پَرِين جي ديس يوڪرين ۾ رولاڪيون
سويڊن ۾ آباد سنڌ جي سيلانيءَ جو سفرنامو
انجنيئر عبدالله عثمان مورائي
جهاز يوڪرين جي گاديءَ واري شهرڪيو ۾ جيڪو نيپرو درياهه جي ڪناري آباد آهي، صبح جو لڳ ڀڳ ساڍِي اٺين وڳي لٿو. هوائي اڏي کان جيئن ئي ٻاهر آيس ته خبر پئي ته شهر وڃڻ واري ريل گاڏي تائين يا ته ايئرپورٽ جي لوڪل بس پڪڙيو جيڪا اتي مفت ۾ مسافرن جي سهولت لايءِ هلي ٿي يا ته وري پنڌ وڃو. پنڌ به گهڻو ڪونه هيو، پنڌرنهن ويهن منٽن ۾ آءُ شهر وڃڻ واري ريل گاڏي وٽ پهچي ويس. مون کي تڪڙ به ڪانه هئي، هوٽل ۾ منهنجو چيڪ ان هونءَ به ٻارهين وڳي ٿيڻو هو، سو آرام سان پي هيڏانهن هوڏانهن جي ماحول جو مشاهدو ڪيم.
ٽڪيٽ گهر جي دريءَ وٽ هڪ فئملي ٽڪيٽ وٺي رهي هئي، انهن جي پويان وري هڪ خوبصورت ڇوڪري پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهي هئي، ۽ ان کان پوءِ وري منهنجو وارو هو. سڌريل ملڪن ۽ معاشرن ۾ اهو هڪ وڏو اطمينان هوندو آهي ته هرڪو قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪري ٿو، هرو ڀرو جي افرا تفري ناهي. آءُ به پنهنجي ٽڪيٽ وٺي اچي پليٽ فارم تي بيٺس ۽ ريل گاڏي جو انتظار ڪرڻ لڳس. ريل گاڏي جي پٽڙي ٻن پليٽ فارمن جي وچ تي هئي، جيئن ئي گاڏي آئي ته هڪ پاسي جا دروازا کليا ۽ مسافر هوائي اڏي تي وڃڻ لاءِ لٿا، پوءِ وري اسان واري پاسي جا دروازا کليا ۽ مسافر شهر وڃڻ لاءِ سوار ٿيا. اڄ انهن مسافرن ۾ موري جو سومرو به شامل هيو. پهريان به هتي موري جو اسان جو ويجهو عزيز قاضي منير احمد صاحب 1982ع ۾ اسٽيل مل جي طرفان ڇهن مهينن جي سکيا وٺڻ لاءِ يوڪرين اچي چڪو هو ۽ بابا ٻڌائيندو آهي ته قاضي صاحب اتان اسان جي محترم استاد سائين فيض محمد سومري کي خط به لکندو هو جيڪي بابا جي دڪان تي ٽپالي ڏئي ويندو هو.
گاڏي هلڻ کان رڳو هڪ منٽ پهريان هڪ ڇوڪرو به اچي ريل ۾ سوار ٿيو، ٿورو غور ڪرڻ کانپوءِ سڃاتم، اهو مون سان صبح سويراسٽاڪهولم ۾ هوائي اڏي لاءِ ساڳي بس ۾ سوار ٿيو هو ۽ پوءِ وري ساڳي جهاز ۾ به هو. هڪ ٻئي سان ٿورو مشڪياسين ته هو به اچي مون واري ڀر واري سيٽ تي ويٺو. گاڏيءُ به هلڻ شروع ڪيو. هڪ ٻئي کان حال احوال ورتاسين، مون ٻڌايومانس ته آءُ هتي ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ آيو آهيان. پاڻ ٻڌايائين ته هو هتي ٻه هفتا هوندو ڇاڪاڻ ته سندس هتي هڪ يوڪرين جي ڇوڪريءَ سان شادي آهي، همراه ڏاڍو خوش هو. اسان جي سامهون واري سيٽ تي وري هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ويٺا ها، ٿوري دير کان پوءِ ڇوڪري پنهنجي پرس مان ميڪ اپ جو سامان ڪڍي ميڪ اپ ڪرڻ شروع ڪيو. ڀرسان ويٺل سئيڊش ڇوڪري وڌيڪ ٻڌايو ته هو سندس منگينديء سان هن سال ئي هتي ڪيو ۾ مليو هو پوءِ هو ان وقت کان وٺي گڏ آهن ۽ هاڻي شادي ڪري رهيا آهن، ۽ شادي کان پوءِ سئيڊن ۾ ئي گڏ رهڻ جو ارادو آهي. مون پڇيومانس ته سئيڊش ڇوڪرين جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ چيائين ته هو ڪجهه ڇوڪرين سان گڏ ضرور هيو پر مسئلو اهو آهي ته سئيڊش ڇوڪريون تمام آزاد آهن ۽ اهي مرد جي گهڻي ڀاڳي ٻڌن ئي ڪونه ٿيون ان ڪري سئيڊش مردن کي جيڪڏهن موقعو ملندو آهي ته ٻين ملڪن جي عورتن سان شادي ڪندا آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته نه رڳو سئيڊش مردن پر عورتن جي به ڪافي ٻين ملڪن جي مردن سان شادي ٿيل آهي.
