سنڌ: تضادن جي ور چڙهيل سرزمين! سورن، سگهه ۽ اميدن جو هڪ سفر
تازو مون هڪ اهڙي سنڌ ڏٺي جيڪا انتهائي تضادن جي گهيري ۾ آهي. ھتي اڄ جو انسان بنيادي ضرورتن لاءِ تڙپي رهيو آهي. هڪ طرف بي پناهه دولت جا مينار آهن، ته ٻئي طرف غربت جي اها اوندهه آهي
بدعنواني (رشوت) هاڻي رڳو هڪ برائي ناهي، پر هڪ مڪمل ‘نظام’ بڻجي چڪي آهي، جتي هر سطح تي پئسي کان سواءِ ڪو جائز ڪم به نٿو ٿئي.
ليکڪ تازو سنڌ جو دورو ڪيو ھو. سندس سفر جا مشاهدا سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو هڪ دردناڪ پر حقيقي عڪس پيش ڪن ٿا.
عبدالله عثمان مورائي
تازو سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ وسين جو سفر ڪندي، مون هڪ اهڙي سنڌ ڏٺي جيڪا انتهائي تضادن جي گهيري ۾ آهي. هيءَ اها سرزمين آهي جتي هزارين سالن جي قديم تهذيب جا نشان اڄ به موجود آهن، پر اڄ جو انسان بنيادي ضرورتن لاءِ تڙپي رهيو آهي. هڪ طرف بي پناهه دولت جا مينار آهن، ته ٻئي طرف غربت جي اها اوندهه آهي جنهن ۾ عام ماڻهوءَ جو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي. منهنجي هن سفر جا مشاهدا سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو هڪ دردناڪ پر حقيقي عڪس پيش ڪن ٿا.

غربت ۽ اميريءَ جو خوفناڪ فرق
سنڌ ۾ اڄ سڀ کان وڏو خواب ۽ ضرورت “اٽو” بڻجي ويو آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو ويو ته: “اسان کي رڳو اٽو ملي وڃي، ماني ٻصر سان به کائي وٺنداسين.” هي جملو نه رڳو خودداري پر اسان جي حاڪمن لاءِ شرم جو مقام آهي. پر تضاد اهو آهي ته ساڳئي وقت هڪ طبقو اهڙو آهي جنهن وٽ دولت جا انبار آهن. بدعنواني (رشوت) هاڻي رڳو هڪ برائي ناهي، پر هڪ مڪمل ‘نظام’ بڻجي چڪي آهي، جتي هر سطح تي پئسي کان سواءِ ڪو جائز ڪم به نٿو ٿئي.

صحت جو بحران ۽ سماجي زوال
شهرن ۾ ميڊيڪل اسٽور گراهڪن سان سٿيل آهن، ڄڻ سڄو سماج بيمار هجي، پر الميو اهو آهي ته ماڻهو شڪايتون ڪن ٿا ته مهانگيون دوائون به اصل ناهن. پيئڻ جو صاف پاڻي، جيڪو بنيادي حق آهي، سو ناياب آهي. رپورٽن موجب ۷۰ سيڪڙو زير زمين پاڻي ۾ آرسنڪ (سنکيو) شامل آهي، جيڪو خاموشيءَ سان اسان جي نسلن کي اپاهج ڪري رهيو آهي.
سماجي طور تي ويساھ جو بحران وڌي ويو آهي. ماڻهن جو رياست تان ۽ هڪ ٻئي تان اعتماد کڄي ويو آهي. واعدي خلافي، وقت جي پابندي نه ڪرڻ ۽ حسد عام سماجي ورتاءُ بڻجي ويو آهي. دير تائين جاڳڻ جو رواج اسان جي صحت ۽ نظم و ضبط کي متاثر ڪري رهيو آهي.

