Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

تاريخي ماڳ سولجر بازار ۽ ان جي پسگردائي ۾ قديم مندرن جي تاريخ

سولجر بازار 1857ع ۾ قائم ٿي جتي  انگريز حڪمرانن پنھنجي فوجين لاءِ رھائش  ۽ ٻين ضرورتن جو بندوبست ڪيو ھو، جنھن ڪري انھيءَ کي فوجين جي بازار چيو ويندو ھو۔ ھن علائقي ۾ قديم مندر ۽ چرچ به قائم آھن جن مان گھڻا ته ورھاڱي کان پوءِ ھندو آبادين جي لڏپلاڻ جي ڪري ختم ٿي ويا پر ڪجھ مندر اڃان به قائم آھن ۔

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

خاصخيلي لطيف راولاڻي

ورھاڱي کان گھڻو اڳ ۾ ئي ڪراچيءَ ۾ تمام گھڻيون بازارون ۽ ماڳ مڪان مختلف علائقن ۾ ثقافتي ۽ تاريخي نالن سان موجود ھئا. انھن مان ڪي اڃان تائين ساڳين نالن سان قائم آھن پر انھن جي بيھڪ وقت ۽ حالتن تحت تبديل ٿي وئي آھي ۔ سولجر بازار بہ ھڪ اھڙو ئي علائقو آھي.   

نالي مان ظاھر آھي تہ سولجر معنى فوجي بازار ۽ اھا بازار انگريز دور جي آھي جتي انگريز حڪمرانن پنھنجي فوجين لاءِ رھائش  ۽ ٻين ضرورتن جو بندوبست ڪيو ھو، جنھن ڪري انھيءَ کي فوجين جي بازار چيو ويندو ھو۔ ھتي  1857ع ۾ باقاعده بازار قائم ٿي. ان جي ڀرسان قديم درگاه روشن علي شاه جي نالي سان به آھي جتي ھر سال ساليانو عرس به ٿيندو آھي ۽ پري پري کان عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آھن ۔ 1915ع ۾ ھن بازار کي ڪراچي ميونسپلٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو جتي فوجين جي ساز سامان کان علاوه ٻيون به شيون ۽ دوڪان کوليا ويا ۽ ھڪ  مڪمل بازار جو درجو ڏنو ويو پر نالو تبديل نه ڪيو ويو. اھو ساڳيو قديم نالو سولجر بازار سان قائم رکيو ويو ۔

انگريز دور ۾ ھتي وڪٽوريا گاڏين (گھوڙا گاڏين )  جو مرڪز به قائم ڪيو ويو جيڪي گھوڙا گاڏيون عام گھوڙا گاڏين يا ٽانگن  کان مختلف ۽ مھانگيون ھونديون ھيون جن کي شاھي سواري جي طور تي ڪتب آندو ويندو ھو.

سولجر بازار خالص فوجين جي بازار ھوندي ھئي ان ڪري تاريخي ڪتابن ۾ ان جو ذڪر اچي ٿو. ھيءَ ڪراچي جي وچ ۾ قائم ھئي جنھن جي چئني پاسي ھندن، پارسين ۽ عيسائين جي آبادي ھوندي ھئي، ان ڪري ھن علائقي ۾ قديم مندر ۽ چرچ به قائم آھن جن مان گھڻا ته ورھاڱي کان پوءِ ھندو آبادين جي لڏپلاڻ جي ڪري ختم ٿي ويا پر ڪجھ مندر اڃان به قائم آھن ۔

شري پنج مکي ھنومان مندر سولجر بازار جو قديم مندر آھي. سنڌ سرڪار هن کي 1994ع ۾ قومي ورثو قرار ڏنو ھو. عقيدتمند چون ٿا مندر 1500 سال پراڻو آھي پر آثار قديمه وارا چون ٿا 150 سال پراڻو مندر آھي. اھو دنيا جو واحد مندر آھي جتي هنومان جو قدرتي مجسمو آهي، انسان جو ٺاهيل نه – اھو زمين مان پاڻ ظاهر ٿيو، جنهن کي سويمڀو چيو وڃي ٿو جيڪو 8 فٽ اوچو نيرو ۽ اڇو مجسمو آھي.

مندر سان لاڳاپيل ڏند ڪٿا

رام جڏهن بنواس تي هو ته هن جاءِ تي آيو ھو. صديون پوءِ هنومان جي تصوير زمين مان نڪتي ۽ مندر ٺهيو. پنج منھن جو مطلب ۽ نالا ھن ريت آھن – هنومان، هياگريوا، نرسنگ، گرودا، وراه – پنجن تتوَن – ڌرتي، پاڻي، هوا، باه، آڪاش جي نمائندگي. 1987ع ۾ قبضا مافيا ھي مندر ڊاھي ڇڏيو پر 2006ع ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ انھيءَ کي ٻيھر تعمير ڪرايو جيڪو 2012ع ۾ مڪمل ٿيو ۔

عيسائين جي چرچ

سينٽ لارنس چرچ به سولجر بازار جي سونھن آھي جيڪا انگريز دور ۾ 1912ع ۾ قائم ٿي ھئي. گرومندر

ھي قديم مندر به سولجر بازار جي علائقي ۾ قائم ھو جيڪو ھاڻي روڊ جي وچ تي اچڻ ڪري گرومندر چوڪ جي نالي سان مشھور آھي جتي چئني پاسي گاڏين جي رش ھوندي آھي. ھي مندر به 1937ع ۾ تعمير ٿيو ھو۔

شري مري ماتا مندر

ھي مندر به قديم آھي اڳ ۾ موجوده سولجر بازار ٿاڻي جي ويجھو قديم بلند عمارت ٺھيل ھئي جنھن کي پڻ 2023ع ۾ مخدوش عمارت قرار ڏيئي ڊاھي پٽ ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي خطرناڪ عمارتن ۾ شمار ڪندي اھڙو حڪم نامو مقامي حڪومت جاري ڪيوھو. ان کان پوء ھتي بچيل ھندو ڪميونٽيءَ ان جي ٻيھر تعمير ڪئي ۽ موجوده وقت ننڍي عمارت ۾ ھي مندر موجود آھي جتي راقم وڃي سروي ڪري ان جي تازي تصوير ڪڍي آھي ۔

سولجر بازار جي موجوده حيثيت

ھاڻي اھا فوجين جي بازار نه رھي آھي پر نالو ساڳيو قائم آھي. ڪجھ سال پھرين ھتي قائم تاريخي عمارت حيدرمنزل به ڊاھي پٽ ڪئي وئي پر ڪجھ پراڻيون عمارتون جيڪي 1927 کان اڳ جون تعمير ٿيل آھن، اھي زبون حالت ۾ موجود آھن جن تي پراڻا نالا ۽ سال درج ٿيل آھن پر سڄو رھائشي علائقو سولجر بازار جي نالي سان سڏبو آھي ۔

___________

Latif Rawlani-TheAsiaN

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button