بمبئي پريزيڊنسيءَ کان سنڌ جي علحدگي انگريزن جي ورھاڱي واري رِٿا جو حصو ھئي
ننڍي کنڊ ۾ ھندستان ۽ پاڪستان نالي سان ٻه ملڪ ٺاھڻ کان گھڻو اڳ انگريزن ورھاڱي جو سوچيندي سڀ کان پھرين سنڌ کي الڳ ڪرڻ جو پلان ٺاھيو ھو
سنڌ ۽ بنگال ۾ آزاديءَ جي تحريڪن ۽ مٿان وري ٻي مھاڀاري جنگ برطانيا جي چيلھه ڀڃي وڌي ھئي ۽ ھنن لاءِ ھتي وڌيڪ وقت رھڻ ممڪن ئي ڪونه ھو. برطانيا جي تڏا ويڙھه ڪرائڻ ۾ ٻين وڏين قوتن جو به ھٿ ھو
نصير اعجاز
ھِن ملڪ ۾ تاريخ سان وڏا ۽ ظالماڻا ڀوڳ ٿيندا رھيا آھن. ھڪ وڏو ڀوڳ آمر جنرل ضياءَ جي زماني ۾ پھريون ڀيرو ٻُڌم جڏھن چيو ويو تہ پاڪستان جو بنياد ان وقت پئجي چُڪو ھو جڏھن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي. ان ڀوڳ جو ورجاءُ پوءِ عام ٿي ويو.
ٻيو ڀوڳ سرڪاري ليکڪن ۽ تعليمي ماھرن واتان ٻُڌوسين جنھن موجب حُر تحريڪ پاڪستان تحريڪ جو حصو ھئي. اھو به چيو ويو ته حُر ھلچل سان پاڪستان جي نالي ۾ نئين مسلم ملڪ جي قيام جو رستو ھموار ٿيو. ڪجھ ورھيہ اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سورھيہ بادشاھ جي ورسيءَ تي ھڪ پروگرام جي ڪوٺ ملي جنھن ۾ ميڊم مھتاب اڪبر راشدي بہ شريڪ ھئي. اسان جي تقريرن کانپوءِ انھيءَ وقت جي وائيس چانسلر پنھنجي خطاب ۾ بہ اھو ئي سرڪاري موقف ورجايو. مونکي ڪا بہ حيرت ڪا نہ ٿي جڏھن يونيورسٽيءَ جي پبلڪ رليشنز آفيسر روايتي طور صرف وائيس چانسلر جي سرڪاري موقف تي ٻڌل ھڪ پريس رليز جاري ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن حيدرآباد جي سنڌي اخبارن ۾ بہ اھو ئي شائع ٿيو. ڪِن ذريعن جو چوڻ ھو تہ يونيورسٽي انتظاميا ورسيءَ جو پروگرام ڪرائڻ نٿي چاھيو پر شاگردن جي دٻاءَ سبب نيٺ کين اجازت ڏني وئي، پر حقيقي تاريخ کي دٻائڻ خاطر ۽ اصل حڪمرانن جي خوشنوديءَ خاطر وائيس چانسلر اھڙو خطاب فرمايو ۽ اھو ئي اخبارن ۾ ڇپرايو ويو.

پاڪستان تحريڪ سان حُر ھلچل جي تعلق واري ڳالھه تي تبصري لاءِ مان صرف سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“ مان سورھيه بادشاھه سان سندس ملاقات ۾ سورھيه بادشاھه جو چيل جملو ورجائيندس. جي ايم سيد لکي ٿو: ”جڏھن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ کيس (سورھيه بادشاھه) عرض ڪيو ويو ته شدت سان انڪار ڪيائين ۽ چيائين ته اھا انگريزن جي غلامن جي جماعت آھي جنھن ۾ مان ھرگز داخل نه ٿيندس.“
مسلم ليگ پاڪستان لاءِ تحريڪ ھلائي رھي ھئي جنھن ۾ پير صاحب شامل ٿيڻ کان ئي انڪار ڪيو ته پوءِ حُر تحريڪ جو تحريڪِ پاڪستان سان تعلق ڪيئن ٿو پيدا ٿئي ؟ اھا ھلچل انگريزن جي غلاميءَ مان نڪرڻ ۽ سنڌ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ھلائي وئي ھئي جنھن لاءِ پير صاحب ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو بلند ڪيو ھو.
رھي ڳالھه حُر ھلچل سان پاڪستان لاءِ رستو ھموار ٿيڻ جي تہ ان لاءِ ڪجھه ڳالھيون عرض ڪندس.
سنڌ ۽ بنگال ۾ آزاديءَ جي تحريڪن ۽ مٿان وري ٻي مھاڀاري جنگ برطانيا جي چيلھه ڀڃي وڌي ھئي ۽ ھنن لاءِ ھتي وڌيڪ وقت رھڻ ممڪن ئي ڪونه ھو. برطانيا جي تڏا ويڙھه ڪرائڻ ۾ ٻين وڏين قوتن جو به ھٿ ھو.
