ڪوڊن جي دنيا ۾ قيد انسان يا گھمندڙ ڦرندڙ پاسِوَرڊ مئنيجر!
اڄ جي جديد دنيا ۾ لڳي ٿو ته انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم حصو سندس نالو يا منهن مهانڊو نه رهيو آهي، پر سندس ڪوڊ بڻجي ويو آهي. اسان ڄڻ انگن اکرن جي اهڙي جهنگ ۾ رهڻ لڳا آهيون، جتي هر در، هر مشين، هر نظام ۽ هر سهولت اسان کان هڪ نئون ڪوڊ طلب ڪري ٿي. جيڪڏهن پاڻ ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ رهندا آهيو ته شايد صبح جو هنڌ مان اٿڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين درجنين ڪوڊ استعمال ڪندا آهيون، پر مزي واري ڳالهه اها آهي ته انهن مان ڪيترن جو پاڻ کي احساس به نه ٿيندو آهي. صبح جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ دروازي جي چاٻي يا ڪوڊ، پوءِ گيراج جو ڪوڊ يا اليڪٽرونڪ چاٻي، ڪار هجي ته شايد ڊجيٽل چاٻي. آفيس پهچو ته عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻيو ڪوڊ يا اليڪٽرانڪ ڪارڊ. لفٽ هلائڻ لاءِ هڪ ٻيو ڪوڊ. آفيس جي دروازي لاءِ الڳ ڪوڊ. ڪمپيوٽر کولڻ لاءِ پاسورڊ. ڪمپنيءَ جي نيٽورڪ ۾ لاگ اِن ٿيڻ لاءِ ٻيو پاسورڊ. اي ميل لاءِ الڳ، ڪم واري سسٽم لاءِ الڳ، بئنڪ اڪائونٽ لاءِ الڳ، موبائل بئنڪ آءِ ڊي لاءِ الڳ، سڃاڻپ جي تصديق لاءِ وري هڪ نئون ڪوڊ.

سُئيڊن مان عبدالله عثمان مورائي لکي ٿو
ڪو زمانو هو، جڏهن ماڻهو صبح جو گهر مان نڪرندو هو ته کيس رڳو گهر جي چاٻي کڻڻ جي ڳڻتي هوندي هئي. جيڪڏهن اها چاٻي کيس کيسي ۾ محسوس ٿيندي هئي ته هو پاڻ کي مڪمل طور تي تيار سمجهندو هو. نه کيس ڪنهن ڳجهن انگن جي قطار ياد رکڻي پوندي هئي، نه ڪنهن ايپ ۾ لاگ اِن ٿيڻ جي ضرورت هوندي هئي ۽ نه ئي هر ڏهن قدمن تي ڪنهن مشين کي پنهنجي سڃاڻپ ثابت ڪرڻي پوندي هئي. پر هاڻي دنيا بدلجي چڪي آهي.
اڄ جي جديد دنيا ۾ لڳي ٿو ته انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم حصو سندس نالو يا منهن مهانڊو نه رهيو آهي، پر سندس ڪوڊ بڻجي ويو آهي. اسان ڄڻ انگن اکرن جي اهڙي جهنگ ۾ رهڻ لڳا آهيون، جتي هر در، هر مشين، هر نظام ۽ هر سهولت اسان کان هڪ نئون ڪوڊ طلب ڪري ٿي.
جيڪڏهن پاڻ ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ رهندا آهيو ته شايد صبح جو هنڌ مان اٿڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين درجنين ڪوڊ استعمال ڪندا آهيون، پر مزي واري ڳالهه اها آهي ته انهن مان ڪيترن جو پاڻ کي احساس به نه ٿيندو آهي.
