Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڌرتي، پاڻي، ھوا ۽ سج:  فطرت جي نظام کي ھلائيندڙ چار اهم عنصر

فطرت ۾ موجود انهن چئني اهم طاقتن يا عنصرن مان ڪو به هڪڙو عنصر، ڪنهن به سبب جي ڪري، فطرت مان غائب ٿي وڃي يا مورڳو ئي ان ۾ ڪا ڪمزوري پيدا ٿي پئي, ته هوند فطرت جو سڄي جو سڄو نظام ڊانوان ڊول يا ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

فطرت ڇاهي؟ موضوع تي مضمونن جي سلسلي جو چوٿون مضمون   

ليکڪ: حميد منگي

انسان سميت سمورا ساهوارا يا ٻيون شيون جنهن فطرت ۾ ڄمن, پلجن, رهن, وڌن ويجهن, زندگيون گهارين ٿيون ۽ وقت پورو ٿيڻ تي وڇوڙن جا وڍ ڏئي جدا به ٿي وڃن ٿيون. اهو عمل اصل ۾ فطرت اندر موجود ڪجهه عنصرن جي موجودگيءَ سان مڪمل ٿئي ٿو. منهنجي سوچ مطابق انهن عنصرن جو تعداد چار آهي. جن کي ”هوا”, ”پاڻي”, ”ڌرتي” ۽ ”سج” جي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. انهن چئني عنصرن تي اهي نالا, آڳاٽي يا ان وقت جي سمجهه ڀرين انسانن, پنهنجي عقل, علم, ڄاڻ ۽ تجربن جي بنياد ۽ مختلف موقعن تي ترتيب ڏنا هوندا ۽ انهن جي ڪا معنيٰ به ضرور هوندي.

هتي اهو الڳ بحث ٿي سگهي ٿو, انهن طاقتن ۽ عنصرن جا نالا ڪهڙي ملڪ, نسل ۽ قوم جي ماڻهن رکيا؟ اهي نالا درست به رکيا ويا يا سندن ڪي ٻيا نالا هجڻ کپن ها؟ يا انهن نالن جي معنيٰ ڪهڙي آهي؟ ۽ پڻ انهن عنصرن جي ترتيب ڪيئن هئڻ گهربي هئي؟ يعنيٰ فطرت جي انهن چئني طاقتن يا اهم عنصرن مان سڀ کان اول اهميت وارو عنصر ڪهڙو آهي؟ ۽ ڪهڙي طاقت کي سڀ کان آخر ۾ سمجهڻ گهرجي؟ پر جيئن ته اهو به هڪ الڳ تحقيقي، غور ۽ وڏو بحث طلب ڪم آهي, جنهن تي هن وقت ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته پڙهندڙ منجهي پوندا. انهيءَ ڪري هن بحث تي به اڳتي هلي يا ڪنهن الڳ موضوع سان لکڻ جي ڪوشش ڪبي. في الحال پنهنجي ساڳئي موضوع تي موٽي ٿا اچون.

فطرت جو حصو بڻيل يا ان جا ڪرتا ڌرتا اهي چارئي اهم عنصر يعنيٰ ”زمين”، ”هوا”، ”پاڻي” ۽ ”سج” جيڪي نه رڳو سدائين پر هر دئور ۾ سمورن ساهوارن لاءِ تمام گهڻي اهميت وارا رهيا آهن, گڏوگڏ ڪيتريون ئي صديون گذرڻ باوجود، انهن جو هن فطرتي ڍانچي کي جيئن جو تيئن رکڻ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي. اهي عنصر اڻ ڳڻيون صديون گذرڻ باوجود نه رڳو اڄ به پنهنجي پوري اوج ۽ طاقت سان قائم ۽ دائم آهن, گڏوگڏ هيڏيون ساريون صديون گذرڻ باوجود به اهي سدا جيان جوان نظر اچن ٿا ۽ ڪنهن مرحلي تي انهن جي خوبين ۾ ڪي به گهٽ وڌايون ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن. انهن عنصرن جي عملن کي اسين فطرت جو وڏي ۾ وڏو راز چئون ته غلط نه ٿيندو.

