Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

حيدرآباد ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جو سنڌ دشمن رٿائن خلاف جلوس

جاگيرداري نظام، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن، ڪئنالن ۽ زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻ خلاف احتجاجي جلوس ۽ ڌرڻو، وڏي تعداد ۾ هاري ۽ هارياڻيون شريڪ.

حيدرآباد

جاگيرداري نظام، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن، ڪئنالن ۽ زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻ خلاف سنڌي هاري تحريڪ طرفان اربع ڏينھن گل سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا اولڊ ڪيمپڪس، حيدر چوڪ ۽ گول بلڊنگ کان ٿيندي حدرآباد پريس ڪلب پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو.

ريليءَ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ۽ ٻين ڪئي. ريليءَ ۾ هارين سان گڏ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو.

ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ، زرعي سڌارا آڻي جاگيرون ٽوڙي زمينون بي زمين هارين ۽ هارياڻين ۾ ورهائڻ جا ٺھراءَ منظور ڪيا ويا. سارين جو اگهه 4000 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ، هارين ڪارڊ، جيالن زميندارن کي ڏيڻ بدران هارين کي ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا. ٽيننسي ايڪٽ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل جي مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته پيپلز پارٽيءَ جي جاگيردارن جي حڪومت کي عدليا طرفان هارين کي ملندڙ تر جيترو به رليف برداشت نٿو ٿئي.

احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته جنرل ايوب ون يونٽ مڙهي قومي وحدتن جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن کي سنڌ جي عوام بدترين شڪست ڏني ۽ هاڻي 27هين آئيني ترميم جي ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي. حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ سنڌي ماڻهن جو هزارين سالن کان وطن آهي. جنهن خلاف سازش ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ ورهائڻ جي سازش ۾ نواز ليگ سان پيپلز پارٽي جي قيادت شامل آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ مريم نواز جي پنجاب سرڪار کي چولستان ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ 8 جولائي 2024ع تي صدر زرداري جي صدارت ۾ صدارتي هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو سودو ڪري چڪي آهي. صدر زرداري چولستان ڪئنال جي منظوري ڏئي سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي.

ھن چيو تہ پيپلز پارٽي ٻيٽن جيان ڪئنالن واري مسئلي تي به سنڌي قوم سان ڊبل گيم ڪري رهي آهي. ارسا طرفان پاڻيءَ جي کوٽ ڊڪليئر قرار ڏيڻ کي انگ اکرن جي هيراڦيري قرار ڏيندي هن چيو ته ارسا هر سال پاڻيءَ جي کوٽ ڊڪليئر ڪري سنڌ کي 91ع جي ٺاهه موجب به پاڻي نٿي ڏئي، جيتوڻيڪ 91ع جو ٺاهه هڪ طرفو آهي، پنجاب طرفان زوري زبردستي مڙهيل آهي پر پنجاب جي حڪمرانن طرفان ان تي به عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ 91ع جي ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ڪري سنڌ جو حصو پنجاب کي ڏنو پيو وڃي، مٿان وري اهڙي صورتحال ۾ ارسا واڌو پاڻي هئڻ جو جواز ڄاڻائي پنجاب کي نون ڪئنالن جا سرٽيفڪيٽ ڪهڙن بنيادن تي جاري ڪري رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ارسا انگ اکرن جي هيراڦيري بند ڪري ۽ 91ع جي ٺاهه موجب سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي.

هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ روينيو بدران آبادي جي بنيادن تي ورڇ ڪري ٽن صوبن جا وسيلا پنجاب حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن ٿا، اين ايف سي ايوراڊ جي ورڇ وارو طريقيڪار پنجاب جي معاشي بالادستي قائم رکڻ جي سازش آهي. مٿان وري اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائي ملڪ جي سموري ڪمائي وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

وسند ٿري چيو ته “منهنجو پاڻي، منهنجي مرضي، منهنجا پئسا منهنجي مرضي” جا نعرا هڻندڙ ٽن صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺا آهن، سرائيڪي وسيب کي تباهه ۽ برباد ڪري لاهور ۾ شهنشاهيت قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪري سنڌو درياهه ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ جي سازش ڪئي آهي پر سنڌي قوم اڳ ۾ ئي ان کي رد ڪري چُڪي آھي. ھُن چيو تہ بلاول_شهباز_ مريم واضح اعلان ڪن تہ ڪئنال کپن يا پاڪستان.

سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو چيو ته سنڌ سرڪار هارين خلاف زميندارن جي حمايت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي آهي. سنڌ حڪومت ٽيننسي ايڪٽ متعلق سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪري هاري دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. پيپلز پارٽي هارين خلاف اپيل داخل ڪري ثابت ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جاگيردارن جي نمائنده ۽ هارين جي ڪٽر دشمن پارٽي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪو بينظير هاري ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي، سو هاري ڪارڊ نه پر هاري ڪارڊ جي نالي ۾ زمينداري ڪارڊ آهي جيڪو کاتيدار زميندارن کي ڏنو پيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سارين جو اگهه 4000 روپيا ۽ ڪڻڪ جو اگهه 5000 روپيا مقرر ڪري ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ جا هاري ۽ هارياڻيون بنيادي انساني سهولتن کان محروم آهن، هن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار هارين تي وڌيڪ ظلم ۽ جبر ڪرڻ لاءِ جاگيرداري نظام ۽ ڌاڙيل راڄ کي هٿي ڏني آهي، ڌاڙيل جاگيردارن، وڏيرن ۽ قبائلي سرداري جي هٿياربند فورس طور ڪم ڪري رهيا آهن.

احتجاجي ريليءَ ۾ منظور ڪيل ٺھراءَ

پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت ملڪ جي معيشيت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي وارو ڪردار ادا ڪري ٿي. پاڪستان جي ٻاهتر سيڪڙو آبادي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي جنهن جو سڌو يا اڻ سڌو وهنوار زراعت سان آهي. زراعت جي ڪري ئي شهر ۽ ٻهراڙيون  کاڌ خوراڪ، ڪپڙو ۽ ٻيون زرعي سهولتون حاصل ڪن ٿا، اهي هاري ۽ آبادگار ئي آهن جيڪي انهي جنسن سان گڏ پوليٽري ۽ جانورن جي پالنا ڪن ٿا جنهنڪري کير ۽ گوشت حاصل ٿئي ٿو پر موٽ ۾ حڪمرانن جي غلط ۽ زراعت دشمن پاليسين ڪري زراعت تباهه ۽ هاري آبادگار فاقا ڪشي جو شڪار آهن. هاري دشمن حڪومت پهرين پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري انبن ۽ ڪيلن جا باغ تباهه ڪيا، فيبروري مارچ مهيني ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڪري ڪڻڪ ۽ ڀاڄين جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو. مٿان وري ناقص پاليسيون ٺاهي ڪڻڪ، ٽماٽو، بصر ٻاهران گهرائي هتي جي ٿوري گهڻي لهندڙ فصل کي سيٺ مافيائن جي حوالي ڪيو ويو. جنهن سان هاري ۽ آبادگار کي تمام وڏو نقصان کڻڻو پيو ۽ هو معاشي لحاظ کان تباهه ٿي ويو.

 هن وقت جڏهن سارين جو فصل لهڻ شروع ٿيو آهي ته سيٺين هڪ پاسي اگهه گهٽائي ڇڏيو آهي ته ٻي پاسي موئايسچر (ماڪ) جو بهانو ڪري ڪيترائي ڪلو ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، اهڙي نسوري ناحق خلاف هاري ۽ آبادگار احتجاج پيا ڪن پر حڪومت ڪو نوٽس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. پاڻي جي غيرمنصفاڻه ورڇ ۽ ان تي لڳندڙ ڌاڙن سبب حالتون وڌيڪ بدتر ۽ سنگين ٿي ويون آهن. هڪڙي پاسي پنجاب جا حڪمران انگريزن جي دور کان وٺي هيستائين ملڪي، عالمي، علائقائي ۽ اسلامي قانونن جي خلاف وزي ڪندي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻيءَ کان محروم ڪيون ويٺا آهن ته ٻي طرف وري زمينون هڪ مخصوص ۽ عالمي سامراجي قوتن سان وفاداري نڀائيندڙ جاگيردارن حوالي ڪيون ويون آهن. انگريز سامراج سنڌ ۾ خاص ڪري جاگيرداري نظام کي مچائي مواڙ ڪيو جنهن کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسٽيبليشمينٽ پنهنجن مفادن خاطر ان کي وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط ڪيو. ڀوتارن جاگيردارن ۽ سردارن کي اسٽيبليشمينٽ ڪرسي جي لالچ ڏيئي سڀ سنڌ دشمن ڪم ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽  عيوض ۾ کين رياست ۾ الڳ رياست قائم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. جاگيرداري نظام ۾ هاري کي ظلم جي پڙن ۾ پيڙيو ويندو آهي، نه سندن روزگار جو تحفظ نه گهرن جو نه ئي سندن عزت جو تحفظ. پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ته جاگيردارن کي ڌاڙيل پالڻ  جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پيپلز پارٽي سرڪار اغوا انڊسٽري ۽ ڌاڙيل راڄ وسيلي سنڌي عوام کي تباهه ۽ برباد ڪري جاگيردارن کي مچائي مواڙ ڪيو آهي.

