Editor's pickMain Slideماحول

مصر  وانگر سنڌ ۾ واھن جي ڪپن تي وڻڪاري پاڻيءَ جو زيان ۽ گرمي روڪي سگھي ٿي   

واهن جي ٻنهي ڪنارن تي قطارن ۾ وڻ پوکڻ سان، انهن جي گھاٽي ڇانوَ پاڻيءَ جي مٿان هڪ ڇت وانگر ڪم ڪندي آهي. هيءَ ڇانوَ سج جي تيز شعاعن کي سڌو پاڻيءَ تائين پهچڻ کان روڪي ٿي، جنهن سان پاڻي ٻاڦ ٿي زيان ٿيڻ کان بچي وڃي ٿو. وڻن جي ڪري واهن جي آس پاس جو  گرمي پد  ڪجهه ڊگريون گهٽ رهي ٿو، جيڪو پاڻي جي طبعي بچاءُ لاءِ انتهائي فائديمند آهي.

نصير اعجاز

مصر، جيڪو بنيادي طور تي هڪ صحرائي ملڪ آهي ۽ جتي پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي، اتي وڻ پوکڻ جو ڪم هڪ معجزي کان گهٽ ناهي. مصر هن وقت موسمياتي تبديلين ۽ وڌندڙ گرمي پد سان مقابلي لاءِ وڏا ۽ منفرد ماحولياتي منصوبا شروع ڪيا آهن، جن ۾ ھڪ منصوبو پاڪستان وانگر ھڪ سئو مِلين يعني ڏھ ڪروڙ وڻ پوکڻ وارو صدارتي منصوبو شامل آھي. مصر جي حڪومت ملڪ ۾ گرين ايريا (سائي پٽي) کي وڌائڻ لاءِ هڪ وڏي صدارتي رٿا شروع ڪئي آهي، جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ 10 ڪروڙ وڻ پوکڻ آهي.

مئي 2026 جي رپورٽن مطابق، هن رٿا جو چوٿون مرحلو ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ملڪ جي مختلف گورنريٽس (جهڙوڪ فيوم، قنا، اسڪندريه، سويس ۽ بحرِ احمر) ۽ قاهره جي رِنگ روڊ جي ٻنهي پاسن تي 2 لکن کان وڌيڪ نوان وڻ پوکيا ويا آهن. هن رٿا جو بنيادي مقصد شهرن جي فضائي معيار کي بهتر بڻائڻ، گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ، ۽ شهري خوبصورتي کي وڌائڻ آهي.

مصر وٽ وڻ پوکڻ لاءِ مٺو پاڻي ناهي، ان ڪري انهن هڪ ڏاهپ ڀريل طريقو اختيار ڪيو آهي. مصر گذريل ڪجهه سالن کان هڪ قومي پروگرام تحت صاف ڪيل گندي پاڻي (Treated Sewage Water) جي مدد سان صحرا کي ٻيلن ۾ تبديل ڪري رهيو آهي.

انھيءَ کانسواءِ جرمن-مصري سائنسي تعاون جي ھڪ رٿا بہ ھلي رھي آھي. جرمني جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف ميونخ (TUM) ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان ڊيزرٽ ٽمبر جھڙي رٿا بہ هلي رهي  آھي. انھيءَ رٿا ھيٺ يِڻ واري زمين تي اهڙا وڻ پوکيا پيا وڃن جيڪي تيزيءَ سان وڌن ٿا ۽ جن جي ڪاٺي قيمتي آهي. اهي وڻ نيل نديءَ جو مٺو پاڻي استعمال نٿا ڪن، پر گندي پاڻيءَ کي فلٽر ڪري رِڻ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنھن سان مٽيءَ جي پيداواري صلاحيت وڌي ٿي ۽ رڻ پَٽ کي وڌڻ (Desertification) کان روڪي سگهجي ٿو.

