گم ٿيل سلطنت جي ڳولا
پنھنجا اباڻا پٽ ڇڏڻ ۽ ڌاري ڌرتيءَ تي پناهگير واري زندگي گذارڻ جو درد ۽ پيڙا صرف اھو ئي محسوس ڪري سگھي ٿو جيڪو اھڙن سانحن مان گذريو ھوندو ۽ جنھن انھن تڪليفن کي ڀوڳيو ھوندو
لبانيا ڄائي شاعرہ ۽ ليکڪ اينجيلا ڪوسٽا Angela Kosta بہ اھڙن دربدر ٿيل ماڻھن ۾ شامل آھي ۽ اھي سانحا برداشت ڪري چُڪي آھي
نصير اعجاز
پنھنجي ڌرتيءَ تان بيدخل ٿيڻ، پنھنجا اباڻا پٽ ڇڏڻ ۽ ڌاري ڌرتيءَ تي پناهگير واري زندگي گذارڻ جو درد ۽ پيڙا صرف اھو ئي محسوس ڪري سگھي ٿو جيڪو اھڙن سانحن مان گذريو ھوندو ۽ جنھن انھن تڪليفن کي ڀوڳيو ھوندو. اھو درد ۽ پيڙا سموري حياتي سندن اندر ۾ سمايل رھندو آھي. بلڪل ايئن جيئن سنڌ مان پنھنجا اباڻا پٽ ڇڏي ھندستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آباد ٿيندڙ سنڌي اڄ به انھيءَ پيڙا کي اندر ۾ سانڍيو ويٺا آھن.

البانيا جي ماڻھن سان بہ اھڙا ئي ھاڃا ٿيندا رھيا آھن. البانيا تي ڌارين جي يلغارن ۽ قبضن جي صديون پراڻي قديم تاريخ آھي جنھن دوران مٿس يونان ۽ روم جو بہ قبضو رھيو ۽ ماڻھن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. ويھين صديءَ جي شروع ۾ جڏھن ڊگھي جدوجھد کانپوءِ البانيا تي عثماني خلافت جو پنج صديون پُراڻو قبضو ختم ٿيو ۽ 1912 ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو تہ وري اُن جي مختلف علائقن تي سربيا ۽ يونان جو قبضو ٿي ويو. اٽلي ۽ برطانيا بہ قبضي ڪرڻ ۾ پوئتي ڪو نہ رھيا. پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ وارو زمانو البانيا جي لاءِ اڃان وڌيڪ ڏکيو وقت کڻي آيو، جڏھن سندس مختلف علائقن تي قبضن جي ڪري البانيا جا اصل باشندا مختلف ڪالونين ۾ ورھائجي ويا. اھا تاريخ تمام ڊگھي آھي، جنھن ۾ ڪنھن وقت اُتي ريپبلڪ پي ٺھيون تہ ڪنھن وقت بادشاھت پي مڙھي وئي. ٻي مھاڀاري جنگ ۾ اٽليءَ ھٿيار ڦٽا ڪيا تہ جرمنيءَ البانيا تي قبضو ڪري ورتو پر جرمنيءَ عوام تي ٿورو ھلڪو ھٿ رکيو تہ جيئن ڀر واري مُلڪ ڪوسووو کي بہ پنھنجي ڪنٽرول ۾ آڻي سگھي. ٻي مھاڀاري جنگ دوران ئي البانيا جي ڪميونسٽن مزاحمتي ويڙھ شروع ڪري ڇڏي ھئي ۽ 1944 ۾ ڪميونسٽن پنھنجو راڄ قائم ڪري ورتو. ڪميونسٽ راڄ کي سوويت يونين جي حمايت حاصل رھي پر اندروني مسئلا بہ وڌندا رھيا ۽ اُتي ريپبلڪس ٺھنديون ۽ ڊھنديون رھيون. انھيءَ دوران بہ البانيا مان ماڻھن جي لڏپلاڻ جاري رھي، پر 1990 واري ڏھاڪي ۾ اھڙو ڏکيو وقت بہ مٿن آيو جڏھن لکين البانيائي باشندن کي پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي ٻين ملڪن ۾ پناھگير جي حيثيت ۾ رھڻو پيو. اُھو البانيا ۾ ڪميونسٽ راڄ جي پُڄاڻيءَ وارو زمانو ھو، ڇو تہ گڏيل قومن جي حمايت سان اٽليءَ فوجي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي ھئي ۽ نيٺ اُتي ڪميونسٽ راڄ ختم ٿي ويو.
