Editor's pickMain Slideدنياڪالم

بحريني نقطہ نظر: هڪ اهڙي جنگ جنهن جو اسان حصو نه هئاسين. اسان نشانو ڇو؟

بحريني عوام هڪ سادو ۽ ذاتي سوال پڇي رهيو آهي: سندن ملڪ کي هن موتمار مقابلي ۾ ڇو گهليو ويو آهي، جنهن ۾ شهرين ۽ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ عام زندگي اوچتو درهم برهم ٿي وئي آهي؟

بحرين جو موقف شروعات کان ئي واضح هو: اسان جي زمين جنگ ۾ استعمال نه ٿيندي، اسان اهڙي جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين جيڪا اسان ناهي چونڊي، اسان تڪرار گهٽائڻ ۽ ڳالهين جي حق ۾ آهيون

مناما جي 35 ماڙ عمارت، جنھن ۾ 103 فليٽ ھئا، باھ جي ڀڀڙن ۾

مناما

آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران خلاف ڇنڇر تي شروع ڪيل جنگ جي چئن ڏينهن کانپوءِ بحريني عوام هڪ سادو ۽ ذاتي سوال پڇي رهيو آهي: سندن ملڪ کي هن موتمار مقابلي ۾ ڇو گهليو ويو آهي، جنهن ۾ شهرين ۽ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ عام زندگي اوچتو درهم برهم ٿي وئي آهي؟

​ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ، سياسي ۽ ميڊيا جي حلقن ۾ هلندڙ وضاحتون بي معنيٰ آهن. ڪالم نگار جعفر سلمان چيو ته، ”اهو فرض ڪيو پيو وڃي ته ايران بحرين ۽ خليجي رياستن تي حملو ان ڪري ڪيو ته جيئن مٿن دٻاءُ وجهي سگهجي ته اهي آمريڪا کي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چون.“

​”اهو به چيو پيو وڃي ته خليج کي ان ڪري نشانو بڻايو ويو ڇاڪاڻ ته ايراني حڪومت پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ جنگ کان اڳ ڪيل پنهنجي خطرناڪ ڌمڪين کي سچو ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو، خاص ڪري پنهنجي ملڪ جي ان عوام لاءِ جيڪو هاڻي حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي. “

​پر، نظريا کڻي ڪهڙا به هجن، بحرين ۾ اهو نتيجو پڪو آهي: ڪو به دليل اهڙي پاڙيسري رياست کي نشانو بڻائڻ جو جواز نٿي بڻجي سگهي جنهن نه جنگ جو اعلان ڪيو ۽ نه ئي ويڙهه ۾ حصو ورتو.

​جعفر وڌيڪ چيو ته، ”اسان کي بهانن سان ڪو واسطو ناهي. اسان جي ملڪ ۽ خليج ۾ اسان جي ڀائرن تي حملي جو ڪو به جواز ناهي. سالن کان بحرين ۽ خليجي رياستن ڪوشش ڪئي ته جنگ ايران تائين نه پهچي. اسان ڳالهين جا دروازا کوليا. اسان کليل نموني واعدو ڪيو ته اسان جي سرزمين ايران تي حملي لاءِ استعمال نه ٿيندي. اسان واضح طور تي جنگ کي رد ڪيو. تنهنڪري، اسان جي پاڙيسري پاران اسان تي ڪيل حملي کي ڪو به دليل قانوني قرار نٿو ڏئي سگهي.“

​جعفر جو اهو نقطو هڪ وسيع جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته جنگ جي وقت ۾ قومون اندروني طور ٻڏتر جو شڪار نٿيون ٿي سگهن. ”ڪجهه گهٻراهٽ پکيڙيندڙ ماڻهو اڃا تائين آمريڪي اڏن جي بهاني بحرين تي ايراني بمباري جو جواز پيش ڪري رهيا آهن،“ هن چيو. سندن چوڻ آهي ته ڇاڪاڻ ته ايران تي آمريڪا حملو ڪيو آهي، ان ڪري ايران کي حق آهي ته هو ڪٿي به موجود آمريڪي موجودگي کي نشانو بڻائي. ”اهي اهو وساري ويهن ٿا ته آمريڪي فوجي موجودگي صرف بحرين يا خليج تائين محدود ناهي. ايران آمريڪي اڏن جي گهيري ۾ آهي، پر هن صرف هتي حملو ڪرڻ جو انتخاب ڪيو.“

​هن وڌيڪ زور ڏنو ته خليج جي سرزمين تان ايران تي ڪو به حملو نه ڪيو ويو، ۽ خليجي حڪومتن پنهنجي علائقن کي جارحاڻي ڪارروائين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني هئي.