ڇوڪري جو ميڪ اپ اڃا جاري هو ته اعلان ٿيو ته ٿوري دير ۾ ريل ڪيو جي سينٽرل اسٽيشن تي پهچندي، اهو ٻڌي ڇوڪري ميڪ اپ بند ڪري سامان پرس ۾ واپس رکيو. هوائي اڏي کان شهر تائين ريل گاڏي اڌ ڪلاڪ ۾ پڄائي ڇڏيو. ريل گاڏي مان لهڻ کان پوءِ مون سئيڊش ڇوڪري کي نيڪ تمنائون چيون ۽ هن به ساڳئي طرح سان وراڻيو. اسٽيشن تي ۽ ان کان ٻاهر مون کي لڳو ته شايد آءَ روس ۾ اچي ويو آهيان. يوڪرين پراڻي يو ايس ايس آر جو هڪ حصو هو پر هاڻي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي موجود آهي. اريس هوٽلز جتي مون کي رهڻوهو، اسٽيشن کان لڳ ڀڳ هڪ ڏيڍ ڪلو ميٽر پري هو، نقشي جي مدد سان پنڌ ئي پنڌ ان پاسي ويندو رهيس.

اڃا پنڌ ۾ ئي هيس ته منهنجي ڪيو ۾ رهندڙ هڪ دوست انا جو واٽس ايپ تي ميسيج آيو ته هوءِ رستي ۾ آهي ۽ جلد مون واري هوٽل تي پهچي ويندي. مون هوٽل جي رسيپشن تي پهڇي معلومات ورتي ته اهو ممڪن آهي ته آءٌ چيڪ ان جلد ڪيان ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجي دوست سان گڏ ٿوري دير ۾ گهمڻ لاءِ نڪري وڃڻو آهي ۽ جيڪڏهن چيڪ ان هاڻي ٿي سگهي ٿو ته ٺيڪ آ نه ته منهنجو هي بيگ هتي رکو، آءُ واپسي ۾ اچي پوءِ چيڪ ان ڪندس. رسيپشنسٽ چوڪري فون تي ڪنهن سان ڳالهائي چيو ته تنهنجو ڪمرو بس ٿوري دير ۾ تيار ٿي ويندو ۽ بهتر آهي ته هاڻي چيڪ ان ڪري سامان پنهنجي ڪمري ۾ رکي پوءِ ڀلي گهمڻ هليو وڃ. ان وچ ۾ انا به پهچي وئي. اتي ئي اڃا هڪ ٻئي کان حال احوال پئي ورتوسين ته رسيپشنسٽ ڇوڪري چيو ته اوهان جو ڪمرو تيار آهي ۽ ڀلي چيڪ ان ڪري ڇڏيو. انا کي چيم تون بس اتي ئي انتظار ڪر، آءُ پنجن منٽن ۾ سامان ڪمري ۾ رکي اجهو موٽيس. آءٌ سمجهان ٿو ته هڪ سياح لاءِ اها هڪ غنيمت آهي جو کيس ڪنهن نئين جاءِ تي گهمائڻ لاءِ ڪو اتان جو مقامي سونهون گڏ هجي.
انا ۽ آءُ وري هڪ دفعو سينٽرل اسٽيشن تي آياسين ۽ اتان زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۾ چڙهي هڪ ٻن اسٽيشنس کان پوءِ اچي ميدان اسڪوائرجنهن کي آزادي اسڪوائر به چون خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي لٿاسين. تقريبن سوا ڪلو ميٽر خرسچيٽڪ اسٽريٽ ڪيو جي مک گهٽي آهي جتي خاص طور تي ويڪ اينڊ تي تمام گهڻي رش ٿئي ٿي. خرسچيٽڪ اسٽريٽ ۽ ميدان اسڪوائر وارو سڄو رستو ڇنڇر ۽ آچر تي ٽريئفڪ لاءِ بند هوندو آهي ته جيئن ماڻهو اتي موڪل واري ڏينهن آرام سان گهمي ڦري سگهن. تمام وڏو اسڪوائر هو. صفائي به تمام گهڻي هئي. پاڻي جا ڦوهارا ، مختلف قسمن جا مجسما ۽ ننڍا ننڍا گول ۽ چارڪنڊا پارڪ به روڊ جي ٻنهي پاسي هئا. اتي خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي پنڌ گهمندي اسان هڪ ڪيفيٽيريا ۾ گهڙي وياسين، مون چانهه ۽ انا ڪافي ورتي ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه بسڪوٽ به ورتاسين.
