ٺُلھ مِير رُڪڻ: سنڌ ۾ ٻُڌ مت جو ھڪ تاريخي ورثو جتان گوتم ٻُڌ جون مُورتون مليون ھيون
هڪ مقامي انجنيئر کوٽائي دوران ٻُڌ جون ڪيتريون مورتيون ڳولي لڌيون هيون، جن مان هڪ ۾ مهاتما ٻُڌ جي پيدائش جو منظر ڏيکاريل هو. هڪ مورتيءَ ۾ هو پنهنجي ماءُ جي ڀرسان وڻ هيٺ ليٽيل ڏيکاريل آهي، جڏهن ته ٻي مورتيءَ ۾ هو ننڊ ۾ سُتل پنهنجي زال کي الوداع چوندي ڏيکاريل آهن.
عزيز ڪنگراڻي
ٺلھ ٻُڌ ڌرم جي عبادت گاھ آهي. ٺلھ يا ٺُل کي پالي ٻوليءَ ۾ ستوپ يا ٿُوپ چئبو آهي ۽ انگريزي ۾ اسٽوپا اُچاريو ويندو آهي. ٻُڌ مت سنڌ کان علاوه گنڌارا تهذيب جي علائقن تائين ڦهليل هو. موريا خاندان جي اشوڪا (اسوڪا) جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻُڌ مت وڏي پيماني تي پکڙيو. سنڌ ۾ ستين صدي عيسوي تائين ٻُڌ مت عروج تي رهيو. ڪجھ محققن جو خيال آهي ته ٻُڌ مت يارهين صدي عيسوي تائين سنڌ ۾ موجود رهيو. انهيءَ سبب سنڌ ۾ سوين ٺلھ تعمير ڪيا ويا، جن مان ٺلھ مير رڪڻ منفرد ۽ اهم حيثيت رکي ٿو.

ٺلھ مير رڪڻ موجوده ضلع بينظير آباد (نواب شاھ) جي تعلقي سڪرنڊ جي شهر دولتپور صفن کان اوڀر-ڏکڻ طرف اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. ٺلھ مير رُڪڻ تي هيءُ نالو ڪيئن پيو، ان بابت ڪا مستند تاريخ يا اعتماد جوڳي روايت نٿي ملي. ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جيئن سنڌ ۾ ٻين ٺلھن کي اسلامي دور ۾ ويجهن ڳوٺن جي نالن پُٺيان سڏيو ويو، اهڙيءَ ريت هن ٺلھ کي به شايد مير رڪڻ نالي ڪنهن شخص جي نسبت سان ٺلھ مير رڪڻ سڏيو ويو هوندو. سنڌ ۾ ڪجھ ڳوٺن جا نالا ئي “ٺلھ” سان آهن، سنڌ ۾ رُڪ ذات به آهي ۽ رُڪڻ نالي سان ڳوٺ به موجود آهن.
مورخن جو خيال آهي ته ڪُشان دور کان اڳ، 200 ق.م کان 1100ع جي وچ واري عرصي ۾، سنڌ جي ٻين ٺلهن سان گڏ ٺلھ مير رڪڻ پڻ تعمير ٿيو. هن ٺلھ جي طرز تعمير ٻين ٺلهن کان مختلف آهي. سنڌ ۾ هيءُ اڪيلو اسٽوپا آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين مڪمل اسٽوپا چئي سگهجي ٿو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب، مسٽر گِبس (Gibbs) لکي ٿو ته:
”هن ٺلھ جا کنڊر پري کان ئي دلڪش ۽ دل موهيندڙ نظر اچن ٿا. هيءُ ٺلھ ريلوي لائين جي ويجهو واقع آهي ۽ گهڻو امڪان آهي ته ٻين ٺلهن وانگر هن ٺلھ جون سرون به ريلوي لائين وڇائڻ وقت ٺيڪيدارن استعمال ڪيون هجن. ٺلھ مير رڪڻ جي بناوت مضبوط ۽ گول آهي، جيڪا آهستي آهستي مٿي طرف سنهي ٿيندي وڃي ٿي، ۽ ان جي اوچائي لڳ ڀڳ 60 فوٽ آهي“.
ٺلھ جي ٻاهرين بناوت سٺين پڪين سرن سان تعمير ٿيل آهي. هن ٺلھ جي تعمير ۾ چورس بنيادن جون ٽي قطارون آهن، جيڪي هڪ ٻئي مٿان هيٺان جڙيل آهن. انهن جي هيٺان مٿيون حصو ٽٽل ڦٽل هو، جنهن جي مرمت سنڌ ثقافت کاتي ڪرائي آهي. هن دڙي جي چوڌاري اڄ به بنيادن جا ڪجهه حصا زمين جي سطح کان هيٺ محفوظ نظر اچن ٿا.