​”جيڪڏهن ڪو هن ڳالهه تي اختلاف به ڪري، تڏهن به شهرين جي جڳهن جهڙوڪ هوٽلن، گهرن ۽ رهائشي عمارتن کي ان دعويٰ تي نشانو بڻائڻ جو ڪو جواز ناهي ته اتي آمريڪي رهن ٿا. ان منطق سان ته ڪنهن به شهري جڳهه کي جنگ جو ميدان بڻائي سگهجي ٿو. اهو ساڳيو ئي دليل آهي جيڪو اسرائيل غازا ۾ حملن جو جواز پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هو.“

​خاتون ڪالم نگار تمام ابو صفي هن مسئلي کي وڌيڪ سخت انداز ۾ بيان ڪيو. هن لکيو ته جڏهن بحرين ۾ هوائي حملي جا سائرن وڳا، تڏهن بنيادي سوال اهو نه هو ته هن وسيع علائقائي جنگ جي شروعات ڪنهن ڪئي.

​”سوال وڌيڪ سادو، واضح ۽ تڪڙو هو: اسان جي گهرن کي ڪنهن نشانو بڻايو؟ اسان جي ٻارن کي ڪنهن ڊيڄاريو؟ ڪنهن اهو فيصلو ڪيو ته بحرين جون فضائون حساب ڪتاب برابر ڪرڻ جو ميدان بڻجنديون؟“

​هن زور ڏنو ته بحرين ڪنهن به جنگ جو اعلان نه ڪيو هو. هي نه ته جارحيت جو پليٽ فارم بڻيو ۽ نه ئي ايران خلاف ڪنهن فوجي فيصلي ۾ شامل ٿيو. ان جو موقف شروعات کان ئي واضح هو: اسان جي زمين جنگ ۾ استعمال نه ٿيندي، اسان اهڙي جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين جيڪا اسان ناهي چونڊي، اسان تڪرار گهٽائڻ ۽ ڳالهين جي حق ۾ آهيون. اهي صرف لفظي ڳالهيون نه هيون پر سرڪاري بيانن ۽ پاليسين ذريعي ظاهر ڪيل مستقل سفارتي موقف هئا.

​۽ ان جي باوجود، ميزائل ۽ ڊرون بحرين جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيا. ابو صفي چيو ته، ”جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ڪو ’سياسي پيغام‘ هو ۽ نه ئي ڪو ’قانوني جواب‘. اهو ڪنهن آمريڪي اڏي تي حملو نه هو، جيڪو ايراني ميڊيا بي حسيءَ سان ٻڌائي رهي آهي. جڏهن هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، ته اها فوجي تنصيب ناهي هوندي. جڏهن شهري پنهنجن گهرن ۾ زخمي ٿين ٿا، ته اهي دشمن سپاهي ناهن هوندا. اسان جا گهر غير ملڪي اڏا ناهن. اسان جون عمارتون جنگي ٻيڙا ناهن. اسان جا ٻار ڪنهن ٻئي جي جنگ جو ٻارڻ ناهن.“

​بحرينين جي نظر ۾، هي ڪنهن اتحاد يا پاسي وٺڻ جو تڪرار ناهي. هي خود مختياري ۽ شهرين جي تحفظ جو سوال آهي. بحريني عوام جو موقف هڪ بنيادي اصول تي ٻڌل آهي: ته نيڪ نيتيءَ سان اختيار ڪيل غير جانبداري جي سزا نه ملڻ گهرجي، ۽ جيو پوليٽيڪل دشمني جو بار انهن عام خاندانن تي نه پوڻ گهرجي جيڪي صرف امن سان رهڻ چاهين ٿا.

______________

ڪوريا جي انگريزي خبر ايجنسي The AsiaN تان کنيل آرٽيڪل جو ترجمو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button