هتي هڪ ٻئي راز جو ذڪر به ڪندا هلون ته، فطرت ۾ موجود انهن چئني اهم طاقتن يا عنصرن مان ڪو به هڪڙو عنصر، ڪنهن به سبب جي ڪري، فطرت مان غائب ٿي وڃي يا مورڳو ئي ان ۾ ڪا ڪمزوري پيدا ٿي پئي, ته هوند فطرت جو سڄي جو سڄو نظام ڊانوان ڊول يا ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي موجوده شڪل به شايد ئي برقرار رهي سگهي. جنهن کي وري ساڳئي حالت ۾ آڻڻ, گهٽ ۾ گھٽ هاڻوڪي دور جي انسان لاءِ ته ناممڪن عمل هوندو، ڇو ته فطرتي نظام ۾ ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي خلل اچڻ جي معنيٰ، سڄو ٽڀو اونڌو ٿيڻ برابر آهي. جنهن کي وري سڌو ڪرڻ، موجوده انسان لاءِ وڏي ۾ وڏو مشڪل بلڪي ناممڪن ڪمن مان هڪ ڪم هوندو.

انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ, هڪ مثال اهو ٿا وٺون ته, انهن چئني اهم عنصرن مان، ڀلجان ٽي عنصر يعنيٰ ”سج”, ”هوا” ۽ ”پاڻي” ته فطرت اندر پنهنجي مقرر مقدار, طاقت ۽ توانائيءَ سان موجود هجن ۽ صرف ”ڌرتي” وارو هڪڙو عنصر حادثاتي طور يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري، پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهي يا اوچتو ئي اوچتو ان ۾ ڪا اٿل پٿل پئدا ٿي پوي، ان ۾ زلزلا اچن يا ”پاڻي” جيڪو فطرت ۾ زمين کان وڌيڪ آهي ۽ ”ڌرتيءَ” کي ازل کان چوڌاري وڪوڙيو به ويٺو آهي, اهو کيس پاڻ ۾ پائي يا سمائي وڃي، ان سان انسانن سميت سمورن ساهوارن جو جيئرو رهڻ ناممڪن ٿي پوندو. ڇو ته اڪثر سڪي تي رهندڙ ساهوارن جو بنيادي مرڪز ڌرتي ئي رهي آهي، جيڪڏهن ساهوارن جو مرڪز ئي نه بچندو ته ساهوارا وڌيڪ ڪيترو عرصو پنهنجا وجود بچائي رکندا. سواءِ انهن ساهوارن جي, جن جي حياتيءَ جو اڪثر حصو, پاڻيءَ سان سلهاڙيل هجي ٿو, جن ۾ مختلف قسمن جون مڇيون, ڪميون, ڏيڏر, مانگر مڇ ۽ ڪجهه ٻيا ساهوارا شامل آهن.

بلڪل اهڙي ئي نموني، ان مثال جي ابتڙ اچون يعني ”ڌرتي” ته پنهنجي محور ۾ موجود رهي ۽ پنهنجو ڪم به ساڳئي نموني ڪندي رهي, پر باقي بچيل ٽنهي اهم عنصرن ”پاڻي”، ”هوا” ۽ ”سج” منجهان، ڪنهن هڪڙي عنصر ۾ به ڪي خاميون پيدا ٿي پون يا ڪي گهٽ وڌايون ٿي پون، تڏهن به انسانن سميت سمورن ساهوارن لاءِ, پنهنجو وجود برقرار رکڻ مشڪل بڻجي پوندو. ڇو ته انسانن سميت کوڙ سارا ساهوارا رڳو ڌرتيءَ کانسواءِ اڌورا ناهن، پر انهن کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ ”پاڻي”، ”هوا” ۽ ”سج” جي به ايتري ئي سخت ضرورت پوندي، جيتري ”ڌرتيءَ” جي.

ان بحث مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، انهن چئني اهم عنصرن کانسواءِ، سڪيءَ تي رهندڙ اڪثر ساهوارا اڻ ڳڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن حوالي ٿي, آهستي آهستي صفحهءِ هستيءَ تان ميسارجي ويندا. اهڙن سبتن ۽ ابتن مثالن مان، اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته, فطرت ۾ موجود انهن سمورن چئني عنصرن ۾ هڪ طرف پنهنجون پنهنجون مخصوص طاقتون ته وڏي تعداد ۽ مقدار ۾ موجود آهن پر, ٻئي طرف انهن ۾ ٻين عنصرن واريون ٿورڙيون به خوبيون موجود ناهن. مطلب ته هن فطرتي نظام ۾ انهن چئني اهم عنصرن جو ڍانچو, ڪجھ اهڙي نموني سان جڙيل آهي، جو اهي سمورا عنصر، صدين کان ته پنهنجن پنهنجن خوبين سان مالامال رهندا آيا آهن پر، اهي ساهوارن جي ٻين ضرورت وارن اهم عنصرن وارين خوبين کان مڪمل طور تي خالي به رهيا آهن.

