جپاني ڏاھپ مان بامقصد زندگيءَ جا سبق: ايڪيگائي، وابِي-سابي ۽ ٻيا تصوّر
جپان، جنهن وٽ صديون پراڻيون روايتون ۽ فلسفا آهن .جپاني دانائي اسان کي اهم سبق سيکاري ٿي ته زندگيءَ جون سڀ کان وڏيون حقيقتون سادگيءَ، عاجزيءَ ۽ خاموش طاقت ۾ لڪل آهن۔
جپاني ماڻهو هڪٻئي کي همت ڏيارڻ لاءِ گانبتي جي اصول تي هلن ٿا، جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته “پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو، همت نه هاريو“
موٽتينا جو تصور ٻڌائي ٿو ته وسيلن جو قدر ڪريو۔ جپان ۾ ٻارن کي ننڍپڻ کان سيکاريو وڃي ٿو ته کاڌو ضايع نه ڪيو، پاڻي بچايو ۽ شيون سمجهداريءَ سان استعمال ڪريو۔
عبدالله عثمان مورائي
اڄ جي تيز رفتاريءَ واري دنيا ۾، جتي دٻاءُ، بيچيني ۽ اڻڄاڻاين جو راڄ آهي، ماڻهو زندگيءَ ۾ معنيٰ ۽ توازن ڳولڻ لاءِ رهنمائي جا اصول ڳولي رهيا آهن۔ جپان، جنهن وٽ صديون پراڻيون روايتون ۽ فلسفا آهن، دنيا کي رڳو سوشي، چانھ جي رسمن ۽ چيري بلاسم جا گل نه ڏنا آهن، پر اهڙا حڪمت ڀريا تصوّر به ڏنا آهن، جيڪي ظاهر ۾ لڳن ته سادا لفظ ٿا پر اصل ۾ مقصد ڀريل سبقجي حيثيت رکن ٿا۔ ايڪيگائي ۽ وابِي-سابي جهڙا تصوّر رڳو ثقافتي دلچسپيون نه پر بامقصد، باحوصلو ۽ سهڻي زندگي گذارڻ جا رستا آهن۔
ايڪيگائي – زندگيءَ جو مقصد

جپان جي شهر اوڪيناوا کي دنيا ۾ ڊگهي عمر لاءِ سڃاتو وڃي ٿو۔ هتي سوين ماڻهو سئو سالن کان وڌيڪ جيئندا آهن۔ جڏهن محققن کانئن پڇيو ته ان جو راز ڇا آهي، ته ماڻهن وڏي محبت سان هڪ لفظ ورجايو: ايڪيگائي (Ikigai/生き甲斐) – يعني زندگيءَ جو مقصد يا “وجود جو سبب”۔
هڪ اوڪيناوا جي پوڙهي عورت پنهنجي روزمره زندگيء بابت ٻڌايو ته “منهنجي ايڪيگائي منهنجا گل آهن۔ هر صبح مان اٿان ٿي ۽ انهن کي پاڻي ڏيان ٿي۔ اهي منهنجي زندگيءَ کي رنگين ڪن ٿا۔” اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته ايڪيگائي ڪنهن وڏي عالمي ڪاميابيءَ ۾ نه پر روزاني معمولي ۽ ننڍين خوشين ۾ لڪل آهي۔
وابِي-سابي ۽ “ما” – نامڪملي ۽ خال ۾ سهڻائي
اڄ جي دنيا ۾ ماڻهو ڪمال ۽ مڪمل خوبصورتيءَ جي تلاش ۾ آهن، پر جپاني فلسفو ٻڌائي ٿو ته سونھن نامڪمل ھجڻ ۾ آهي۔ وابِي-سابي (Wabi-Sabi/侘寂) اهو سيکاري ٿي ته ٽٽل يا ڀڳل ڪوپ، پراڻي ڪاٺ جي بينچ، مُنهن تي وڏي عمر جي ڪري جهُريون يا مختلف موسمن جا نشان به سهڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي وقت جون ڪهاڻيون ٻڌائن ٿا۔
هڪ مشهور جپاني شاعر لکيو آهي ته، “ٽٽل چانديءَ جو ڪوپ، منهنجي هٿ ۾ ڀريل آهي، ۽ مان ان جي ڏارُن يا ڀڳل حصن مان وقت جو گذر محسوس ڪريان ٿو۔”
ان سان لاڳاپيل تصور ما (Ma/間) آهي، جيڪو “خالي جاءِ” يا “وقفي” کي بيان ڪري ٿو۔ جپاني موسيقيءَ ۾ خاموشيءَ جا پَل به سُر جو حصو سمجهيا وڃن ٿا۔ اها ڳالهه مغربي دنيا لاءِ حيران ڪندڙ آهي، پر جاپان ۾ سڪون ۽ خاموشي زندگيءَ جي توازن جو بنياد آهن۔