سنڌي هاري تحريڪ جي اڄوڪي ريلي مطالبو ٿي ڪري ته پوري پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ مان جاگيرداري ۽ سرداري نظام مڪمل ختم ڪيو وڃي. زرعي سڌارا آڻي جاگيرون ٽوڙي زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن، ان سان گڏ سنڌ ۾ موجود سرڪاري زمينن تان ڌارين ۽ ڀوتارن جا قبضا خالي ڪرائي اهي زمينون به بي زمين مقامي هارين ۽ هارياڻين ۾ ورهايون وڃن. سنڌو درياءَ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي اڏيل سمورا ڊيم ۽ تونسا پنجند ۽ چشما جهلم جهڙا سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال ختم ڪيا وڃن. سنڌو تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري، ملڪ ۾ ماحولياتي تباهي آڻي، ست ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جي سازش ڪندڙ ملڪ دشمن، ماحول دشمن ۽ انسان دشمن قوتن خلاف آئين جي آرٽيڪل ڇهه تحت ڪاروائي ڪئي وڃي. سنڌ جو هاري باشعور عوام ڪنهن به حالت ۾ سنڌين، بلوچن، سرائيڪين ۽ ٻين قومن جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضو ٿيڻ نه ڏيندو، اسان سنڌ جا هاري مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن منصوبن کي فوري طور ختم ڪري مظلوم قومن جي زمينن تي قبضن جي سازش بند ڪئي وڃي. سنڌي هاري تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته هارين ۽ آبادگارن تي مشتمل مارڪيٽ ڪميٽيون ٺاهيون وڃن جئين اهي پنهنجي جنسن جا اگهه خرچ جي حساب سان مقرر ڪن ۽ انهن کي سرڪاري ۽ عدالتي تحفظ حاصل هجي. ان سان گڏ فوري طور سارين جو امدادي اگهه مقرر ڪري، ان اگهه تي سارين جي خريداري يقيني بڻائي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بئنچ هارين جي هڪ ڪيس ۾ ٽينينسي ايڪٽ تي هڪ تاريخي فيصلو ڏيئي حڪومت کي هارين جي ڀلائي لاءِ ڪنهن حد تائين پابند ڪيو پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ موجود پيپلز پارٽي جي جاگيردارن جي حڪومت کي هارين لاءِ ڏنل نالي ماتر رليف به قبول نه هو جنهن ان فيصلي تي عمل ڪرڻ بدران ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو آهي، پيپلز پارٽي طرفان ان فيصلي کي چيلينج ڪرڻ وارو عمل ۽ ان تي نام نهاد اپوزيشن جي مجرماڻي ماٺ به هڪ شرمناڪ عمل آهي. سنڌي هاري تحريڪ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيل ڪيس فوري واپس وٺي ان تي هاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي موجب عمل ڪري. سنڌ جو اڪثر هاري اڄ به ڀوتارن جي ڏنل زمين تي عارضي گهر ٺاهي ويٺل آهي اڄ به کيس ڪو پنهنجو ويهڻ لاءِ پلاٽ به ناهي ۽ ڀوتار جڏهن به ڪاوڙجي ٿو هاري کي زمين تان بي دخل ڪري ان کان گهر خالي ڪرايو ڇڏي ٿو، سنڌي هاري تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ ۾ هاري ڪالونيون قائم ڪري هارين کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. هارين جا ڳوٺ پڪا ڪيا وڃن، هاري ڪالونين ۽ ڳوٺن ۾ روڊ، بجلي، گئس، اسڪول، اسپتال، راندين جو ميدان ۽ ٻيون سڀ بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. هارين جي ٻارن لاءِ اسڪالرشپ جي مخصوص ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي. سنڌي هاري تحريڪ سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي سخت مذمت ڪري ٿي جنهن پئسن عيوض پاڻي وڪڻي ڇڏيو آهي جنهن سان پڇڙين ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿئي ٿي ۽ هاڻ نوبت لڏ پلاڻ تائين وڃي پهتي آهي، سنڌي هاري تحريڪ  مطالبو ٿي ڪري ته ڪرپٽ اريگيشن نظام کي مڪمل ختم ڪري نااهل ۽ راشي آفيسرن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ پاڻي منصفانا ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ ۾ زرعي دوائون ، ڀاڻ ۽ ٻج فراڊي ۽ بوگس ڪمپنين وسيلي تيار ڪري آبادگارن ۽ هارين کي ڏنو وڃي ٿو جنهن ڪري آبادگارن کي ڪاپاري نقصان ٿئي ٿو فراڊي ۽ بوگس ڪمپنين جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪرڻ سان گڏ آبادگارن ۽ هارين کي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏياريو وڃي. هارين، ڀاڳين ۽ ڌنارن جو چوپايو مال، جيڪو سندن روزگار ۽ خوراڪ جو بنيادي ذريعو آهي، وبائي بيمارين ۽ سنڌ حڪومت جي بي حسي سبب تباهه ٿي رهيو آهي. لائيو اسٽاڪ کاتي وئڪسين جا فنڊ هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، جانورن جون اسپتالون غيرفعال آهن ۽ ڊاڪٽر ڊيوٽي تان گم آهن. پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ ۽ وبائي بيمارين سبب هزارين ٻڪريون ۽ ڍور مري رهيا آهن، جڏهن ته حڪمرانن جا ڪيٽل فارمز سرڪاري سهولتن مان فائدو وٺي رهيا آهن. باقي سرڪار طرفان هارين، ڀاڳين ۽ ڌنارن لاءِ ڪا به سهولت موجود ڪونهي. چوپائي مال جي چراگاهن تي به بااثر ماڻهن جا قبضا آهن، جيڪي حڪومت جي ساٿ سان عوامي ملڪيت کي ذاتي ملڪيت بڻائي رهيا آهن. هي  هزارين هارين جو هي احتجاج مطالبو ٿو ڪري ته سموري سنڌ ۾ چوپائي مال لاءِ فوري طور مفت ۽ منظم وئڪسين مهم شروع ڪئي وڃي. لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڪرپشن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي. چراگاهن تان قبضا ختم ڪري عوامي ملڪيت طور قانوني تحفظ ڏنو وڃي. چوپائي مال لاءِ پاڻي ۽ خوراڪ جي هنگامي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وفاقي سرڪار سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي ساحلي پٽي کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب سمنڊ اڳتي وڌي زرخيز زمينون ۽ ڳوٺ ڳڙڪائي ڇڏيا آهن، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ۽ ماحولياتي تباهي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. منڇر ۽ ٻين مٺي پاڻيءَ وارن قدرتي ذخيرن ۾ زهريلو پاڻي شامل ڪري انهن کي تباهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪينجهر سميت سمورين تاريخي ڍنڍن ۽ ڍورن تي قبضا ڪري ڪمپنين کي ڏنا پيا وڃن، جنهن سان هزارين ماهيگير پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويا آهن ۽ سنڌ جون تاريخي ۽ ثقافتي ڍنڍن ۽ ڍورن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي. هي هزارين ماڻهن جو ميڙ مطالبو ٿو ڪري ته انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي. ڪينجهر، منڇر ۽ ٻين مٺي پاڻيءَ وارن ذخيرن تان قبضا ختم ڪيا وڃن. درياهن ۽ ڍنڍن ۾ زهريلو پاڻي ڇڏڻ تي پابندي لڳائي ماحولياتي تحفظ لاءِ سخت قانونسازي ڪئي وڃي. بينظير هاري ڪارڊ هڪ فراڊ آهي جيڪو هارين جي نالي ۾ زميندارن کي ڏنو پيو وڃي سو هارين جي نالي ۾ زمينداري ڪارڊ ختم ڪري سنڌ جي سمورن هارين کي هاري ڪارڊ ڏنو وڃي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ واري رٿا کي اسين رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ واري سازش ختم ڪئي وڃي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ آبادي بدران روينيو جي بنياد تي ڪئي وڃي. مائنز اينڊ منرلز بل مظوم قومن جي وسيلن ۽ تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن تي قبضا ڪرڻ جي سازش آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون مائينز اينڊ منرلز بل فوري طور واپس ورتو وڃي، ۽ صوبن جي وسيلن تي صوبن جو حق تسليم ڪيو وڃي، ان سان گڏ ايس آءِ ايف سي جهڙا قبضاگير ادارا ختم ڪيا وڃن.  (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button