مطلب ته ”سج”، ”ڌرتيءَ” جي جاءِ نه ٿو وٺي سگهي ۽ ”هوا” وري ”پاڻيءَ” وارو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. ٿي سگهي ٿو منهنجي اها سوچ درست نه هجي ۽ ڪي ٻيا سبب يا حقيقتون هجن، انهيءَ ڪري پڙهندڙ يا مون کان وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ، بنا ڪنهن هٻڪ جي، انهيءَ حوالي سان نشاندهي ڪندي منهنجي ڪنهن به لکيل ڳالهه يا مثال جي درستگي ڪري سگهن ٿا. ڇو ته هي مضمون ڪو صحيفو ناهي, جنهن تي ڪوبه اعتراض نه ٿو ڪري سگهي، بلڪي هن مضمون ۽ موضوع کي هڪ اهڙي بحث جي شروعات سمجهڻ گھرجي، جنهن جو انت اصل ۾ انساني اڪابرن کي ئي آڻڻو آهي.

اهڙي بحث کانپوءِ، اها ڳالهه اسان آڏو صاف ظاهر ٿي اچي ٿي ته, ڪنهن به ساهواري جي جيئري رهڻ لاءِ, انهن چئني اهم عنصرن جو فطرت ۾ هڪ ئي وقت تي موجود هجڻ تمام ضروري آهي. پاڻ جڏهن ”ڌرتي”, ”سج”, ”هوا” ۽ ”پاڻيءَ” کي فطرت جي اهم عنصرن وارا لقب ڏيون ٿا ته, پوءِ پاڻ کي اهو به ثابت ڪرڻو پوندو ته, انهن چئني طاقتن يا اهم عنصرن جون آخر اهڙيون ڪهڙيون خوبيون آهن, جن جي بنياد تي اسين کين اهم عنصر سڏڻ تي مجبور ٿي پئون ٿا. جيڪڏهن پاڻ اها ڳالهه ثابت نه ڪري سگهياسين ته، انهيءَ علم سان دلچسپي رکندڙن ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ اڌوري رهجي ويندي، جڏهن ته هن موضوع ۾ رس ۽ چس به قائم نه رهندو، هتي ان ڳالهه جي نشاندهي به ڪندا هلون ته، انهن چئني اهم طاقتن جي اڳ ۾ ڪا ترتيب نظرن آڏو ناهي گذري، تنهنڪري هتي به انهن کي ترتيب ڏيڻ مشڪل سمجهندي، هرگز ترتيب وار رکڻ جي ڪوشش نه ڪبي. پر جيڪڏهن ڳالهين ڳالهين ۾ يا لکندي لکندي ڪا ترتيب جڙي ٿي وڃي، تڏهن به ان کي آخري يا منهنجي پاران ڪا جوڙجڪ نه سمجهڻ گھرجي.

هوا

بهرحال, فطرت ۽ ان جي چئني اهم طاقتن يا عنصرن جي خوبين بابت قلم جي زورآزمائي ڪندي, پهريون ذڪر ان ”هوا” جو ٿا ڪريون, جنهن مان نه رڳو نئون ڄاول ٻار پر ٻيا سمورا ساهوارا، ساهه کڻي جيئري رهڻ جا جتن ڪندا آهن. هونئن ته هر نئين ڄاول توڙي پئدا ٿيل ساهواري لاءِ، ٻين اهم عنصرن جي به ضرورت پوندي آهي پر, ڄمڻ کانپوءِ جڏهن هو ساهه کڻندو آهي ته، مائٽ يا عزيز پوءِ ئي ان جون ٻيون ضرورتون پوريون ڪندا آهن. اها آهي انساني سمجهه جيڪا ٻڌائي ٿي، هن دنيا ۾ ايندڙ هر نئين ساهواري جي پهرين ضرورت ”هوا” جنهن کي ساهه به چئي سگهجي ٿو. جڏهن ته ٻيا پڙهندڙ ۽ ڄاڻو دوست پنهنجي الڳ راءِ رکندا هوندا يا مورڳو ئي اڃا سچ ڪجهه ٻيو به ٿي سگهي ٿو. جڏهن هوا جي اهميت جي پاڻ کي خبر پئي ته, هتي اهو به لکندا هلون، هوا رڳو دنيا ۾ آيل نئين ڄاول ٻار لاءِ ضروري ناهي پر، ان جي ضرورت هر عمر ۽ هر قسم جي ساهواري کي پئي ٿي. جڏهن ته ”هوا” جا مثبت ۽ منفي اثر فطرت جي ٻين شين تي به پوندا هوندا.