انهن بنيادن جي مٿان تاج ۽ تاج جي مٿان ڪارنيس لڳل آهن، جيڪي سڀ خوبصورت تراشيل سرن مان ٺاهيا ويا آهن، جن تي گلڪاري ۽ ٻين قسمن جي نقش نگاري ٿيل آهي. بنيادن تي لڳل تاج ۾ استعمال ٿيل سرون ڪارب ۾ ٺاهيل نه پر تراشيل آهن، جن جا ڪنارا اڄ به تيز آهن. ساڳئي قطار ۾ ڪٿي ڪٿي بهترين قسم جون گلڪاري واريون سرون ڪالبن ۾ جوڙيل به نظر اچن ٿيون.
ٺلھ جي بنيادن جي چوڌاري سرن ۽ مٽيءَ جو ڍير آهي، جيڪو زمين کان لڳ ڀڳ 10 فوٽ اوچو آهي ۽ ٺلھ جي بنيادن سان ڳنڍيل آهي. هتان مھاتما گوتم ٻُڌ جون ڪيترين ئي ٺڪر جون پڪيون مورتيون ملنديون رهيون آهن. هڪ مقامي انجنيئر کوٽائي دوران ٻُڌ جون ڪيتريون مورتيون ڳولي لڌيون هيون، جن مان هڪ ۾ مهاتما ٻُڌ جي پيدائش جو منظر ڏيکاريل هو. هڪ مورتيءَ ۾ هو پنهنجي ماءُ جي ڀرسان وڻ هيٺ ليٽيل ڏيکاريل آهي، جڏهن ته ٻي مورتيءَ ۾ هو ننڊ ۾ سُتل پنهنجي زال کي الوداع چوندي ڏيکاريل آهن.

هي ٺڪر جون مورتيون وڏي مھارت سان ٺاهيل هيون ۽ انهن جي ماپ لڳ ڀڳ 6 يا 7 انچ چورس هئي. مسٽر جي. گِبس، مسٽر بارٽل فريئر ۽ مسٽر شاسٽوئرٽ سان گڏ هن اسٽوپا جي کوٽائي لاءِ آيو هو، جنهن کي هنن ”رُڪڻ جو ٺلھ“ لکيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته بنياد صاف ڪرڻ لاءِ اڳ ئي ماڻهو موڪليا ويا هئا، جيڪي هيٺ سرنگهون کوٽيندا ويا ته جيئن تبرڪ تائين پهچي سگهجي.
شام جو وقت هو، مان هڪ سادي ڏاڪڻ وسيلي ٺلھ جي مٿان چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ڏٺم ته ماڻهن اٺ فوٽ گهَري کوٽائي ڪري ڇڏي هئي. 27 فيبروري 1852ع تي اسان ٺلھ جي ڀرسان ڪئمپ هنئي ۽ مزدور هيٺين سطح تائين پهچي چڪا هئا، پر کين ڪا خاص شئي هٿ نه آئي. هيءُ ٺلھ جي پيڙھ چورس طرز جو هڪ عام نمونو هئي. ان ۾ استعمال ٿيل پٿر ڏورانهن علائقن مان آندا ويا هئا. جڏهن چورس بنياد ظاهر ٿيا ته انهن جي هر پاسي جي ماپ 66 فوٽ هئي.
سنڌ گزيٽيئر جي صفحي نمبر 638 تي درج آهي ته هن ٺلھ جي کوٽائي جنرل جان جيڪب جي نگرانيءَ هيٺ ٿي هئي. ان وقت هو سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر هو، پر هن کي هتان ڪا خاص دلچسپيءَ واري شئي هٿ نه آئي. هن ٺلھ ۾ ٻاهرئين پاسي کان هڪ متوازي سرنگھ به کوٽي وئي هئي.
1978ع ڌاري سڪرنڊ جي اديبن کي هن اسٽوپا جي مٿئين حصي مان ڪري پيل هڪ سر ملي هئي، جنهن تي مهاتما ٻُڌ جي تصوير جي اُڪر ٿيل هئي. هيءَ سر ڪيترن ئي سالن تائين سڪرنڊ جي هڪ لائبريري ۾ محفوظ رهي، پر وقت سان گڏ ان کي ڪلر لڳي ويو. بهرحال، هيءُ هڪ حقيقت آهي ته هيءُ ٺلھ سنڌ ۾ ٻڌ مت جو هڪ اهم آثار آهي.
______________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ سترھن ڪتابن جو مصنف آھي