ليفٽيننٽ جنرل فرانسِس ٽڪر، جيڪو بِھار واري علائقي ۾ انگريزن جي فوج جو ڪمانڊر ھو، 1950 ۾ لنڊن ۾ ڇپيل سندس ڪتاب While Memory Serves ۾ انھيءَ سموري صورتحال تي تفصيل سان لکيو آھي. ڪتاب ۾ ”اسان ھندستان ڇو ڇڏيو؟“ عنوان سان باب ۾ جنرل فرانسس لکي ٿو:”مون وٽ ان جو مختصر جواب ھيءُ آھي ته آمريڪا ۽ روس اسان جو ھتي وڌيڪ رھڻ ناممڪن بنائي ڇڏيو ھو ـ ٻيو ته اسان محسوس ڪيو ته ڪنھن به ملڪ جي جمھوريت ڪيتري به حقيقي ڇو نه ھجي، ان ذريعي ٻين تي راڄ نٿو ڪري سگھجي ۽ ان ڪري اسان ميڪائولي جي زماني کان ھندستان ۾ Self-Government جي تياري پي ڪئي .“
ساڳئي ڪتاب ۾ ھڪ باب Divide and Quit جي عنوان سان به آھي جنھن کي پڙھڻ سان اندازو ٿيندو تہ ھندستان مان تڏا ويڙھه ته برطانيا جي مجبوري ھئي پر سندن پلان ھو ته وڃڻ کان اڳ نه رُڳو ننڍي کنڊ کي ورھائي وڃجي پر روس جي وڌندڙ اثر کي منھن ڏيڻ لاءِ اھڙو ملڪ تيار ڪجي جيڪو کين اسپرنگ بورڊ جو ڪم ڏئي ـ ان مقصد سان ھنن نه رُڳو ننڍي کنڊ کي پاڪستان ۽ ھندستان جي نالي سان ٻن ملڪن ۾ ورھائي ڇڏيو پر کين سندن بيٺڪن واري تنظيم دولتِ مشترڪه جو ميمبر به ڪري ڇڏيو.
مان ھتي ساڳئي ڪتاب جو ھڪ ٻيو اھم نقطو پيش ڪندس جنھن مان اندازو ٿيندو ته ننڍي کنڊ ۾ ھندستان ۽ پاڪستان نالي سان ٻه ملڪ ٺاھڻ کان گھڻو اڳ ھنن ان جي ورھاڱي جو سوچيندي سڀ کان پھرين سنڌ کي الڳ ڪرڻ جو پلان ٺاھيو ھو. جنرل فرانسس لکي ٿو:”اندازو ھو ته ھندستان ۾ فوج کي ٻيھر منظم نموني مقرر ڪرڻ ۾ پنج سال لڳن ھا ۽ ايترائي پنج سال ھندستان کي امن ڀرئي نموني ٻن حصن ۾ ورھائڻ ۾ لڳن ھا ـ ان ڪم ۾ واقعي پنج سال لڳا، جنھن لاءِ سر ھيو ڊو Sir Hugh Dow وڏو ڪم ڪيو، جنھن جو چوڻ ھو ته سڀ کا اڳ سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪريو. “
سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جو پھريون ڀيرو مطالبو ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي 28 ھين سالياني اجلاس ۾ ڪيو ويو ھو جيڪو 1913 ۾ ٿيو ھو ۽ جنھن کانپوءِ لاڳيتو ان لاءِ ڪوششون ٿينديون رھيون پر مان سمجھان ٿو ته اھا ھڪ صديءَ کان ھلندڙ حُر ھلچل ۽ بنگال ۾ ھلندڙ آزاديءَ جي تحريڪ ئي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ انگريز سرڪار ھندستان ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿي وئي ۽ جيئن ته سنڌ ۾ حُر ھلچل تيز ٿيندي پي وئي تنھنڪري ھنن سڀ کان اڳ سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرڻ جو سوچي ھتي سياسي حڪومت قائم ڪئي ته جيئن ھٿياربند جدوجھد کي ماٺو ڪري سگھجي .
انگريز سرڪار جي ڪوشش ھئي ته ڪراچي ۽ ڪلڪتي جھڙا اھم سامونڊي بندر سندس ھٿ مان نه وڃن ڇو ته اھي سندن رسد جا اھم ذريعا ھئاـ ان جو اظھار به انگريزن پنھنجي ڪتابن ۾ ڪيو آھي .