پوءِ هلندي هلندي انا مونکي ميدان اسڪوائر تي ان هنڌ وٺي آئي جتي تمام کوڙ فريمن ۾ لڳل تصويرون هيون، تصويرن جي هيٺان سندن نالو، پيشو، ڪجهه گل ۽ سندن پيارن ۽ عام ماڻهن جي طرفان سندن لاءِ لکيل تاصر.اهي تصويرون نومبر 2013 ع کان فيبروري 2014ع ۾ يوڪرين جي چونڊيل صدر وڪٽريانوڪووچ جي خلاف آيل انقلاب ۾ مارجي ويلن جون هيون جنهن ۾ 16 سالن کان 73 سالن جي عمر جا 130 ماڻهو مارجي ويا هئا جن ۾ 18 پوليس وارا به شامل هئا. ڪن انقلابين کي اغوا ڪري ماريو ويو، ڪن کي وري سنائيپرس جي مدد سان نرڙ، پيٽ، ڪنڌ ۽ سيني ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. انقلابين جي مٿان مائنس گرمي پد ۾ ٿڌي پاڻي جي ڪينن ۽ گيس جي دستي بمن جو استعمال پڻ ڪيو ويو. ڪن جي گاڏين جي گيس ڪٽن تي گوليون وسايون ويون ۽ اهي اتي سڙي مري ويا. ڪي انهي احتجاج دوران دل جي دوري پوڻ سبب به مئا. انهيءَ انقلاب ۾ يوڪرين جي مختلف شهرن ۽ هرمڪتبه فڪر جا ماڻهو هن ميدان اسڪوائر تي گڏ هئا. گهيرو تنگ ٿيندو ڏسي وڪٽر يانوڪووچ روس ڀڄي ويو. مون اتي مري ويلن جي عزيزن کي سندن تصويرن جي اڳيان گل رکندي غمگين ڏٺو. مالڪ اهڙي حڪمراني ۽ طاقت کان پناهه ۾ رکي جتي اقتدار بچائڻ لاءِ ڪنهن جي ٻچن ۽ پيارن جو اهڙي نموني قتل ڪرايو وڃي. ظالم حڪمرانن ۽ طاقتن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جڏهن ڪنهن به قوم کي ڀت سان لڳايو ويندو آهي ته ان ايڪشن جو ري ايڪشن اچڻ فطري عمل آهي. بهرحال هيءَ دنيا مڪافات عمل ته آهي، جيڪو ڪا زيادتي ڪندو اهو اڳي يا پوءِ لوڙي ضرور ٿو، رڳو سمجهڻ جي ضرورت آهي.
بهرحال انهي ماضي مان واپس اچي وري خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي گهمڻ شروع ڪيوسين. آهستي آهستي رش وڌندي پئي وئي. گهڻي قدر يوڪرين ۽ آس پاس جي ملڪن جا سياح هئا.گهڻائي پنڌ گهمڻ وارن جي هئي پر تنهن هوندي به ڪافي سائيڪلن وارا پڻ نظر آيا. هڪ ڇوڪري اتي وچ رستي تي بيهي گٽار وڄائي رهي هئي ۽ ماڻهو کيس پيسا به ڏئي رهيا هئا. آهستي آهستي جلوو نڪري نروار ٿيو. بخشل مهراڻوي ڪنهن پروگرام ۾ چيو هو ” هل ڇا ته خلق آ”، انهي کي وري پوءِ هاڻي سهراب سومرو ڌرتي ٽي وي جي پروگرام لافٽر هائوس ۾ مهمانن کي ڏسي چوندو آهي ته ”هل ڇا ته خلق آئي آهي پروگرام ۾ ”، آءٌ وري هتي اهو ضرور چوندس ته ” هل ڇا ته حسن آ يوڪرين ۾ ”، واقعي به مونکي ته لڳو ته هتي ته ڄڻ ڪي حورون رهنديون هجن ۽ آءُ ڪوه ڪاف جي ڪنهن ماڳ تي پهچي ويو هجان.
گٽار واري ڇوڪري کان وري ٿورو اڳتي هڪ وڏن وارن وارو همراهه پنهنجي پٽ سان گڏ وچ روڊ تي پنهنجا ساز ۽ ڊرم تيار ڪري رهيو هو، ٿوري دير کان پوءِ اهو به شروع ٿيو ۽ سندس چوڌاري گهڻي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي کيس پيسا ۽ داد ڏئي رهيا هئا. اتي مزي واري ڳالهه ته ننڍن ٻارن لاءِ سندن مائٽ ننڍيون گاڏيون ڪرائي تي وٺي کين هلائڻ لاءِ پيا ڏين جيڪو آءٌ سمجهان ٿو ٻارن لاءِ تمام گهڻو ايڪسائيٽمينٽ جو سبب هو، مون اتي پنهنجو ننڍ پڻ ياد ڪيو جڏهن اسان بيرنگن واريون گاڏيون هلائيندا هئاسين ۽ ان زماني ۾ اها وڏي تفريح هوندي هئي. انا ٻڌايو ته هتي جي پوليس مڪمل طور تي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي تمام گهڻا فرينڊلي هوندا آهن، مون کي اهو ڏيکارڻ لاءِ ڀرسان بيٺل هڪ پوليس جي ڪار وٽ وئي ۽ اتي ٻن نوجوان آفيسرن کي منهنجي باري ۾ ٻڌايائين ته هي منهنجو دوست آهي ۽ اسٽاڪهولم کان آيو آهي، اهي مون سان ڏاڍا گرم جوشي سان مليا ۽ هڪ دم ڦوٽو ڪڍائڻ لاءِ پوز ٺاهي بيهي رهيا، ۽ مون کي وچ ۾ بيهاريائون ۽ انهن مان هڪ پنهنجي ٽوپي لاهي مون کي پائڻ لاءِ ڏني ۽ منهنجي ٽوپي وري پاڻ پاتائين.