عام طور تي پاڻ کي ”هوا” جو گهلڻ مناسب مقدار ۾ محسوس ٿيندو آهي، پر اها ڪڏهن وت کان وڌيڪ يا ڪڏهن تمام گهٽ گهلندي به محسوس ٿيندي آهي. ان جي گهلڻ ۽ نه گهلڻ توڙي گهٽ ۽ وڌ هجڻ جو احساس, ٻين ساهه وارن جي ڀيٽ ۾، انسان کي وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. جيڪڏهن اها زمين جي ڪنهن ٽڪڙي تي گهٽ هوندي آهي يا زمين کان مٿي وڃي طوفاني شڪل اختيار ڪرڻ لڳندي آهي ته, جانور کليل جاين ڏانهن ۽ انسان توڙي پکي مٿانهين جاين ڏانهن وڃڻ جون ڪوششون ڪندا آهن, جيئن هو اتان, پنهنجي لاءِ ”هوا” جو مقرر مقدار جھٽي سگهن. انهيءَ حوالي سان ڪجهه سائنسدانن جا هي به وچور آهن ته ”هوا” هر هنڌ موجود هوندي آهي پر, ڪٿي ٿوري هجڻ ڪري, اها پنهنجو گهلڻ گھٽائي ڇڏيندي آهي ۽ ڪٿي وري طوفاني شڪل ۾ وڌيڪ لڳندي محسوس ٿيندي آهي. بهرحال هوا جي اهڙين ٻنهي حالتن يعنيٰ ان جي گهٽ ۽ وڌائيءَ کي خطري جي گهنٽي سمجهيو ويندو آهي.

هاڻوڪي دئور ۾ کڻي انسان، پکن، ايئر ڪولرن ۽ ايئرڪنڊيشنن ذريعي ننڍن ننڍن ڪمرن ۽ گھرن ۾ هوائن کي هلائڻ ۽ گھلائڻ جا انتظام ڪيا آهن پر, انکان اڳ ٻُٽَن واري موسم (هڪ خاص موسم، جيڪا اسان وٽ هر سال اگسٽ کان سيپٽمبر تائين جاري رهندي آهي) انهن ڏينهن توڙي راتين ۾ ماڻهو تيسيتائين اڀي پير بيٺا هوندا هئا, جيسيتائين ”هوا” جو چڱو ڀلو جهوٽو نه لڳندو هئو يا ٿڪاوٽ سبب ننڊ جو گهيرٽ نه ايندو هئو. جڏهن ته ”هوا” گهٽ هجڻ ڪري ڪي پوڙها, معصوم ٻار ۽ ڪمزور يا بيمار ماڻهو منجهي مري به ويندا هئا. بهرحال جيئن ”هوا” جو گهٽ هجڻ ۽ ان جو نه گهلڻ, انسانن سميت سمورن ساهوارن لاءِ عذاب کان گهٽ ناهي, تيئن ان جو وڌيڪ هجڻ ۽ زور سان گهُلڻ به انهن ۽ ٻين لاءِ ڪيتريون ئي وڏيون مشڪلاتون کڻي ايندو آهي. پڙهندڙن کي اها بنيادي ڄاڻ ضرور هوندي ته, ”هوا” جي زور سان گهلڻ سان جيڪو طوفان ايندو آهي, ان سان نه رڳو ماڻهن جا ڪچا توڙي ڪکاوان گهر اڏامي ويندا آهن, انهن جون ضرورت واريون اڪثر شيون، ضايع به ٿي وينديون آهن، گڏوگڏ پکين جا آکيرا, انهن ۾ موجود سندن معصوم ٻچڙا به پنهنجو وجود بچائي ناهن سگهنداٖ، جانور به متاثر ٿيندا ۽ وڻ توڙي ٻوٽا به پاڙئون پٽجي ويندا آهن. مطلب ته، ڌرتيءَ تي ”هوا” جو مناسب مقدار ۾ هجڻ, سمورن ساهوارن توڙي ٻين شين لاءِ باعث رحمت ۽ ان جو گهٽ يا وڌ هجڻ باعث زحمت سمجهيو ويندو آهي.