ھڪ ٻي رٿا مصر جي ساحلي پٽي، خاص ڪري بحرِ احمر (Red Sea) واري علائقي ۾ آھي جنھن ھيٺ  تمر جي ٻيلن (Mangroves) کي بچائڻ ۽ نوان وڻ پوکڻ لاءِ MERS (Mangrove Ecosystem Restoration Solution) منصوبو تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي.   هيءَ رٿا، جنهن ۾  قاھرا جي آمريڪن يونيورسٽي  پڻ شامل آهي، ان تحت صفاجا (Safaga) ۽ حماطه (Hamata) جي ساحلن تي هزارين نوان ٻوٽا پوکيا ويا آهن.   تمر جا وڻ عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ تيزيءَ سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندا آهن.

هن رٿا تحت تمر جي ٻيلن ۾ ماکيءَ جون مکيون پالڻ جا فارم  قائم ڪيا ويا آهن، جنهن سان مقامي ماڻهن کي تمرجي گلن مان اعليٰ معيار جي ماکي حاصل ٿئي ٿي ۽ سندن معيشت بهتر ٿي رهي آهي. 

مصر دنيا جو اهو پهريون ملڪ بڻجي رهيو آهي جيڪو پنهنجي محدود زرعي زمين کي کاڌ خوراڪ لاءِ مخصوص رکندي، ٻيلن جي واڌاري لاءِ پنهنجي وسيع رِڻ ۽ ريسائيڪل ٿيل پاڻيءَ جو 100 سيڪڙو ڪامياب استعمال ڪري رهيو آهي.

مصر جي ھڪ اڃان وڌيڪ ماحولياتي ۽ زرعي رٿا جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جنھن تي پاڻي بچائڻ لاءِ عمل ڪيو پيو وڃي. اھا رٿا آھي مصر ۾ ڪئنالن جي ڪنارن تي وڻڪاري، جيڪو سچ تہ پاڻي ۽ ماحول کي بچائڻ جو هڪ شاندار منصوبو آھي. مصر هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ۽ زراعت جو دارومدار صرف هڪڙي ئي درياھ يعني نيل  نديءَ تي آهي. موسمياتي تبديلين ۽ عالمي پد وڌڻ سبب، مصر ۾ ھن وقت پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾، مصر جي حڪومت ۽ ماحولياتي ماهرن پاڻيءَ جي زيان کي روڪڻ لاءِ واهن جي ڪنارن تي وڻ پوکڻ جو هڪ وڏو ۽ سائنسي منصوبو شروع ڪيو آهي.

واهن جي ڪنارن تي وڻ پوکڻ جو بنيادي مقصد ٻاڦ (Evaporation) کي روڪڻ آھي. مصر ۾ اونهاري جي موسم ۾ گرمي پد تمام گهڻو وڌي ويندو آهي. جڏهن تيز ۽ گرم اُس واهن جي کليل پاڻيءَ تي پوي ٿي، ته لکين گيلن پاڻي ٻاڦ  بڻجي هوا ۾ اڏامي ويندو آهي، جنهن کي سائنسي ٻوليءَ ۾ Evaporation Loss چئبو آهي. واهن جي ٻنهي ڪنارن تي قطارن ۾ وڻ پوکڻ سان، انهن جي گھاٽي ڇانوَ پاڻيءَ جي مٿان هڪ ڇت وانگر ڪم ڪندي آهي. هيءَ ڇانوَ سج جي تيز شعاعن کي سڌو پاڻيءَ تائين پهچڻ کان روڪي ٿي، جنهن سان پاڻي ٻاڦ ٿي زيان ٿيڻ کان بچي وڃي ٿو. وڻن جي ڪري واهن جي آس پاس جو  گرمي پد  ڪجهه ڊگريون گهٽ رهي ٿو، جيڪو پاڻي جي طبعي بچاءُ لاءِ انتهائي فائديمند آهي.

مصر هن وقت هڪ ٻي تمام وڏي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن کي “ڪئنالن جي استرڪاري” (National Project for Canal Rehabilitation/Lining) چيو ويندو آهي. ان تحت مٽيءَ جي ڪچن واهن کي سيمينٽ ۽ ڪنڪريٽ سان پڪو ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڻي زمين جي اندر جذب ٿي ضايع نه ٿئي. اھا ڳالھ پڙھندي توھان کي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ھلندڙ ساڳي قسم جي رٿا ضرور ياد ايندي، جنھن تي اربين رُپيا خرچ ٿي چڪا آھن پر اڄ تائين سواءِ ڪجھ ھنڌن تي ڏيکاءَ جي لاءِ، باقي ڪو عمل ڪونہ ٿيو آھي. يعني سنڌ جي اھا عظيم رٿا ڪرپشن جي وَر چڙھيل آھي. بھرحال، مصر جي حڪومت هن رٿا کي وڻڪاريءَ سان جوڙي ڇڏيو آهي، ڇو تہ پڪن ڪيل واهن جي ڪنارن تي وڻ پوکڻ سان، وڻن جون پاڙون مٽيءَ کي مضبوطيءَ سان جهلي رکن ٿيون جنھن سان ڪئنالن جا ڪناراٽٽڻ يا مٽي وِهڻ جو خطرو ختم ٿي وڃي ٿو. صحرائي ملڪ هجڻ ڪري، اهي واهه هاڻي سڄي مصر ۾ هاريءَ جي گهر کان وٺي وڏن ٻيلن تائين سائي پٽي جو منظر پيش ڪن ٿا.

واهن جي ڪنارن تي هر ڪو وڻ نٿو پوکي سگهجي. ماهر اهڙا وڻ چونڊيندا آهن جيڪي گهٽ پاڻيءَ تي گذارو ڪن، پر سندن ڇانوَ وڏي هجي. مثال طور تُوت ۽ نِم جا   وڻ جيڪي تيزيءَ سان وڌن ٿا، گهڻي ڇانوَ ڏين ٿا ۽ ماحول کي صاف رکن ٿا. انھيءَ کانسواءِ ڪيزورين (Casuarina) ۽ سفيدي (Eucalyptus)  جا وڻ تيز هوائن کي روڪڻ لاءِ ڪنارن تي پوکيا ويندا آهن ته جيئن صحرا جي مٽي اڏامي واهن ۾ نہ پوي. ڪجهه علائقن ۾ زيتون ۽ کجور جا وڻ به پوکيا پيا وڃن ته جيئن پاڻي جي بچاءَ سان گڏ مقامي ماڻهن کي معاشي فائدو به ملي.

جنهن طريقي سان مصر جي حڪومت پنهنجي ڪئنالن جي پاڻيءَ کي ٻاڦ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ وڻ پوکي رهي آهي، اهو طريقو اسان جي سنڌ لاءِ به هڪ وڏو مثال آهي. سنڌ ۾ به اونهاري ۾ سخت گرمي پوي ٿي ۽ سنڌو درياھ جي واهن جهڙوڪ روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال وغيره مان پڻ لکين گيلن پاڻي روزانو ٻاڦ بڻجي ضايع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اسان به مصر وانگر پنهنجي واهن جي ڪنارن تي ٻيرين، ٻٻرن، نِم ۽ توت جي وڻڪاري ڪريون، ته پاڻيءَ جي کوٽ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. حقيقت ھيءَ آھي تہ سنڌ ۾ واھن جي ڪپن تي وڻ پوکڻ ڪا نئين ڳالھ ڪانہ ٿيندي. سنڌ ۾ اڳي واھن جي ڪپن تي وڻ پوکيل ھوندا ھئا، جيڪي افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ پنھنجن ئي بدعنوان ماڻھن جي ڪري ختم ٿي ويا. ھاڻ انھن کي بس بحال ڪرڻو آھي.

______________  

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button