خرسچيٽڪ اسٽريٽ گهمڻ کان پوءِ اسان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ پنڌ ئي پنڌ گهمندا پي آياسين. هڪ ٻه چرچ به واٽ تي آيا. هتي گهڻائي آرٿوڊوڪس عيسائين جي آهي. مون هتي ماڻهن کي ڪارا جبا پهريل پادرين جا هٿ چمندي ۽ ٿورو جهڪي ڄڻ پيرين پئي ملندي پڻ ڏٺو. هڪ چرچ ۾ اندر وياسين ته وڃڻ کان پهريان انا پنهنجي پرس مان هڪ رئو ڪڍي مٿو ڍڪيو ۽ پوءِ اندر وئي، مردن کي وري جيڪڏهن ڪا ٽوپي پاتل آهي ته اها لاهڻي ٿي پئي ۽ مون پنهنجي ڪيپ لاهي رڪ سيڪ ۾ رکي ڇڏي. اندر ڪو خطبو پي هليو جيڪو ماڻهن خاموشي سان پي ٻڌو.اتي موجود ڪجهه سينٽس جون تصويرون فريمين ۾ بند ٿيل هيون جن کي ماڻهو چمي رهيا هئا، هرڪو چمڻ کان پوءِ ان فريم جي شيشي کي ٽشو پيپر سان صاف پيو ڪري.

ان کان پوءِ اسان اينڊريوسڪي جي علائقي ۾ آياسين جيڪو ڪيو جو پراڻو علائقو ۽ حڪومت جي طرفان ملڪ جي تاريخي ۽ قومي سڃاڻپ وارين جائين جي لسٽ ۾ اچي ٿو. هن ٽڪرين تي ٻڌل علائقي جون گهٽيون پٿر جي سرن سان اڏيل هيون. هر پاسي سياح پي نظر آيا. بار، ڪيفيٽيريا ، ريسٽورئنٽس ۽ سووينيئر جا دڪان به ڀريل پي نظر آيا. اينڊريوسڪي ۾ اڃا ٿورو اڳتي هلڻ کان پوءِ درياهه جي ڪناري سان هڪ گهٽي شروع ٿي جتي يوڪرين جي دستڪاري، هٿ جي هنر سان ٺهيل سامان جهڙوڪ ڪپڙا، ڪاٺ جو سامان، نقاشي يا پينٽنگز جا تمام گهڻا ننڍا ننڍا دڪان آيا، ۽ گهڻن دڪانن تي ته هنرمند اتي ئي اهو سامان پاڻ گراهڪن جي اڳيان ٺاهن پيا. اسان جو اتي سٺو وقت گذري ويو.
ان سان لاڳيتو وري هڪ پارڪ به شروع ٿي ويو جٿان درياهه جو کليل نظارو پي ٿيو، اسان به اتان درياهه بادشاه جو ديدار ڪيو، ڪافي جوڙا پارڪ ۾ پنهنجي پنهنجي ڌن ۾ مشغول هئا، ڪي پنهنجي ٻارن کي ريجهائڻ ته ڪي وري کائڻ ۽ پيئڻ ۾ مصروف ها. هن پارڪ ۾ ڦوڪڻن، پشم ۽ آئسڪريم جا ڪافي اسٽال به هئا، جتي ماڻهن جي ڪافي رش هئي، اسان به آئسڪريم جو مزو ورتو. اڃا اتي ئي هئاسين ته هلڪو هلڪو جهڙ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ٿورو ٿورو سيءُ به. اتي ئي ڀرسان وري هڪ پل هئي جتي ڪافي ماڻهو پنڌ گهمي ڦري رهيا هئا، ڪي ڳائڻا اتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا ها ۽ پيسا ڪمائي رهيا ها، اتي هڪ ڇهن ستن سالن جي ڇوڪريءَ ننڍو دهل پئي وڄايو، ان کي به ماڻهن پيسا پئي ڏنا. هن پل جي ڪجهه حصن ۾ وري شيشو لڳل هو جتي ماڻهو بيهي پنهنجي نروز کي پرکي رهيا ها، آءٌ به اتي ٿورو بيٺس پر مٿو پي ڦريو. هن پل تان به درياهه ۽ ڪيو جي شهر جو ڏاڍو سهڻو نظارو هو.
سرءَ جي مند هئڻ ڪري وڻن جا ساوا پن پيلا ٿي رهيا ها، لڳو پي ته هتي سيارو پنهنجي چادر جلد ڦهلائيندو. پل تان شهر جا نظارا ڪرڻ کان پوءِ اڳتي پنڌ ڪندا اچي هڪ ڌاتو سان ٺهيل وڏي محراب جنهن کي دي فرينڊشپ آف نيشنس مانيومينٽ چون، تي اچي پهتاسين. اهو يادگار روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ اتحاد جي نشاني طور ٺاهيو ويوهو، محراب جي هيٺان وري ڪجهه مجسما ٺهيل ها. هتي به هر پاسي ماڻهو هئا، ڪي اڪيلا ته ڪي جوڙين ۾ هئا، ڪي سرءَ جي پن ڇڙ جو مزو وٺي رهيا ها ته ڪي وري ڦوٽو ڪڍڻ ۾ مشغول ها. ڪافي ٻار وري ببل ڪڍڻ لاءِ صابڻ وارو پاڻي وڪڻڻ واري جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا ها.