صبح جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ دروازي جي چاٻي يا ڪوڊ، پوءِ گيراج جو ڪوڊ يا اليڪٽرونڪ چاٻي، ڪار هجي ته شايد ڊجيٽل چاٻي. آفيس پهچو ته عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻيو ڪوڊ يا اليڪٽرانڪ ڪارڊ. لفٽ هلائڻ لاءِ هڪ ٻيو ڪوڊ. آفيس جي دروازي لاءِ الڳ ڪوڊ. ڪمپيوٽر کولڻ لاءِ پاسورڊ. ڪمپنيءَ جي نيٽورڪ ۾ لاگ اِن ٿيڻ لاءِ ٻيو پاسورڊ. اي ميل لاءِ الڳ، ڪم واري سسٽم لاءِ الڳ، بئنڪ اڪائونٽ لاءِ الڳ، موبائل بئنڪ آءِ ڊي لاءِ الڳ، سڃاڻپ جي تصديق لاءِ وري هڪ نئون ڪوڊ.
اهڙي صورتحال ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته انسان هلندڙ ڦرندڙ “پاسورڊ مينيجر” بڻجي ويو آهي. پر زندگيءَ جا سڀ کان دلچسپ منظر تڏهن پيدا ٿيندا آهن، جڏهن دماغ ٿڪجي پوندو آهي ۽ ڪوڊ پاڻ ۾ مٽجي ويندا آهن. تصور ڪريو، پاڻ آفيس پهچي لفٽ اڳيان بيٺا آهيون، اعتماد سان چار انگ دٻايون ٿا، پر لفٽ خاموش بيٺي رهي ٿي. وري ڪوشش ڪئي، وري ناڪامي. ڪجهه دير کان پوءِ اوچتو ياد آيو ته لفٽ ۾ پنهنجي بئنڪ ڪارڊ جو پِن ڪوڊ داخل ڪري رهيا آهيون!
ڪڏهن گهر جي عمارت جي دروازي تي آفيس جو ڪوڊ آزمائيندا آهيون، ته ڪڏهن آفيس جي دروازي تي گهر جو ڪوڊ. ڪي ماڻهو ته ايترا مشيني ٿي ويندا آهن، جو گهر جي لفٽ ۾ پنهنجي ٽرانسپورٽ ڪارڊ کي اسڪين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، يا آفيس جي ڪافي مشين اڳيان بئنڪ ڪارڊ ڪڍي بيهندا آهن. وري جڏهن گهر پهچن ٿا ته کيسي مان آفيس جو ڪارڊ ڪڍي گهر جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڄڻ سندن گهر به ڪمپني جي ملڪيت هجي!
ڪڏهن ڪڏهن ته موبائل فون کولڻ لاءِ به بئنڪ ڪارڊ جو پِن داخل ڪرڻ لڳندا آهيون، ايستائين جو پوءِ فون خبردار ڪندي آهي ته “آخري ڪوشش بچي آهي.” ان مهل انسان کي پنهنجو حافظو به شڪ ۾ لڳڻ لڳندو آهي.
اسان جي پراڻن بزرگن کي شايد ياد هوندو ته کين رڳو ٻه شيون ياد رکڻيون پونديون هيون، هڪ گهر جو رستو ۽ ٻي گهر جي چاٻي. اڄ جي انسان کي لڳي ٿو ته پنهنجي سالگرهه کان وڌيڪ پاسورڊ ياد آهن. هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هي سڀ تڪليفون آهن؟ شايد نه.

حقيقت ۾ اهي سڀ ڪوڊ اسان جي حفاظت لاءِ آهن. اهي اسان جي دولت، ذاتي معلومات، آفيسن، گهرن، ڪمپنين ۽ سڃاڻپ کي محفوظ رکڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو بنا ڪنهن سڃاڻپ جي هر هنڌ داخل ٿي سگهي ته دنيا شايد تمام خطرناڪ ٿي وڃي. يعني اسان جي روزاني تڪليف، دراصل اسان جي سلامتيءَ جي قيمت آهي. پر انسان جي فطرت به عجيب آهي. جيڪا شيءِ حفاظت ڏئي ٿي، ساڳي ڪڏهن ڪڏهن مزاح جو سبب پڻ بڻجي ٿي.