نوجوان نسل جو الميو ۽ سياسي ‘واٺو’ ڪلچر
اسان جي نوجوانن وٽ ڪا واضح رهنمائي ناهي. اڪثر باصلاحيت نوجوان مايوسيءَ سبب ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا. جيڪي هتي آهن، انهن مان ڪيترن کي روڊن تي نشي ۾ ڌت ٿي ڪرندي ڏسڻ هڪ عام پر دل ڏاريندڙ منظر بڻجي چڪو آهي.
ٻئي طرف، سياست خدمت جي بجاءِ ‘نمائش’ بڻجي وئي آهي. هاءِ ويز ۽ شهرن ۾ سياستدانن جا وڏا بل بورڊ لڳل آهن، جن جي هيٺان ان شخص جي به تصوير هوندي آهي جنهن اهو بورڊ لڳايو هوندو آهي، جنهن کي اسان جي ٻوليءَ ۾ “واٺو” چيو وڃي ٿو. هي خوشامد جو اهو روپ آهي جيڪو طاقتور طبقي سان جڙيل رهڻ جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو ته جيئن پنهنجي دولت بچائي سگهجي.
گم ٿيل ننڍپڻ ۽ شهري بگاڙ
سڀ کان وڌيڪ تليف ده منظر اهي معصوم ٻار آهن، جيڪي اڌ رات جو ٽول پلازائن ۽ پيٽرول پمپن تي اٻريل آنا يا ٻيون شيون وڪڻندا نظر اچن ٿا. جن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ گهرجن، انهن ۾ مزدوريءَ جا نشان آهن. شهر بنا ڪنهن پلاننگ جي ڪنڪريٽ جي جهنگلن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. سرڪاري آفيسن ۾ وڏا صاحب اڄ به پنهنجي ماتحتن کي سرڪاري ملازم نه پر ذاتي نوڪرن وانگر استعمال ڪن ٿا، جيڪو نوآبادياتي ذهنيت جو تسلسل آهي.
ٻوليءَ جو بگاڙ: سڃاڻپ جو بحران
اسان جي مٺي سنڌي ٻولي به هن تبديليءَ کان بچي نه سگهي آهي. اسان جي ثقافتي سڃاڻپ رکندڙ لفظ تيزيءَ سان مٽجي رهيا آهن، مثال طور ، پيارو لفظ “امان” هاڻي “امي” بڻجي ويو آهي.”بابا” جي جاءِ تي “ابو” چيو وڃي ٿو. “بيضو”، “آنو” يا “بيڊو” هاڻي “انڊو” بڻجي ويو آهي. “پٽاٽو” هاڻي “آلو” سڏجي ٿو. ان کان سواء ٻيا به الائي ڪيترا اکر ۽ لفظ آهن جيڪي اهستي آهستي گم ٿيندا پيا وڃن. هي رڳو لفظن جي تبديلي ناهي، پر اسان جي لساني سڃاڻپ جو آهستي آهستي ختم ٿيڻ آهي.

اميد جا ڏيئا: سنڌ جو روح اڃا زنده آهي
ايتري اوندهه ۽ تضادن جي باوجود، سنڌ اڃا تائين اميدن جي ڌرتي آهي، مثال طور اڄ به سنڌ جو نوجوان ڪتاب خريد ڪري ٿو، پڙهي ٿو ۽ ادبي ميلن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ٿو. اسان جي زمين اڄ به سون اوڳاڇي ٿي. تازيون ڀاڄيون، ميوا، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند اسان جي سڃاڻپ آهن. ديسي گيهه ۽ ٻاڪري گوشت جو شوق اڄ به برقرار آهي ۽ سنڌي مهمان نوازي اڄ به بي مثال آهي. اسان وٽ موئن جي دڙي جهڙي تاريخ آهي. اسان وٽ سنڌو درياءُ، ڪارونجهر جي سونهن، کيرٿر جا جبل، عربي سمنڊ، منڇر ۽ ڪينجهر جون لهرون آهن. شاهه، سچل، سامي، قلندر ۽ ڀٽائيءَ جا آستانا اسان جي روحاني سگهه آهن.
چوڻ جو حاصل مقصد ته سنڌ هن وقت هڪ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي. اسان جا مسئلا پيچيده آهن، پر اسان جي صلاحيت به گهٽ ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين تضادن جي ور چڙهيل سماج ۾ پنهنجي اصل سڃاڻپ کي ڳوليون. نوجوانن کي تعليم، شعور ۽ اخلاقي قدرن سان ليس ڪريون. اسان سڀني کي گڏجي هڪ اهڙي سنڌ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي جتي اٽي جو حصول ڪو وڏو معجزو نه پر هڪ عام حق هجي. اميد اڃا مُئي ناهي، پر ان کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن جي حفاظت پاڻ ڪرڻي پوندي.
____________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




Abdullah has given a true picture of Sindh. lack of thinking and analytical skills were absent in Sindh that is a gloomy situation. Sindhis were since several decades considered very nice to understand the pak politics . But sorry to say now a portion of Sindhi middle class is also considering Qaidi no 804 as messiha of Pakistan who can solve all the problems. This is merely an effect of social media . These people don’t think that while in power what solid steps he took in favour of Sindh and other small provinces. During the local bodies election his slogan was “ khud mukhtar Karachi” can he dare to say this word for Lahore or Peshawer . No sold ground if he come in power again what he shall do for Sindh . No body has answer . This is situation in which thinking level of some Sindhis is at rock bottom . Progressive and democratic forces have not given any effort to educate the people of Sindh so they are easily impressed by glitters of Social media .