هاڻي ڪافي شام ٿي چڪي هئي، بک به اچي ورايو هو سو اسان وري اتان خرسچيٽڪ اسٽريٽ جو رخ ڪيو، هڪ ڇنڇر جي شام، ٻيو وري اها ڪيو ۾ ، ۽ ٽيون وري مٿان خرسچيٽڪ اسٽريٽ، هڪ دفعو وري “هل ڇا ته حسن آ”، اڳتي سمجهڻ وارا پاڻ سمجهن. ڪافي بارس جي ٻاهران وڏيون ڇٽيون لڳل هيون ۽ ملازم ٻاهر ڪرسيون سيٽ ڪري رهيا ها، ۽ ڪافي ماڻهو اتي دنيا کان بي فڪرا ٿيو ويٺا به ها. انا مون کي اتي يوڪرين جي هڪ روايتي ريسٽورنٽ تي وٺي هلي. اسان اتي هڪ اهڙي سيٽ والاري جتان ٻاهر جو نظارو به ٿي سگهي، هاڻي هلڪو هلڪو مينهن به شروع ٿي چڪو هو. انا جي ڪوشش هئي ته مون کي يوڪرين جا ڪجهه خاص کاڌا کارائي. دري کان ٻاهر ڏٺم ته هڪ عورت جيڪا پهريان هڪ سڄي بينچ والاريو ويٺي هئي، اڌ تي پاڻ ويٺي ويـٺي هٿ جا ٽوپ، سئيٽر ۽ هنڊ گلووز اڻي رهي هئي ۽ بئي اڌ بينچ تي اڳ ۾ اڻيل سامان وڪري لاءِ موجود هو ، سا مينهن جي ڪري پنهنجو سامان ويڙهي رهي هئي. ان عورت کي ڏسي مونکي موري جون ڪجهه پورهيت مايون ياد اچي ويون جن پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان پنهنجن گهرن ۾ خوشحالي آندي. ٻي جنهن شي تي اک پئي اهو هو حقي ڇڪڻ جو دڪان، اڄ ڪلهه ان کي شيشو به چون، انا بڌايو ته هتي ڪافي ترڪش ماڻهو به آيا آهن جن هتي اچي ڪاروبار شروع ڪيا آهن ۽ شايد اهي شيشي وارا به ترڪي جا آهن.
رات جي ماني کائي اسان وري هڪ دفعو خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي گهمياسين ۽ ڪجهه دڪانن جو به هرو ڀرو چڪر ڏنوسين، ميلو صفا متل هو، پر چوندا آهن ته ميلو متو ڇڏجي، اتان هڪ ڏپارٽمينٽل اسٽور تان ڪجهه کائڻ پيئڻ جو سامان وٺي، انا کي چيم ته هاڻي آءُ هوٽل تي ويندس ۽ اسان اتي هڪ ٻئي کان موڪلايو، انا چيو ته باقي ڪجهه شيون رهيون آهن جيڪي سڀاڻي گهمنداسين ۽ صبح جو نوين ڌاري ڪيوِ جي سينٽرل اسٽيشن تي پهچي وڃجانء. آء اتان پوءِ هڪ دفعو وري زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۾ چڙهي اچي ڪيوِ جي سينٽرل اسٽيشن تي لٿس ۽ اتان وري پنڌ ئي پنڌ اريس هوٽلز تي پهتس. هوٽل جي رسيپشنسٽ مون ڏانهن معني خيز نظرن سان ڏٺو ۽ مشڪي چيائين ته ڇا تون وري هڪ دفعو ٻاهر ويندين ڇا؟ مون چيو مانس ته نه، آءٌ تمام گهڻو ٿڪل آهيان، تقريبن سڄو ڏينهن پنڌ گهميو آهيان. مون پڇيومانس ته تو اهوسوال ڪهڙي خيال کان ڪيو؟ چيائين ته ٻاهرين ملڪن جا سياح، جيڪي خاص ڪري ويڪ اينڊ تي ايندا آهن اهي ته سڄي رات ٻاهر نائيٽ ڪلبن ۾ گذاري پوءِ صبح جو سوير هوٽل تي موٽندا آهن. مون مشڪندي چيومانس ته جيڪڏهن هتي ڪيوِ ۾ رڳو نائيٽ ڪلبن لاءِ اچڻو هجي هانء ته پوء اهي ته اسان وٽ اسٽاڪهولم ۾ به تمام گهڻيون آهن ۽ مزي جي ڳالهه ته اهي اوڀر يورپ جي ملڪن کان وڌيڪ محفوظ آهن. کيس گڊ نائيٽ چئي اچي پنهنجي ڪمري تي گرم پاڻيء سان وهنجي، چانهه ٺاهي ڪمري جي بالڪوني ۾ اچي بيٺس، مينهن اڃا وسي پيو، ٿورو سيء محصوص ٿيو ته وري اندر ڪمري ۾ اچي ٽي وي هلائي ڏٺم ۽ ٽي وي هلندي ئي ننڊ اچي ورايو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ئي اک کلي وئي، مينهن اڃا وسيو پئي، بالڪوني ۾ وڃي ٿوري تازي هوا کائي، هٿ منهن ڌوئي، چانهه ٺاهي وري بيڊ تي اچي چانهه جو مزو ورتم ۽ گڏوگڏ منهنجي پياري دوست سائين پير حمادالله جو يورپ جو سفر نامو ” يورپ جا روشن ڏينهن ۽ روشن راتيون“ پڙهڻ شروع ڪيم. انهيء جي وچ ۾ نيرن به ڪيم ۽ هڪ ٻه دفعو ٻيو به چانهه ٺاهي پيتم. تقريبن اٺين ڌاري انا جو ميسيج آيو ته جيئن ته اڄ پاڻ کي ڪي گهڻيون شيون ناهن ڏسڻيون سو جيڪڏهن تون ڪجهه وڌيڪ وقت آرام ڪرڻ چاهين ته ڪر ۽ پاڻ نوين جي بجاء ساڍي ڏهين بجي ملون، مون چيو اها ته واه واه ٿي وئي. خيرننڊ ته ڪانه آئي وري پر ٿورو وڌيڪ آرام ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ڏهين بجي کان پوءِ آءٌ هوٽل کان نڪري پنڌ ئي پنڌ سينٽرل اسٽيشن ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. اڄ مون روڊ جو ٻيو پاسو ورتو، ڪجهه اڳتي هلڻ کان پوءِ ڏٺم ته اتي هڪ بسن جو اڏو نظر آيو، ملازمن مختلف شهرن ڏانهن وڃڻ جا هوڪا پڻ ڏنا پي. مون کي اتي حيدرآباد جا بس اڏا جيئن پٺاڻ ڪالوني، بڪرا منڊي، بدين اسٽاپ ۽ نئين پل ۽ سکر جا بس اڏا به ياد آيا.