جيئن ته ”هوا” جو ڪو رنگ ناهي هوندو, تنهن ڪري اها پاڻ کي ڏسڻ ۾ ناهي ايندي, پر ان جي داٻ مان اهو ضرور محسوس ٿيندو آهي ته, اها پنهنجي مقرر حد کان گهٽ وڌ يا پوري مقدار ۾ هلي ۽ گھلي رهي آهي. جيڪڏهن ”هوا” وڌيڪ هوندي آهي يا طوفاني شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي ته, ڪلن ۾ ٻڌل جانورن ۾ ٽاهه ڏٺو ويندو آهي، پکي پنهنجن ٻچن ۽ آکيرن کي ۽ انسان پنهنجين قيمتي شين کي بچائڻ واري ڪم ۾ لڳي ويندا آهن. ماضيءَ جون تاريخون ٻڌائين ٿيون، زوردار طوفانن سان ساهوارن جا وڏا وڏا نقصان ۽ سالن جون محنتون برباد ٿينديون رهيون آهن ۽ دنيا جي کوڙ سارن نسلن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ، وري وري ڪوششون ڪرڻيون پيون، جن ۾ ڪن گروهن، نسلن ۽ قومن پنهنجين همٿن سان ٻيهر ترقي ڪئي ته ڪي وري همٿ هارڻ سبب تباهه ۽ برباد ٿيندي به ڏٺا ويا.

ڌرتي

فطرت جو هڪ ٻيو اهم عنصر ”ڌرتي” آهي, جنهن جي مٿانهين سطح تي انسانن، جانورن ۽ پکين ۽ اندرين سطح ۾ جيت جڻن جي اڪثريت پنهنجي زندگي جيئندي رهي آهي, انهن سڀني مخلوقن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست به انهيءَ ساڳي ڌرتيءَ مان ئي ٿيندو آهي. هونئن ته فطرت جا ٻيا عنصر به جادوئي ڏيک ڏيندا رهيا آهن پر، ٻين عنصرن جي ڀيٽ ۾ ”ڌرتي” منجهه هڪ الڳ قسم جي طاقت اها به رهي آهي, جو رڳو ان جي مٿانهين سطح تان سمورن ساهوارن کي پنهنجن پنهنجن مقصدن ۽ مطلبن واريون غذائون يا کاڌ خوراڪ واريون شيون ملنديون رهيون آهن، پر ان جي اندر ۾ به سدا کان کرارن جا خزانا سمايل رهيا آهن, جن کي ڪڍي ڪڍي ۽ فائدا وٺي وٺي انسان ٿڪجي پيو آهي پر، اهي خزانا کٽڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. انسانن سميت ٻيا ساهوارا جيئن ته ڌرتيءَ تي ئي ڄمن, وڌن ۽ وڏا ٿا ٿين، تنهن ڪري ”ڌرتيءَ” کي سڀني ساهوارن جو مضبوط مرڪز به ڪوٺي سگهجي ٿو، پڻ انسان جي آڳاٽي دئور کان مختلف تحقيقن جو محور به اها ”ڌرتي” ئي رهي آهي.

جيئن ته اڳ ۾ به پاڻ لکي آيا آهيون ”ڌرتيءَ” جي مٿانهين سطح ساهوارن جي زندگين لاءِ وڏو انعام رهيو آهي پر، ان جي اندر ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي معدني شيون موجون هڻنديون رهيون آهن، جن مان ٻين ساهوارن ته صرف حياتيون گذارڻ لاءِ اڀري سڀري کاڌ خوراڪ تي گذارو ڪيو آهي، پر اشرف المخلوقات وارو لقب حاصل ڪندڙ انسان، صدين کان ان مان وڏا وڏا فائدا وٺندو رهيو آهي. انهن فائدن مان هڪ وڏو فائدو ته اهو آهي جو، انسان وڏي وقت کان ان ”ڌرتيءَ” منجهان هر قسم جا فصل اپائي، کائي ڍئو ڪندو رهيو آهي, جنهن کانپوءِ ان ۾ موجود ٻين لاتعداد قيمتي شين ۽ معدنيات جنهن ۾ هيرا, سون, چاندي, پلاٽينم، ٽامون, پتل, لوهه, ڪوئلو ۽ يورينيم کانسواءِ تيل, گئس ۽ مٺي پاڻيءَ سميت ٻين کوڙ سارين شين جا ذخيرا هٿ ڪري, پنهنجي سهوليتن لاءِ استعمال ڪرڻ سميت انهن جو ڪاروبار به ڪندو رهيو آهي.