گامان، گانبتي ۽ ڪائزن – حوصلا ۽ واڌارو
زندگي مشڪلاتن کان خالي ناهي۔ 2011ع جي وڏي زلزلي ۽ سوناميءَ کان پوءِ، جڏهن هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا، سڄي دنيا حيران ٿي وئي ته جپاني ڪيئن بي آواز ۽ باوقار صبر سان قطارن ۾ بيٺل هئا۔ اها هئي گامان (Gaman/我慢) يعني ڏکيائين کي وقار سان برداشت ڪرڻ۔
ساڳئي وقت، ماڻهن کي هڪ ٻئي کي همت ڏيارڻ لاءِ گانبتي (Ganbatte/頑張って) جي اصول تي هلن ٿا، جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته “پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو، همت نه هاريو”۔ اهو لفظ اسڪولن ۾ شاگردن کان وٺي وڏن ڪارخانن تائين هر جاءِ تي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو۔
ڪم جي دنيا ۾، جپاني ڪارخانا ڪائزن (Kaizen/改善) جي اصول تي هلن ٿا، جنهن جو مطلب آهي لڳاتار بهتري۔ ٽويوٽا ڪمپنيءَ جو راز به هيءَ ئي حڪمت آهي، جتي هر ورڪر وٽ بهتريءَ جي تجويز ڏيڻ جو حق هوندو آهي۔ ننڍا سڌارا گڏجي وڏي ڪاميابي بڻجن ٿا۔
ڪنٽسوگي، موٽتينا ۽ مونو نو آواره – تبديلي ۽ ناپائيداري کي قبول ڪرڻ

جپان ۾ ٽٽل ٿانون کي ڦٽو ناهي ڪيو ويندو، پر ڪنٽسوگي (Kintsugi/金継ぎ) جي فن سان سون سان مرمت ڪيو ويندو آھي۔ هڪ اهڙو ڪوپ ٽٽڻ کان پوءِ وڌيڪ قيمتي ٿي وڃي ٿو۔ اها ئي زندگيءَ جو ھڪ نمونو آهي: زخم ۽ تجربا اسان کي ٽوڙين ٿا پر ساڳئي وقت وڌيڪ سهڻو ۽ مضبوط بڻائين ٿا۔
موٽتينا (Mottainai/もったいない) جو تصور ٻڌائي ٿو ته وسيلن جو قدر ڪريو۔ جپان ۾ ٻارن کي ننڍپڻ کان سيکاريو وڃي ٿو ته کاڌو ضايع نه ڪيو، پاڻي بچايو ۽ شيون سمجهداريءَ سان استعمال ڪريو۔
ان کانپوءِ اچي ٿو مونو نو آواره (Mono no Aware/物の哀れ) – اها حسرت ڀري ساڃاهه ته هر شيءِ ناپائيدار آهي۔ چيري بلاسم جا گل جيڪي ڪجهه ڏينهن ۾ ڪري پون ٿا، انهن جي عارضي سهڻائي ماڻهن کي ياد ڏياري ٿي ته زندگيءَ جا سڀ حسين پل به ٿوري وقت لاءِ آهن۔ پر اهي ئي پل زندگيءَ کي قيمتي بڻائن ٿا۔
وا، اِن ۽ اوموتي ناشي – هم آهنگي ۽ رشتا
جپاني سماج ۾ گروهي يا اجتمائي ڀلائيءَ کي هميشه اهميت ڏني وئي آهي۔ وا (Wa/和) هم آهنگيءَ جو تصور آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ذاتي انا کان وڌيڪ گڏيل ڀلائي اهم آهي۔
ساڳئي وقت، اِن (En/縁) قسمت جي اهڙن ناديدن ڌاڳن کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪي ماڻهن کي ملائن ٿا۔ هڪ ننڍڙي ملاقات، جيڪا زندگيءَ کي بدلائي ڇڏي، جپاني ان کي “اِن” سمجهن ٿا۔
ان کانپوءِ آهي اوموتي ناشي (Omotenashi/おもてなし)، يعني دل سان خدمت ڪرڻ۔ 2019ع ۾ جڏهن جپان رگبي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪئي، تڏهن مهمانن کي جپاني مهمان نوازيءَ جي ان عظيم روايت حيران ڪري ڇڏيو۔ ماڻهن کي صرف سهولت نه پر محبت ۽ احترام مليو۔