آءٌ ساڍي ڏهين ڌاري ڪيوِ جي سينٽرل اسٽيشن تي پهچي ويس، انا اتي مون کان اڳ اچي وئي هئي. اڄ اسان جو پروگرام هو ته دنيا جي ٻيو نمبرزمين اندر 105 ميٽر يا ٽي سئو ڇائيتاليهه فوٽ گهري اسٽيشن ارسنلنا ڏسون. هي اسٽيشن 1960ع ۾ شروع ٿي ۽ ماڻهوکي ايسڪليٽرز تي بيهڻ کان پوءِ پورا پنج منٽ هيٺ يا ٻاهر وڃڻ لاءِ لڳن ٿا. مون پاڻ اتي محصوص ڪيو ته شايد هاڻي هنن ايسڪليٽرز تي بيهڻ کان پوءِ منزل ايندي ئي ڪانه. ارسنلنا اسٽيشن کان ٻاهر نڪري اسان پارڪ آف اٽرنل گلوري ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. هلڪو سيء، جهڙ، پن ڇڙ، هڪ پاسي گهاٽا وڻ ۽ ٻئي پاسي نيپرو درياهه ۽ درياهه جي ٻئي پاسي ڪيوِ جون تمام وڏيون عمارتون، ڪي فل پئي نظر آيون ته ڪي وري ڌنڌ ۽ جهڙ ۾ لڪل هيون. پارڪ آف اٽرنل گلوري ۾ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ريڊ آرمي جي اڻ ڄاتل سپاهين جي لاءِ يادگار ٽاور پڻ ٺهيل آهي ۽ ان ٽاور جي پاڙ ۾ هڪ نه وسامندڙ باهه هر وقت ٻرندي رهي ٿي. اسان جڏهن اتي پهتاسين ته هڪ ڇوڪرو ان باهه واري حصي ۾ ويٺو هو، انا سڌو وڃي پڇيس ته هتي ڇو ويٺو آهين؟ چيائين ائين ئي ويٺو آهيان، انا چيس هتي ويهڻ منع آهي، اتان اٿ نه ته مان پوليس کي ٿي ڪال ڪيان، ڇوڪرو منهن خراب ڪري ويندو رهيو. مون انا کي چيو ڇو اٿاريئيس؟متان سيءٌ ٿيندو هجيس ۽ باهه جي ڪري اچي ويٺو هجي، پر انا چيو ها ڀلي پر هتي ويهڻ منع آهي سو انڪري اٿاريو مانس.
اسان اتان کان پوءِ ڪجهه يادگار ڏسندا اڳتي وڌندا وياسين. ٽيهن لکن جي هن شهر ڪيوِ ۾ ڪافي تعداد ۾ مختلف يادگار ٺهيل آهن، رڳو انهن جي باري ۾ ويهي لکبو ته ان لاءِ هڪ الڳ ڪالم جي ضرورت پوندي. انا کي جيئن ته اڄ شام هڪ ٻئي شهر نوڪري جي سلسلي ۾ پنهنجي باس سان گڏ وڃڻو هو سو اسان اڄ ڪجهه سفر بس ۾ پڻ ڪرڻ جو سوچوسين ۽ اتان بس ۾ چڙهي، سينٽ مائيڪل جي خانقاهه جيڪو ڪيوِ جو هڪ وڏو ڪيٿيڊرل آهي ، سو گهمڻ آياسين، هتي اندر وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ هئي. آچر جو ڏينهن هو ۽ ماڻهو به تمام گهڻا ها، جتي مک تقريب هلي رهي هئي، اسان چيو ته ختم ٿئي ته اوڏانهن پوءِ ٿا گهمون. تيستائين اسان عمارت جي صفا مٿاهين حصي ۾ هليا وياسين جتان شهر، نيپرو درياهه ۽ مڌرلينڊ مانيومينٽ يا مادر وطن جي يادگار مجسمي جو نظارو پيو ٿئي، اتي ڪجهه شادي جون تقريبون به هيون، ڪي وڏا پادري ته ڪي وري شاگرد. انا ٻڌايو ته هي يوڪرين جو وڏي ۾ وڏو خانقاهه آهي جتي نه رڳو يوڪرين پر آسپاس جي ملڪن جا شاگرد پڙهائي ڪرڻ ۽ پادري ٿيڻ ايندا آهن. اتي ماڻهو هڪ هڪ ٿي پنهنجا ذاتي مسئلا انهن پادرين سان ونڊي رهيا هئا، ڪي روئي رهيا ها ته ڪي وري کلي رهيا ها، انا مون کي اتي انتظار وارين ڪرسين تي ويهاري پاڻ به هڪ پادري وٽ وئي ۽ ڪجهه دير کان پوءِ واپس آئي. اتي به مون ماڻهن کي ڪارا جبا پهريل پادرين جا عقيدت منجهان هٿ چمندي ۽ کين پيرين پوندي ڏٺو.

