان طرف وياسين ۽ اتان مٿاهين کان اوسي پاسي جي ماحول جو مزو ورتوسين ۽ يادگار ڦوٽو پڻ ڪڍياسين. اتي ويجهو ئي لٿوينيا جي آزادي لاء وڙهندڙ وائيٽس جو سندس گهوڙي ۽ تلوار سان هڪ يادگار مجسمو پڻ اڏيل آهي.

ويجهو ئي اتي ڪيٿولڪ عيسائين جو گرجا گهر ۽ پوپ جان پال ٻئين جو يادگار مجسمو پڻ نظر اچي ٿو. اسان ٿورو هيٺ نيرس درياهه جي ڪپ تي لهي وياسين جتي ننڍا ننڍا پاڻي جا دٻا هئا، درياهه جي ان هنڌان نظارو لاجواب هو جتي پاڻي جا دٻا، پٿر ۽ وڻ هئا. اتان نڪري اسان ان پارڪ ۾ ئي گهمندا گهمندا نيرس ۽ نيموناس درياهن جي سنگم واري جاء واري پاسي هلندا رهياسين جتي ٻنهي درياهن جي پاڻيء کي پاڻ ۾ گڏجندي ڏٺوسين ۽ نيرس درياهه اتي نيموناس درياهه جو حصو ٿي ويو.

اتي ماحول جو مزو وٺڻ کان پوء اسان سڌو پراڻي شهر جي گهٽين جو رخ ڪيو، رستا پٿر جي سرن سان ٺهيل هئا. شهر ۾ ڪا گهڻي رش نه هئي, رڳو ڪجهه سياحن جا ٽولا نظر ٿي آيا. شهر جي ٽائون هال جي عمارت، ڪجهه عجائب گهر ڪجه گرجا گهرن جون عمارتون پڻ شهر ۾ نظر آيون. عمارتن ۾ پراڻي دور جي هڪ عمارت هائوس آف پرڪيونس پنهنجي نوعيت جي هڪ منفرد عمارت آهي جنهن ۾ اتي هاڻي شايد ڪو عجائب گهر آهي. اسان اهو ڏسي نيموناس درياهه جي ڪناري تي آياسين، انتهائي سهڻو نظارو هو، درياهه تي پل، درياهه جي پاسن کان ماڻهن جي هلڻ جا وڏا وڏا رستا، چوطرف سرسبز ۽ انتهائي گهاٽا وڻ، انهن جي مٿان وري ڪٿي ڪٿي نيرو آسمان ۽ انهن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪڪر ماحول کي صفا کنيو بيٺا هئا. اسان اتي نيموناس درياهه جي ڪناري تي سٺو وقت گذاريو، يادگار ڦوٽو ڪڍيا ۽ اتي اوسي پاسي ۾ گهمندا رهياسين ۽ ڦري سري درياهه جي بند نما دڙي تي ٺهيل ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي واپس چڙهي آياسين. جهڙ گهڻي قدر ختم ٿي چڪو هو.