ھڪ پاسي مقامي پريس پنھنجي مخصوص سوچ مطابق حُر ھلچل جي خلاف ھئي ۽ ٻئي پاسي انگريز راڄ جي زھريلي پرچار ۽ پريس تي عملي سينسرشپ سبب اصل صورتحال ۽ حقيقتون عوام تائين ڪونه ٿي پھتيون، پر تڏھن به سنڌ اندر آزادي پسند قوتون توڙي سنڌ کان ٻاھر آزاديءَ جي تحريڪن کي حُر ھلچل مان وڏو اُتساھه ملي رھيو ھو.
اھا حُر ھلچل ئي ھئي، جنھن انگريز فوج مان ڪيترن ئي سپاھين کي اُتساھه ڏنو ته سامراجي فوج ڇڏي حُر گوريلن سان گڏجي وطن لاءِ وڙھن . ان ڳالھه جو اعتراف 1942 وقت مقرر انٽيليجنس آفيسر ڪرنل فلپ به ھتان انگلنڊ وڃڻ کانپوءِ پنھنجي ھڪ سنڌي دوست کي لکيل خط ۾ ڪري ٿو. ھو چوي ٿو ته 1914 ۾ پھرين مھاڀاري جنگ وقت به سنڌي سپاھين حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو ۽ جڏھن حُر ھلچل شروع ٿي تڏھن به اھي فوج کي ڇڏي حُرن سان وڃي گڏيا ـ اھڙي طرح رٽائرڊ برگيڊيئر نوُر حسنين بہ ھڪ ريسرچ پيپر ۾ لکيو آھي ته سنڌين جي باغي طبيعت سبب 1939 ۾ سنڌ مان صرف 2 ڏھائي 2 سيڪڙو ڀرتي ڪئي وئي ھئي.
انگريزن جي وفادار منشي خدا داد خان پنھنجي ڪتاب ”لُبِ تاريخِ سنڌ“ ۾ لکيو آھي ته 1849 ۾ انگريزن بلوچن ۽ سنڌين جون ٻه پلاٽون تيار ڪيون ھيون پر 1857 واري بغاوت وقت سنڌي سپاھي رائل بنگال آرميءَ جي باغين سان ملي ويا ھئا ـ باغي سنڌي سپاھين کي ڪراچي ۽ ٻين ھنڌن تي موت جي سزا ڏني وئي ھئي ـ سال 1946 ۾ ڪراچيءَ ۾ رائل نيويءَ واري بغاوت ۾ به سنڌي شامل ھئا. چاڪر خان جوڻيجو پنھنجي ڪتاب Zulfiqar Ali Bhutto _ A Memoir ۾ لکي ٿو ته ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف ھنڌن تي نيويءَ واري بغاوت ۾ پندرھن سئو ماڻھن حصو ورتو ھو ـ چاڪر خان مطابق ھاشم گذدر کي باغين سان ڳالھين لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو ـ ان وقت غلام حسين ھدايت الله سنڌ جو وزيراعظم ھو جنھن فوج گھرائي ۽ باغين تي گوليون ھلايون ويون جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ باغي شھيد ۽ زخمي ٿيا ۽ سوين گرفتار ٿيا.
اھي واقعا بيان ڪرڻ جو مقصد ھيءُ آھي تہ سنڌ ۾ ھلندڙ گوريلا ويڙھ ۽ بغاوتن جو پاڪستان جي تحريڪ سان ڪو بہ واسطو ڪونہ ھو. اھا ويڙھاند آزاديءَ لاءِ ھلي رھي ھئي، جنھن کي مقامي غدارن جي مدد سان چيڀاٽيو ويو.
ھڪ ٻئي مضمون ۾ پاڪستان ٺاھڻ پُٺيان انگريز حڪمرانن جي اصل پلان تي لکندس. توھان مرحوم پير پاڳاري شاھ مردان شاھ جو اھو بيان ڪونہ وساريو ھوندو، جنھن ۾ ھن چيو ھو تہ پاڪستان انگريزن ٺاھيو ھو. مان انھيءَ جون ثابتيون خُود انگريزن جي ڪتاب مان پيش ڪندس.
____________
نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتاب جو مصنف آھي




Some points are given in reference to contest.
Naval mutiny was on call of Gandhi.Ghazanfar Isani was a Midshipman during mutiny
Brohi Ali Muhammad was Radio operator and was arrested during mutiny.
I have my different opinion on Sind separation case.Separation felt much earlier by intellects
Here will not involve in discussion on it.
But however it’s a wonderful piece of historical events framed in article.
World war I mobilization in Sind was very small but brought good policy changes and some bright students were given good admissions in Dera Dhoon Prince of Wales Royal Military College after great war.
My father was given admission in Cambridge system Bishop school Pune 1928…… though he was civilian not a forces background.That school was for wards of Royal Air force……..
Once again Ada my gratitude to you for writing good informative article.
نصیر اعجاز جو ڪالم وڻيو
توھان کي لکڻ جي دعوت ڏجي ٿي