واپسي تي وري بس ۽ پوءِ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي جي ذريعي گولڊن گيٽ تي آياسين. اها گيٽ يارهين صدي ۾ ٺهي ۽ ڪيوِ جي اندر داخل ٿيڻ جو اهو ئي رستو هو، هاڻي اها وچ شهر ۾ اچي وئي آهي. اتي به ڪجهه يادگار مجسما ها، هڪ اڌ ماڻهن جا ۽ هڪ ٻليءَ جو. اتي آس پاس هڪ مراڪش جي ريسٽورينٽ تي ماني کائي، وري پنڌ ڪندا اچي هڪ دفعو ٻيهر خرسچيٽڪ اسٽريٽ تي پهتاسين. اتي آچر واري ڏينهن به سياحن لاءِ پوسٽ آفيس کليل هئي جتان مون ڪجهه پوسٽ ڪارڊ پوسٽ ڪيا. پوسٽ آفيس کان ٻاهر نڪتاسين ته لڳ ڀڳ شام جا چار ٿي چڪا ها. انا اتان مون کان موڪلايو. آءٌ ڪجهه دير اتي ئي گهمندو رهيس، هڪ دفعو وري دل ۾ آيو ”هل ڇا ته حسن آ“. اڃا اتي ئي گهميم پي ته پياري دوست اسد جهتيال جو ايڊليڊ آسٽريليا مان واٽس ايپ تي ميسيج آيو ته پيارن پرين ۽ سهڻن جو ملڪ ٿا گهمو، مون اسد ڀاءٌ کي رپلائي ڪيو ته يار واقعي هي ته ملڪ حقيقت ۾ سهڻين پرين جو آهي. نه رڳو ماڻهو پرآسپاس جي نيچر به تمام گهڻي خوبصورت آهي.
واپس هوٽل تي اچي ٿورو آرام ڪيم ۽ پوءِ پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ رات جو اٺين ڌاري سينٽرل اسٽيشن جي ڀرسان مئڪڊونلڊس تي ويس. ٻئي ڏينهن مون کي ڪيوِ ۾ رهندڙ منهنجي هڪ ٻي دوست اوڪسانا سان گڏ شهر کان ٻاهر اوپن ايئر ميوزم، هڪ ٻيو پارڪ ۽ چرچ ڏسڻ لاءِ وڃڻو هو. سو رات جي ماني کائي سوير ئي اچي سمهي رهيس ته جيئن صبح سوير اک وقت سان کلي. اوڪسانا جو گهر سينٽرل اسٽيشن کان رڳو ٻه اسٽيشنون پري هو، سو هن چئي ڇڏيو هو ته جيڏي مهل اٿين ۽ هلڻ جو پروگرام هجئي ته مون ڏي ميسيج ڪري ڇڏجان، تون اڃا هوٽل کان هتي سينٽرل اسٽيشن تائين نه پهچندين ته تو کان اڳ مان پهچي ويندس ۽ مون تنهنجي ڪري اڄ موڪل ڪئي آهي ته جيئن توکي گهمائي سگهان.
ٽئين ڏينهن صبح جو آءٌ مقرر وقت تي سينٽرل اسٽيشن پهچي ويس، اوڪسانا به وقت تي پهچي وئي، حال احوال ڪرڻ کان پوءِ اسان سينٽرل اسٽيشن جي ٻئي پاسي هڪ بس اسٽاپ تي آياسين جتان اسان کي بس جي ذريعي ڪيوِ شهر جي ڏکڻ ۾ پيروگوف جي ڳوٺ ۾ يوڪرين جو اوپن ايئر ميوزم آف فوڪ آرڪيٽيڪچر اينڊ لائيف آف يوڪرين ڏسڻ لاءِ وڃڻو هو. بسون لوڪل ۽ پراڻيون هيون، بس سان رڳو ڊرائيور ئي هو، بس ۾ چڙهڻ وقت سندس اڳيان رکيل ٽوڪريءَ ۾ هرڪو مسافر پيسا پيو رکي، گهڻي قدر سڪا. اسان کي ميوزم تائين پهچندي ڪلاڪ سوا لڳي ويو، ٽڪيٽ وٺي اندر وياسين. اسان جي پويان اسڪول جي ڪا بس به اچي پهتي ۽ کوڙ ٻار به لٿا، سندن اڄ اسٽڊي ٽوئر پي لڳو. کليل ميدان ۾ هڪ ٿورو ڪچو پڪو رستو ٿورو لاهين تي هيٺ پي ويو، پاڻ مرادو گاهه به ڦٽل هو، جيڪو سرء جي مند ڪري پيلو ٿي چڪو هو. وڻن ۾ اڃا گهڻائي ساون پنن جي هئي پر لڳو ته جلد اهي پنهنجو ويس مٽائيندا. 1969ع ۾ ،370 ايڪڙن تي اڏيل هن ميوزم ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪاٺ سان ٺهيل پن چڪيون به هيون جن جي ڪري ميوزم جي سونهن ۾ واڌارو پي ٿيو. ميوزم کي اندر يوڪرين جي مختلف سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو آهي جيڪي پنهنجن پنهنجن علائقن جي نمائندگي ۽ اتان جي رهڻي ڪهڻي جي ترجماني ڪن ٿا. ميوزم ۾ هڪ ڪاٺ جو 1742ع جو ٺهيل پراڻو گرجا گهر به هو. ميوزم ۾ هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ چاليهه هزار مختلف قسمن جا گهريلو، روايتي ۽ ثقافتي سامان ملندا جن ۾ پراڻي دور جي ڊزائين جا ڪپڙا، ڀرٿ، قالين، سيرامڪس جو سامان، ڌاتوئن ، ڪاٺ ۽ شيشي سان ٺهيل دستڪاريون، موسيقيءَ جو سامان، مختلف قسمن جون پينٽنگز ۽ ٻيو گهڻو گهريلو سامان اتي موجود هو،جيڪي ماڻهو خريد ڪري سگهي ٿو.