اڄڪلهه جيڪڏهن ڪو دوست چوي ته “يار، مون کي پنهنجو ڪوڊ ياد نه پيو اچي”، ته پهرين اهو معلوم ڪرڻو پوي ٿو ته هو ڪهڙي ڪوڊ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟ بئنڪ جو؟ فون جو؟ آفيس جو؟ لفٽ جو؟ گيراج جو؟ ڪمپيوٽر جو؟ يا واءِ فاءِ جو؟
ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو آهي ته مستقبل ۾ شاديءَ کان اڳ ماڻهو هڪ ٻئي کان اهو به پڇندا ته “تنهنجا ڪُل ڪيترا پاسورڊ آهن؟” ٽيڪنالاجيءَ جي رفتار ڏسي لڳي ٿو ته ايندڙ ويهن يا ٽيهن سالن ۾ شايد هي سڀ انگ به ختم ٿي وڃن. ممڪن آهي ته انسان جي جسم ۾ هڪ ننڍڙي مائڪروچِپ لڳائي وڃي، جيڪا سندس سڃاڻپ، بئنڪ، آفيس، گهر، گاڏي، اسپتال، سفر ۽ ٻين سڀني خدمتن لاءِ هڪ ئي وقت ڪم ڪري. شايد، متان اها اڳ ۾ ايجاد ٿي چڪي هجي. ان جي هجڻ سان شايد رڳو دروازي وٽ بيهڻ سان در کلي وڃي. شايد لفٽ پاڻ سمجهي وڃي ته توهان کي ڪهڙي منزل تي وڃڻو آهي. شايد گاڏي مالڪ کي ڏسي پاڻ هلي پوي. شايد بئنڪ اکين جي پُتلي يا مهناڊي جي سڃاڻپ سان ئي کاتو کولي ڇڏي.
۽ شايد هڪ ڏينهن اهڙو به اچي، جڏهن انسان کي ڪو به ڪوڊ ياد رکڻ جي ضرورت نه رهي. پر پوءِ شايد هڪ نئون مسئلو پيدا ٿيندو. جيڪڏهن اها هڪڙي چِپ خراب ٿي وئي ته؟ جيڪڏهن مصنوعي ذهانت پاڻ کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏي؟ جيڪڏهن سسٽم اهو چئي ڇڏي ته “معاف ڪجو، توهان جي سڃاڻپ جي تصديق نه ٿي سگهي.” تڏهن شايد انسان دروازن جي ٻاهران بيٺو هوندو ۽ مشين کيس اندر وڃڻ نه ڏيندي.
انهيءَ ڪري ترقي جي هر قدم سان گڏ نوان سوال به پيدا ٿيندا آهن. اسان جي دنيا هوريان هوريان چاٻين کان ڪوڊن تائين، ڪوڊن کان بايو ميٽرڪس تائين ۽ بايو ميٽرڪس کان مصنوعي ذهانت تائين پهچي رهي آهي. شايد مستقبل جو انسان لفظن کان وڌيڪ ڊيٽا سان سڃاتو ويندو.
پر هڪ ڳالهه اڃا تائين ڪنهن به ٽيڪنالاجي تبديل نه ڪئي آهي اها آهي اصل انساني همدردي ۽ محبت، جنهن جو ڪوڊ يا ڪا ايپ ناهي ٺهي. اعتماد لاءِ اڃا تائين ڪو پاسورڊ ناهي. ايمانداريءَ لاءِ ڪا مائڪروچِپ موجود ناهي ۽ انسانيت لاءِ به اڃا تائين ڪنهن به ڪمپني ٻه مرحلي واري تصديق ايجاد نه ڪئي آهي.
شايد مستقبل جي سڀ کان وڏي ترقي اها نه هوندي ته اسان کي وڌيڪ جديد ڪوڊ ملي وڃن، پر اها هوندي ته اسان پنهنجي دلين جا دروازا به اوتري ئي احتياط سان کوليون، جيتري احتياط سان اڄ پنهنجا ڊجيٽل دروازا کوليون ٿا.
ڇاڪاڻ ته آخرڪار انسان کي رڳو ڪوڊ محفوظ نٿا بڻائين، انسان کي سندس اخلاق، اعتماد ۽ انسانيت به محفوظ بڻائيندي آهي.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