بھرحال، وڏي پئماني تي ٿيل لڏپلاڻ ۾ جيڪي ماڻھو پنھنجا اَباڻا پٽ ڇڏي ويا ۽ اٽلي ۽ ٻين مُلڪن ۾ پناھ ورتي ھئي، تِن مان اڪثر انھن ئي مُلڪن ۾ آباد ٿي ويا. البانيا ڄائي شاعرہ ۽ ليکڪ اينجيلا ڪوسٽا Angela Kosta بہ اھڙن دربدر ٿيل ماڻھن ۾ شامل آھي ۽ اھي سانحا برداشت ڪري چُڪي آھي. کيس به پنھنجي ڌرتي ڇڏي اٽليءَ ۾ ھڪ پناهگير طور زندگي گذارڻي پئي ھئي، جتي اڄ بہ ھُوءَ آباد آھي. ھُوءَ 1995 کان اٽليءَ ۾ رھي ٿي پر اڄ تائين ھُوءَ پنھنجي ڌرتيءَ کي وساري نہ سگھي آھي. ھُوءَ نہ رُڳو شاعر آھي پر صحافڻ، ادبي نقاد، مترجم ۽ ڪالم نگار بہ آھي. اُنھيءَ سان گڏ ھڪ رسالي MIRIADE جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر بہ آھي. سندس ٻاويھ ڪتاب شائع ٿي چُڪا آھن جن ۾ ناول، شاعري ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب بہ شامل آھن. سندس شاعري ۽ ڪتاب اطالوي، ترڪي، فرينچ، عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪا آھن. سندس شاعري دنيا جي مختلف ادبي رسالن ۽ اينٿالاجيز ۾ شائع ٿيندي رھي آھي ۽ ھُوءَ مختلف عالمي ادبي تنظيمن جي ميمبر بہ آھي. مختلف ملڪن جي تنظيمن سان ثقافت ۽ امن جي سفير طور بہ سلھاڙيل آھي. اينجيلا ڪوسٽا جي شاعري دنيا جي 33 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪي آھي. ھتي مان سندس ھڪ ڪتاب The Lost Empire مان ھڪ نظم پيش ڪريان ٿو جنھن مان پنھنجي ڌرتي ماءُ لاءِ اُڪير، اباڻا پَٽ ڇڏي دربدر ٿي پناھگير طور رھڻ جي پيڙا جو عڪس ملي ٿو.
وڃايل سلطنت
ڪنھن صديون پُراڻي وڻ جيان
ڌرتيءَ جي رَڳن مان مونکي پاڙئون ڪَورَي ڪڍيو ويو.
پنھنجي سپنن ۽ مستقبل جي خواھشن کي تَرڪ ڪري
ڪنھن بِنا ڪُنجيءَ بند ٿيل پيتيءَ ۾
بيخودي ۽ بيھوشيءَ جي ڪيفيت ۾ مون سمنڊ کي پار ڪيو
پنهنجن لُڙڪ ڀريل نيڻن سان،
سمنڊ جي لَھرن تي ڄڻ تہ لُڏندي، لُمندي، بي وس نچندي رھيس،
جتي اُميد منھنجي پنھنجي دنيا جو ئي درد بڻجي وئي،
سمنڊ جي گھميل ھوا مون کي ڀِڄائيندي
منھنجي سوچُن کي بہ وڪوڙي وئي.
ڪا ڄاڻ ڪانہ ھئي تہ مان ڪھڙي ڏورانھين ديس وڃي رھي آھيان
پنھنجي ماضيءَ کان ڀڄڻ لاءِ
مان پنھنجي وجود تي ڇانيل ڪڪرن کي اورانگھي
ڪنھن بھتر مستقبل جي ڳولا جي
خواھشن جي ڄار ۾ ڦاٿي آھيان.