اتي ميوزم ۾ سڀ ڪم ڪرڻ وارا پنهنجي روايتي ڪپڙن ۾ ڪم ڪري رهيا ها. اسان اتي گهمندا اچي هڪ جگهه تي پهتاسين جتي اسان کي ڪجهه وقت لاءِ چيو ويو ته هتي ٿورو بيهو، ڇاڪاڻ ته اتي هڪ فلم جو سين رڪارڊ ٿي رهيو هو ۽ فلم جو وڏو عملو به لٿل هو. اتي ماڻهو پنهنجين اکين اڳيان لوهارن، ڪورين ۽ ڪنڀارن کي سندن ڪم ڪندي ڏسي سگهي ٿو۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته هڪ اڌ ڪو موسيقاراوهان جي اڳيان پنهنجي فن جو مظاهرو به ڪري. ميوزم ۾ پراڻي دور جا گهر، اسڪول وغيره جا نمونا ٺاهيا ويا آهن ۽ سڀني جون ڇتيون پاڻ وارن ڇپرن يا لانڍين وانگر هيون. ميوزم کان پوءِ اسان وري بس پڪڙي ڪيوِ جو فوفينيا پارڪ گهمڻ لاءِ وياسين، بس مان لهڻ کان پوءِ به تقريبن ڪو ڪلو ميٽر هلڻو پيو، پر جڏهن آءٌ اندر داخل ٿيس ته ٿڪ لهي ويا ۽ منهنجي منهن تي سرهاڻ ڇانئجي وئي. انتها درجي جو سهڻو پارڪ ۽ اتي موجود ڍنڍ عام ماڻهن جي تفريح ۽ سڪون لاءِ موجود. هتي به جوڙن، فئملين، ٻارن نيچر ۾ ويهي قدرت جي خلقيل شين جو مزو پي ورتو. پنڌ ڪرڻ جا به ڪافي ٽريڪ ٺهيل ها. هن پارڪ سان لڳو لڳ سينٽ پينٽيليمون نالي وڏي خانقاهه هئي جيڪا رڳو عورتن کي مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ مخصوص آهي.
مون کي نيچر تمام گهڻي پسند آهي، ۽ اڄوڪو سڄو ڏينهن تقريبن نيچر ۾ گذريو، مزو اچي ويو. ترقي ڪيل يا ڪندڙ معاشرن کي نيچر يا فطرت سان ويجهو هئڻ جي تمام گهڻي اهميت جي پڪ ٿي چڪي آهي، ان ڪري هو آس پاس جي نيچر جي تمام گهڻي حفاظت ڪن ٿا ۽ ڪيوِ کي 2017ع ۾ يورپ جو گرينيسٽ ڪيپيٽل به تسليم ڪيو ويو هو. نه چاهيندي به فوفينيا پارڪ مان نڪري اچي شهر وڃڻ واري بس ۾ ويٺاسين ۽ هاڻي اوڪسانا مون کي ڪيوِ جي نيشنل يونيورسٽي ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلي، هن يونيورسٽي ۾ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي پڻ داخلا ڏني وڃي ٿي پراوڪسانا ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪن جي شاگردن ۾ وڌيڪ ڪيو جي انٽرنيشنل يونيورسٽي مشهورآهي. اتي ٿورو چڪر ڏئي پوءِ اسان اچي ٿوري پيٽ جي پوڄا ڪئي ۽ هڪ ڪيفيٽيريا ۾ اچي ڪچهري ڪئي، مينهن به شروع ٿي ويو هيو ۽ ذري گهٽ سج لهڻ وارو هو، پوءِ اتان پنڌ ئي پنڌ هڪ شهر جي وچ ۾ موجود پارڪ مان ٿيندا اچي مون واري هوٽل جي ٻاهران پهتاسين. مون اتي اوڪسانا کان موڪلايو ۽ سندس وقت ۽ ڪمپني جا ٿورا مڃيا ۽ هوٽل جي ڪمري تي اچي صبح لاءِ سامان پيڪ ڪيو، ٻئي ڏينهن صبح سوير منهنجي اسٽاڪهولم لاءِ واپسي هئي.





Ukraine and Ukrainian are beautiful 😍 people.I found common quality between Sindhi Ukrainian culture.Hospitality is Hallmark .If you look at Ukrainian cultural dress you will find design similar to Sindhi design of por work like ajrak…..Our academia must focus on cultural communication.If you focus on Bukhara Isfahan and Bhit shah tiles design you will find common designs I asked a friend to research on designs Bhit Shah to Bukhara….Shah Lateef sarkar has also mentioned about these areas in his worthy poetry.Good one
Thanks for the comment. I’m glad you like it. And yes, they are nice people, for sure, and hospitable. Their traditional clothes are similar to those of Sindh.