ٿوري ساهي پٽڻ ۽ هانو جهل ڪرڻ ضروري هئي سو هلندا هلندا اچي الڪانتيوچو نالي ريسٽورنٽ ۽ ڪيفيٽيريا ۾ ويٺاسين جيڪو ٻن ٽن نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪرين ٿي هلايو. ماحول انتهائي ڪوزي ۽ آرامدهه هو، اندر ۽ ٻاهر ڪافي گلن ۽ ٻوٽن سان سينگاريل هو. اسان به ان سڪون واري ماحول ۾ ويهي ساهي پٽي، چانهه پاڻي جو دور هلايو ۽ ڳچ وقت ڪچهري به ڪندا رهياسين. ڪافي ماڻهون ويٺا هئا ۽ ڪي آيا ويا پي. ريسٽورنٽ جي رڌڻي ۾ مون ڏٺو ته هڪ اسڪارف پهريل عورت ڪم پي ڪيو، ٿي سگهي ٿو اها اتي ڪائوناس ۾ شاگرد هجي ۽ ويڪ ائنڊ تي وقتي طور ڪم پڻ ڪندي هجي. بهرحال اسان جي جيئن ته شام ستين ڌاري ولنيوس مان اسٽاڪهولم لاء واپسي هئي سو وقت کي نظر ۾ رکندي اٿياسين ۽ باقي اسان کي شهر ۾ پنڌ هلڻ وارن ۽ شاپنگ ڪرڻ واري گهٽي ڏسي واپسي ڪرڻي هئي. ان پنڌ هلڻ وارن واري گهٽي ۾ پهتاسين جتي ڪا گهڻي رش نه هئي. اتي گهمي ڦري ڪجهه سووينيئرس جي دڪانن جا چڪر ڏنا، هڪ اڌ شيون يادگيريء لاء پڻ ورتيون ۽ اتان نڪرڻ جي ڪئيسين ۽ اچي پارڪنگ ڀيڙا ٿياسين.

اسان پارڪنگ مان نڪري ڪو ويهارو منٽ کن هاءِ وي تي هليا هونداسين ته گوگل ميپ تي ٽريفڪ جام ٿيڻ جو آهستي آهستي ڏيکاريندو ويو ۽ تان جو اهو بلڪل ڳاڙهو ٿي ويو، تمام آهستي آهستي گاڏيون هلنديون رهيون پر هڪ هنڌ هلي ٽريفڪ صفا جام ٿي، پوليس ۽ ايمبولسنس پڻ تيز تيز ويندي نظر آيون، اڳيان ڪو حادثو ٿيل هو. اسان جي اسٽريس ليول ٿوري وڌڻ لڳي پر جڏهن اهو اندازو ٿيو ته هاڻي پاڻ ولنيوس جي هوائي اڏي تي وقت سر نه پهچي سگهنداسين ته پوء اسان کي اتي ولنيوس ۾ ان رات رهڻ جو بندوبست ڪرڻو هو سو ساڳي هوٽل تي فون ڪئي ته ٽريفڪ جام جي ڪري اسان ٽريفڪ ۾ ڦاسي پيا آهيون ۽ اسان کي هڪ رات اڃا وڌيڪ رهڻو آهي جنهن تي انهن چيو ته ها اوهان کي اهو ساڳيو ڪمرو ڏينداسين بي فڪر ٿي وڃو. ولنيوس پهچي گاڏي واپس ساڳي جاء تي بيهاري پهريان ته اسان ٻئي ڏينهن لاء جهاز جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائي جيڪا تمام ضروري هئي. سنيل ۽ مون ته آفيس ايميل ڪري ڇڏي ته اسان جي فلائيٽ مس ٿي وئي آهي ۽ اسان سڀاڻي آفيس نه اچي سگهنداسين، باقي ادا رياض لاء ٿورو مسئلو هو جو هن سفارتخاني ۾ ماڻهن کي سومر جو وقت ڏنو هو جيڪي اتي سندس انتظار ڪن هان، بهرحال ڇا ٿو ڪري سگهجي، اسان جي نصيب ۾ ولنيوس ۾ هڪ وڌيڪ رات رهڻي هئي، اتي جيڪا اسان جي نصيب جي ماني هئي اها اتي ئي کائڻي هئي. رات جو هڪ دفعو وري شهر جو چڪر ڏنوسين، ترڪ ريسٽورنٽ منگل مين تي ماني کاڌيسين، پاڻ تي ڏاڍو کلياسين ۽ ڪچهري ڪئيسين ۽ ٻئي ڏينهن اسٽاڪهولم واپسي ڪئيسين.
انسان جي من ۾ هڪڙي ۽ مالڪ سائين جي من ۾ ٻي، پر مالڪ سائين جا احسان جنهن نئون ملڪ ۽ شهر ڏيکاريا.
___________
ليکڪ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو سُئيڊن ۾ آباد آھي ۽ وڏي عرصي کان ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو



