سنڌ: ساڙيل ٽرانسفارمرن، ناڪام ادارن ۽ عوامي اذيتن جي ڪهاڻي
بجلي بند ھجڻ صرف گرميءَ جو مسئلو ناهي پر اهو صحت، تعليم ۽ معيشت تي به سڌو اثر وجهي ٿو. شاگرد پڙهائي نٿا ڪري سگهن، ڪاروبار بند ٿي وڃن ٿا ۽ اسپتالن ۾ به مسئلا پيدا ٿين ٿا. ھن قسم جي صورتحال پيدا ڪري عوام جي صبر جو بار بار امتحان ورتو پيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا هن مسئلي کي سنجيدگيءَ سان وٺن. ٽرانسفارمرن جي باقاعده سار سنڀال، غير قانوني ڪنيڪشنز ۽ ڪُنڊا سسٽم خلاف ڪارروائي ۽ بدعنوان ملازمن کان پڇاڻي ڪن.

سڪندرگلاب سومرو
اڄ جڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نظر وجهون ٿا ته هڪ مختلف تصوير سامهون اچي ٿي. هڪ اهڙي سنڌ جتي معصوم ٻارن کي گم، جنسي زياديتن جو شڪار ۽ بعد ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو. جتي بي وس ۽ لاچار نوجوان نياڻيون تعليمي ادارن ۾ پڙھندي جنسي ھراسانين کي منھن ڏئي رھيون آھن ۽ ڪُوڙي غيرت جي باھ ۾ ڪاريون ڪري ماريون وڃن ٿيون. جتي جا نوجوان نشي جھڙي خطرناڪ عادت جي ور چڙھي پنھنجيون جوانيون ۽ زندگيون وڃائي رھيا آھن. جتي امن و امان نالي ڪا شئي نظر نٿي اچي۽ جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ ڪو نئون لقاءُ ڪونھ آھي ۽ جنھن عام ماڻهوءَ جي روزمره واري زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي.
خاص طور تي اونھاري جي سخت گرمين وارن ڏينھن ۾، بجلي جي بي رحم اک ٻوٽ تہ معمول آھي پر ھر روز ٽرانسفارمرن جي سڙڻ ۽ ساڙڻ واري مسئلي عوام کي ذهني ۽ جسماني طور بيزار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ادارا، ڀلي اهي صوبائي هجن يا وفاقي، ڪارڪردگي جي لحاظ کان ڪا سٺي ساک نٿا رکن ۽ سخت تنقيدن هيٺ آهن. بدعنواني، نااهلي ۽ بي حسي هنن ادارن جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، مقامي حڪومتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا: سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ناڪاميءَ جا وڏا مثال بڻيل آهن. ميرپور خاص تعليمي بورڊ جو تازو اسڪينڊل جتي ڪنٽرولر آف ايگزيمنشنز پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته ڪرپشن جي رقم مٿي تائين وڃي ٿي. ھي رڳو هڪ مثال آهي. اهڙيون ڪهاڻيون روزانو اخبارن ۽ ميڊيا جي زينت بڻجنديون رھن ٿيون ۽ وقت جي حڪومتن کان بہ ڳجھيون ڪونہ آھن. پر انهن بي حساب خرابين جي باوجود ۽، اڻ کٽ خوارين تي ڪنھن به قسم جا موثر يا سنجيدا قدم کڄندي نظر نٿا اچن. ساڳي طرح سان صحت جي شعبي ۾، مريضن سان ٿيندڙ ناانصافيون، ٽرانسپورٽ مافيا جون من مستيون ۽ مقامي حڪومتن جي بي ڌياني، سڀني گڏجي عوام کي مايوسيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي.
پاڻيءَ جهڙي بنيادي ضرورت به گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان هاڻي ماڻهن لاءِ خريد ڪرڻ وارو وکر بڻجي وئي آهي. امن امان جي صورتحال به اطمينان بخش ناهي. سنگرار جي پريا ڪماري ۽ ميهڙ جي اجالا جهڙا واقعا وڏا مثال آهن. معصوم ٻارڙين جو بازياب نہ ٿيڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاپرواھيءَ کي وائکو ڪري ٿو. پريا ڪماري چئن سالن کان گم آھي ۽ اجالا کي 20 ڏينھن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آھي.
جڏهن ڳالهه بجلي جي مسلسل فراھمي ۽ ٽرانسفارمرن جي صحت جي اچي ٿي ته صورتحال اڃان بہ وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿي. خاص طور تي سخت گرمين جي موسم ۾. جڏهن گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان به مٿي وڃي ٿو. ان صورتحال ۾، بجلي جي اهميت زندگي ۽ موت جھڙي محسوس ٿئي ٿي. ٽرانسفارمرن جو سڙڻ، ڦاٽڻ يا غير فعال ٿي وڃڻ عوام کي مڪمل طور تي اونداھين، گرمين ۽ تڪليفن جي رحم و ڪرم تي بي يارو مددگار ڇڏڻ ھاڻي عام معمول بڻيل آھي. هڪ رهائشي ٽرانسفارمر عام طور 15 کان 167 ڪلو وولٽ ايمپيئر (ڪوا) تائين لوڊ برداشت ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته 25، 50 ۽ 75 ڪوا وارا ٽرانسفارمر عام استعمال ۾ بہ آهن. جڏهن انهن تي غير قانوني ڪُنڍا، اضافي لوڊ ۽ بجلي تقسيم ڪار ڪمپنين جي ملازمن ۽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان غير قانوني ڪنيڪشنز وڌايا وڃن ٿا ته اهي پنهنجي گنجائش کان وڌيڪ لوڊ برداشت نٿا ڪري سگهن. نتيجي ۾، ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا، ڌماڪي سان ڦاٽي پون ٿا يا غير فعال ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ نہ کٽندڙ تڪليفن جون ڪھاڻيون ڪر کڻن ٿيون ڇاڪاڻ جو گھٽ ۾ گھٽ ويھ ايڪھ ڏينھن ۽ وڌ ۾ وڌ پورو ھڪ مھينو عوام بجلي کان محروم ٿي راتين ۾ اللھ…. اللھ… الا ڪندو رھي ٿو تہ ڏينھن جو بجلي وارن کي سھڻن گفتن ۾ ياد ڪندو رھي ٿو. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ھي ھاڻي عام ڪهاڻيون بڻجي ويون آھن. ڪچين آبادين ۾ غير قانوني ڪُنڊن جو ڄار ۽ ان سان گڏوگڏ بجلي ڪمپنين جي ملازمن جي لوڀ، هن مسئلي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ملازم رشوت وٺي غير قانوني ڪنيڪشنز ڏين ٿا جنهن سان نه صرف سسٽم تي بار وڌي ٿو پر ايماندار واھپيدار تمام گھڻو متاثر ٿين ٿا ڇاڪاڻ جو نہ ڪجھ اھي ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري سندن ڪو دانھن ڪوڪ ٻڌي ٿو. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال ھي آهي ته جڏهن ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا، ته انهن جي مرمت لاءِ سرڪاري سطح تي ڪوبه تڪڙو قدم نٿو کنيو وڃي. متاثر علائقن جي عوام کان چندو گڏ ڪري ٽرانسفارمرن جي نالي ماتر مرمت ڪرائي وڃي ٿي ۽ ٺيڪ ڏھ پندرنھن ڏينھن بعد ساڳيا ٽرانسافارمر ٻيھر ڦاٽي پون ٿا ۽ عوام ٻيھر مصيبتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ھي عمل بجلي تقسيم ڪار ڪمپنين جي ناڪامين جو کليل ثبوت آهي.
عوام جيڪو اڳ ۾ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي بار هيٺ دٻيل ۽ ھيسيل آهي هاڻي ٽرانسفارمرن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بہ چندا ڏيڻ تي ۽ پاڻ ئي انتظام ڪرڻ تي مجبور انھيءَ ڪري آهي جو ھو ملازمن جي بليڪ ميلنگ جو ڏنگيل آھي. منهنجي پنهنجي شهر خيرپوناٿن شاھ جو مثال وٺجي جتي رپورٽن موجب ھن وقت تائين پنج ٽرانسفارمر سڙي ويا آهن ۽ ماڻهو ويهن ڏينهن کان بجلي کان محروم آهن. سوچڻ جي ڳالهه ھي آهي ته اهڙي گرمي ۾، جتي پکا، پاڻيءَ جا موٽر، ۽ ٻيون ضروري مشينون بجليءَ تي هلن چلن ٿيون، اتي زندگي ڪيڏي نه مشڪل ٿي پوي ٿي ۽ ٻار، پوڙها ۽ بيمار ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. ڪيترائي سال اڳ پاڙي جي ھڪ گھر جي ھڪ بيمار عورت زندگي جي جنگ انھيءَ ڪري ھارائي ڇاڪاڻ جو بجلي جي گمشدگي جي ڪري ھوءِ گرميءَ جي سٽ سھڻ جي قابل نہ رھي ھئي. بجلي جي کوٽ صرف گرميءَ جو مسئلو ناهي پر، اهو صحت، تعليم ۽ معيشت تي به سڌو اثر وجهي ٿو. شاگرد پڙهائي نٿا ڪري سگهن، ڪاروبار بند ٿي وڃن ٿا ۽ اسپتالن ۾ به مسئلا پيدا ٿين ٿا. ھن قسم جي صورتحال پيدا ڪري عوام جي صبر جو بار بار امتحان ورتو پيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا هن مسئلي کي سنجيدگيءَ سان وٺن. ٽرانسفارمرن جي باقاعده سار سنڀال، غير قانوني ڪنيڪشنز ۽ ڪُنڊا سسٽم خلاف ڪارروائي ۽ بدعنوان ملازمن کان پڇاڻو ڪن. انھيءَ کانسواءِ هن مسئلي جو حل ممڪن ئي ناهي. ان سان گڏوگڏ، عوام ۾ به شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته هو غير قانوني طريقن کان پاسو ڪن. سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي رڳو واعدن جي ضرورت ناهي پر، عملي قدمن جي بہ ضرورت آهي. جيڪڏهن وقت سر هن مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ھي بحران جيڪو بجلي ملازمن ۽ آفيسرن جي لاءِ ھڪ مفيد ڪاروبار بڻيل آھي، وڌيڪ سنگين ٿي ويو تہ عام ماڻھو قانون کي ھٿن ۾ کڻي سگھي ٿو. سانوڻ جي مند جيڪا خوشين ۽ وسڪارن جي علامت هوندي آهي اڄ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ساڙيل ٽرانسفارمرن ۽ اونداهي راتين جي ڪهاڻي بڻجي وئي آهي. ھي چوڻ غلط نه ٿيندو ته، جڏهن ادارا پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا ته عوام جي زندگي مستقل مصيبتن جي ور چڙھي وڃي ٿي. سنڌ کي ٻيهر روشني، سڪون ۽ ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ايمانداري، شفافيت ۽ ذميواريءَ جي سخت ضرورت آهي پر: ايمانداري، شفافيت ۽ ذميواري کي ڪير نڀائڻ جي لاءِ تيار نظر نٿو اچي.
__________________
سڪندر گلاب سومرو فري لانس ليکڪ آھي