شوشن، موشِن ۽ اوبائتوري – سٺي زندگيءَ لاءِ ذهني رويو
شوشن (Shoshin/初心)، يعني نئين شروعات ڪندڙ جو ذهن، اهو سيکاري ٿو ته ڪيترا به ڄاڻو ٿي وڃون، پر نئين تجربي کي هميشه تجسس ۽ عاجزي سان ڏسڻ گهرجي۔ جاپاني زن ٻُڌ مت جي استاد شونريو سوزوڪي چيو: “نوآموز يعني نئين شروعات ڪندڙ جي ذهن ۾ ڪيترائي نوان خيال آهن، پر ماهر جي ذهن ۾ ٿورا۔”
موشِن (Mushin/無心) يعني اهڙي حالت جتي ذهن خالي ۽ مڪمل وهڪري ۾ هوندو آهي۔ هڪ مارشل آرٽس جو استاد جڏهن پنهنجي فن ۾ مڪمل طور ڌيان ڏئي، تڏهن هو موشِن ۾ هوندو آهي۔
ان کانپوء اوبائتوري (Oubaitori/桜梅桃李) ياد ڏياري ٿو ته ٻين سان ڀيٽڻ بيڪار آهي۔ جيئن هر وڻ پنهنجي موسم ۾ گل ڏئي ٿو، تيئن هر ماڻهو پنهنجي رفتار ۽ انداز سان وڌي ٿو۔ هڪ جپاني استاد شاگردن کي چوندو آهي ته: “پنهنجي چَيري گل ٿيڻ جي انتظار ۾ رهجو، يعني جڏهن اوهان جو وقت ٿيندو ته اوهان پنهنجي وقت تي چَيري جي گل وانگر ٿي پوندو ۔”
آفاقي دانائي ۽ جديد دنيا ۾ اهميت
اهي سڀ تصوّر جپان مان جنم وٺي دنيا تائين پهتا آهن، پر انهن جي روحانيت آفاقي آهي۔ اڄ جڏهن دنيا تيزيءَ، مقابلي ۽ ڪمال جي ڊوڙ ۾ گم آهي، تڏهن جپاني دانائي هڪ نئون رستو ڏيکاري ٿي۔ اهو رستو صبر، عاجزي، نامڪملي کي قبول ڪرڻ، رشتن جي اهميت ۽ اندروني سڪون ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔
ڪاروبار ۾ “ڪائزن” ڪاميابيءَ لاءِ حڪمتِ عملي آهي۔ ماحولياتي مسئلن ۾ “موٽتينا” رهنمائي ڪري ٿو۔ ذاتي زندگيءَ ۾ “ايڪيگائي” سڪون ڏئي ٿو۔ تعلقن ۾ “وا” ۽ “اِن” اسان کي مضبوط ڪن ٿا۔ ۽ ذهني سڪون لاءِ “شوشن” ۽ “موشِن” بهترين اصول آهن۔

جپان جي خاموش دانائي مان سکڻ
عالمي ڊوڙ ۾ اهو خطرو هر وقت رهي ٿو ته ثقافتون پنهنجا حڪمت ڀريا خزانا وڃائي ويهن۔ پر جپان ثابت ڪري ٿو ته زبان ۽ اصطلاح فلسفي کي زنده رکي سگهن ٿا۔ اهي رڳو لفظ نه پر عملي طرزِ حيات آهن۔
اهي اسان کي سيکاري ۽ دعوت ڏين ٿيون ته رفتار گهٽايون، سڪون سان جيئون، رشتن کي قيمتي ڄاڻون، نامڪملي کي قبول ڪريون ۽ پنهنجي انفراديت کي مڃون۔ ڀلي اسان ايڪيگائي ڳوليون يا ڪنٽسوگيءَ جي ذريعي پنهنجي ڏارُن يا ٽُڪرن کي سون وانگر ڏسڻ سکون، جپاني دانائي اسان کي اهو اهم سبق سيکاري ٿي ته زندگيءَ جون سڀ کان وڏيون حقيقتون سادگيءَ، عاجزيءَ ۽ خاموش طاقت ۾ لڪل آهن۔
________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ رائونڊ واٽر انجنيئر۽ انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ جو ناميارو ڪالم نگار ءَ سفرناما لکندڙ آھي