سنڌي ٻولي، شاھ لطيف، ثقافتي اوپرائپ ۽ سُڃاڻپ جو بحران
لسانياتي ۽ تاريخي لحاظ کان، شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي ٿنڀن مان هڪ آهي. جيڪڏهن اسان لطيف ۽ ھن جي فڪر کي ڇڏي ڏينداسين، تہ اسان صرف هڪ شاعر نہ، پر هڪ لسانياتي نظام، هڪ فڪري ورثي، ۽ هڪ قومي سڃاڻپَ کي وڃائينداسين
رشيد احمد خاصخيلي
تازو احمد سومري پنھنجي ھڪَ پوسٽ ۾ لکيو آھي تہ ” جي اسان کي سنڌي ٻولي بچائڻي آھي تہ شاھ لطيف جي فڪر کي ڇڏڻو پوندو“ جيڪا ڳالھ زميني حقيقتن جي ابتڙ آھي، سومري صاحبَ کان شايد اُھو وسري ويو آھي تہ سنڌي ٻولي ۽ شاھ لطيف جو فڪر هڪ ئي وجود جا ٻہ رُخ آهن. جڏهن اسين ڪنھن ٻوليءَ جي ڳالھ ڪندا آهيون تہ اها صرف لفظن جو مجموعو نہ هوندي آهي، پر ان ۾ ان قوم جي تاريخ، ثقافت، جذبا، ۽ سوچ پڻ شامل هوندي آهي.
جيڪڏهن احمد سومرو، ايئن سمجهي ٿو تہ سنڌي ٻولي بچائڻ لاءِ ان جي بنيادي سڃاڻپَ (شاھ لطيف جي فڪر) کي ختم ڪرڻو پوندو، تہ اها سوچ ڪنھن ذهني تضاد (cognitive dissonance) جو نتيجو ٿي سگهي ٿي. ان جو مطلب ھيءُ ٿيندو تہ هڪ شخص هڪ ئي وقت ٻہ مخالف سوچون رکي ٿو. هڪ پاسي هُو سنڌي ٻوليءَ جي بقا چاهي ٿو، پر ٻئي پاسي هُو ان جي سڀ کان وڏي وِٿ يعني شاھ لطيف جي فڪر کي ختم ڪرڻ جي ڳالھ ڪري ٿو. اها هڪ اهڙي سوچ آهي جيڪا پنهنجي قومي سڃاڻپ کان لنوائڻ گُھري ٿي. ھيءَ سوچ تڏھن انساني ذھن ۾ جُڙي ٿي جڏھن سڃاڻپَ جو بحران (Identity Crisis) ڪَر کڻي انساني ذھن ۾ تصوراتي ڏنگَ ھڻڻ شروع ڪري ٿو، جن ڏنگن سان عقل زخمي ٿي سمھي پئي ٿو ۽ بي عقلي ڳالھائي ٿي. احمد سومري وٽ اھڙو ڪو بہ دليل نظر نہ ٿو اچي جنھن سان ھُو اِھو ڏيکاري سگھي تہ شاھ لطيف جي فڪر ڪھڙن پاسن کان سنڌي ٻوليءَ جي رستا روڪَ ڪئي آھي. پر جي غور ڪجي تہ نظر ايندو تہ شاھ لطيف جي شاعريءَ تہ سنڌي ٻوليءَ کي وڏي وسعت ۽ سگھ بخشي آھي. اِھو ڪيڏو نہ اياڻو خيال آھي تہ شاھ لطيف جي فڪر، سنڌي ٻوليءَ جي رستا روڪَ ڪئي آھي، جنھن کان احمد سومرو سنڌي ٻوليءَ جي جند آجي ڪرڻ ٿو چاھي.