مان ڄڻ تہ وڃائجي وئي آھيان، مونکي پاڻ ۾ ڪو ٻيو ماڻھو نظر ٿو اچي
مان، مان نہ رھي آھيان.
ٻولي بہ ڪا اوپري ٻُڌي رھي آھيان
ھر شئي پنھنجي مرضيءَ بنا مڃڻي پوي ٿي.
منھنجون پاڙون ڪٽجي چُڪيون آھن.
پنھنجي ڌرتي ماءُ سارَي ٿي
پر مان ڄڻ تہ ھوا ۾ لٽڪيل آھيان.
اڻڄاتل آسمانن جي ھيٺان
طوفانن ۽ سرد ھوائن ۾ ساھ کڻي رھي آھيان
جتي سمنڊ جي سُرمائي سج ھيٺان پنھنجي جسم
کي ڪا تپش بہ نٿي ڏئي سگھان.
چنڊ بہ ڄڻ تہ دغا ڏئي ويو آھي
۽ پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ٿڦڪي نٿو ڏئي
مان لاچار، بُک ۽ اُڃ تي، پاڻي ۽ کاڌي بنا
ٻن ديسن جي وچ ۾ ھڪ پناھگير بڻجي
پنھنجي ديس موٽڻ جي تانگھ سان جِي رھي آھيان
جتي پنھنجي وڏڙن جي پوکيل وڻن جي جھُڳٽن ۾
منھنجو گھر ھيو.
مان ڄڻ تہ صدين کان پنھنجي انھيءَ
گُم ٿيل سلطنت کي ڳولي رھي آھيان…!

البانيائي ٻوليءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل شاعريءَ جي ڪتاب ”گُم ٿيل سلطنت“ کي پڙھڻ سان اندازو ٿئي ٿو تہ ڪيڏو نہ خوبصورتيءَ ۽ جذبات سان ڀريل لفظن ذريعي اينجيلا ڪوسٽا پنھنجي ديس مان دربدر ٿيڻ جي عڪاسي ڪئي آھي. ڪنھن غوراب ۾ بند ٿيل پيتيءَ ۾ لِڪي، خطرناڪ طوفاني موسم ۾ سفر ڪري اھڙي ديس پھچڻ، جتي ماڻھوءَ جي پنھنجي سُڃاڻپ بہ ختم ٿيو وڃي، اھڙي احساس کي ھُن دل کي ڇُھندڙ لفظن ذريعي چِٽيو آھي. نظم جي شروعات ئي نھايت اثرائي جملي سان ٿئي ٿي جنھن ۾ ھُوءَ چوي ٿي تہ ڪنھن صديون پراڻي وڻ جيان کيس ڌرتي ماءُ جي رڳن مان ڪوري پاڙئون پٽيو ويو آھي ۽ ھُوءَ پوئتي ڇڏيل پنھنجي سپنن ۽ خواھشن جو بار ڪُلھن تي کڻي جِي رھي آھي. ھُوءَ پنھنجي ديس جي وڻن ٽڻن، بادلن، ماڪ ڦُڙن کي بہ ياد ڪري ٿي تہ پنھنجي وطن جي، پنھنجي گھر جي سُڪون ڏيندڙ گرم فضا ۽ اجنبي ديس جي سرد ۽ اوپري ماحول جي ڀيٽ ڪري ٿي.
نظم پڙھڻ سان اندازو ٿئي ٿو تہ پناھگير جي حيثيت ۾ پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجي ثقافت ۽ پنھنجي ٻوليءَکان پري ٿيڻ سان ڪيئن ماڻھو پنھنجي سُڃاڻپ وڃائي ويھي ٿو ۽ اھو درد ڪيڏي نہ پِيڙا ڏيندڙ آھي. سندس ھيءُ نظم نہ رُڳو سندس پنھنجي ذات پر لکين ٻين البانيائي باشندن جي زندگين جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي من ۾ پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ تانگھ رکي پنھنجي وڃايل سلطنت جي ڳولا ۾ آھن. ھُو پاڻ کي ڄڻ تہ ٻن دنيائن جي وچ ۾ ھوا ۾ معلق سمجھن ٿا.
____________________