ڪنھن بہ غير منطقي يا ثقافتي طور خودڪشي واري سوچ کي پرکڻ لاءِ نفسياتي ڪسوٽي جاچجي تہ معلوم ٿيندو تہ اهڙي سوچ انهن ماڻهن ۾ جنم وٺندي آهي، جيڪي پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ سان رشتو وڃائي ويهندا آهن. اهي پنهنجي اصلي ورثي کي گهٽ سمجهي، ٻاهرين معيارن کي بھتر سمجهندا آهن. احمد سومري جي سوچ ۾ اهو رجحان واضح آهي — يعني جديديت جي نالي تي پنهنجي ئي بنياد کي ”بار“ سمجهڻ.
جڏھن سُڃاڻپ جو بحران (Identity Crisis) جاڳي پوندو آھي تڏھن ئي ماڻهو يا ماڻھن جو گروھ پنهنجي سڃاڻپ بابت يقين وڃائي ويھندو آھي، ۽ اهڙي نفسياتي ڪيفيت گهڻو ڪري استعماري ذهنيت جي باقيات هوندي آهي، جو ماڻهوءَ کي پنهنجي تاريخ ۽ زبان ئي ترقيءَ ۾ رُڪاوٽ محسوس ٿيڻ لڳندي آھي. ٻئي پاسي کان ايئن بہ ممڪن آ تہ جڏھن مخالفت براءِ مخالفت (Contrarianism) جو ويچار وڌي ويندو آھي تہ ڪيترا ماڻهو ڌيان حاصل ڪرڻ يا پاڻ کي فڪري باغي ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آھن. يقنن اھڙن ماڻھن جا سائنسي يا تاريخي بنياد ڪمزور هوندا آهن. اهڙو رويو گهڻو ڪري سوشل ميڊيا جي موجوده ماحول ۾ وڌي ويو آهي، جتي متضاد ۽ ڇرڪائيندڙ خيال تيزيءَ سان مشهور ٿين ٿا. لسانيات ۽ ادبَ ٻنھيءَ جو مطالعو واضح ڪري ٿو تہ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ، صوتيات ۽ نحوي نظام جو اهڙو مڪمل ۽ نفيس استعمال آهي، جيڪو ٻوليءَ جي معياري صورت لاءِ سنگ ميل آهي. لطيف جي بيتن ۾ اهڙا لفظ، محاوره ۽ صوتي بناوتون موجود آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن کي گڏ ڪن ٿيون. اهڙو ” اندروني اتحاد “ ٻوليءَ جي بقا لاءِ لازم ھوندو آھي نڪي غير اھم. لسانيات ۾ Symbolic Capital جو تصور ٻڌائي ٿو ته ٻوليءَ جو طاقتور علامتي مرڪز ان کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. ڇا شاھ لطيف جو فڪر اھڙو مرڪز نہ ٿو ٿي سگھي.؟ ڪو بہ سماج، جيڪو پنهنجي وڏين فڪري شخصيتن جي فڪر کي ڇڏي ڏيندو آهي، جلد ئي پنهنجي ثقافتي ڪهاڻي وڃائي ويهندو آهي. شاھ لطيف نہ رڳو شاعر آهي، پر هڪ فڪري نظام جو بادشاھ آهي. نفسياتي طور، احمد سومري جي اها لطيف متعلق سوچ گهڻو ڪري ثقافتي اوپرائپ، شناختي بحران، ۽ ڌيان حاصل ڪرڻ واري روين جي پيداوار آهي. لسانياتي ۽ تاريخي لحاظ کان، شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي ٿنڀن مان هڪ آهي. جيڪڏهن اسان لطيف ۽ ھن جي فڪر کي ڇڏي ڏينداسين، تہ اسان صرف هڪ شاعر نہ، پر هڪ لسانياتي نظام، هڪ فڪري ورثي، ۽ هڪ قومي سڃاڻپَ کي وڃائينداسين. سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو رستو پنهنجي جڙن کي ڇڏي ڏيڻ ۾ نہ، پر انهن کي جديد دور جي ضرورتن سان ڳنڍڻ ۾ آهي. لطيف کي ڇڏي ڏيڻ معني آهي تہ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي روح مان ڪڍي خالي ڍانچي ۾ ڦٽي ڪرڻ— ۽ اها بقا نہ پر زوال آهي.
_____________