جڏهن ته ”ڌرتيءَ” جي هڪ وڏي خوبي اها به رهي آهي ته سمورن ساهوارن جي آرام جي جاءِ به اها ”ڌرتي” ئي رهي آهي، جنهن جو هڪ مثال اهو آهي ته پکي، فضائن جا ڪيترا ئي سفر ڇو نه ڪندڙ هجن يا انسان کي پري پري تائين سفر ڪرڻ کانپوءِ آرام ۽ گھري ننڊ لاءِ کيس پنهنجي گهر جي ئي ضرورت پوندي آهي، جنهن جو موزون وجود ”ڌرتيءَ” تي ئي هوندو آهي، جڏهن ته انسان مختلف ڪم به ڌرتيءَ تي رهي ڪندو آهي. ٻيو ته انسان هن وقت تائين جيڪا به ترقي ڪئي آهي، اها سڄي جا سڄي ”ڌرتيءَ” جي هوند سبب آهي. بلڪه ايئن به چئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن انسان کي ”ڌرتيءَ” ۾ موجود شين تائين رسائي نه ٿئي ها ته، شايد انسان ايتري ترقي به نه ڪري سگهي ها.

فطرت ۾ ”ڌرتي” انسان لاءِ هونئن ته هر دئور ۾ وڏي ڪارج وارو عنصر رهيو آهي پر, ”ڌرتيءَ” جي هڪ خوبي اها به رهي آهي ته، ان مٿان اڀري آيل گاهه پٺي کي گڏ ڪري, جانورن کي کارائي, ان جو کير ۽ گوشت واپرائڻ، انهن جي کلن مان جوتن سان گڏ انسان ٻيون به قيمتي شيون ٺاهي، پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي ۽ پڻ ”ڌرتيءَ” جي مخصوص ٽڪڙن تي, پاڻ هرتو يا فطري طور تي اسري آيل اڪثر جڙي ٻوٽين مان پاڻ جھڙن انسانن, جانورن ۽ پکين جي مختلف بيمارين جا علاج به ڪندي نظر آيو آهي. جڏهن ته ”ڌرتيءَ” مان مٺا فصل به اپائي سگهجن ٿا, ته ڦڪا, ڪڙا, کٽا, لوڻياٺا ۽ تيز توڙي تکا فصل به. وڏي ڳالهه ته ساڳي ئي ”ڌرتي” سڻڀا فصل به ڏئي ٿي، ان مان اڻڀيون شيون به نڪري نروار ٿين ٿيون ۽ ڪپهه به انهيءَ ”ڌرتيءَ” مان ڦٽي نڪري ٿي, جنهن مان انسان ڪمال جو ڪم ڪري، ڪپڙو ٺاهي, صدين کان پنهنجا ۽ پرايا اگهاڙا انگ لڪائيندو ۽ عيب ڍڪيندو رهيو آهي.

پاڻي

فطرت جو ٽيون اهم عنصر يا طاقت ”پاڻي” کي چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو, جنهن سان ساهوارن کي جيئري رهڻ جو جواز ملي ٿو. ”پاڻيءَ” جي استعمال سان ساهوارن جي رڳن ۾ رت ڊوڙي کين جيئرو رکي ٿي. هونئن ته فطرت منجهه ظاهري طور تي ”پاڻيءَ” جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو, سمنڊ جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو پر، هڪ تحقيق موجب سامونڊي پاڻي, انسان تي ڪجهه ناڪاري اثر وجهندڙ هجي ٿو, ان جي واپرائڻ سان خاص طور تي چمڙيءَ سميت ٻيون جسماني بيماريون به جنم وٺن ٿيون. انهيءَ ڪري انسان ان پاڻيءَ تي ڀاڙڻ بدران مينهن جو پاڻي، جيڪو درياهن ۽ واهن ذريعي کيس آسانيءَ سان ميسر ٿئي ٿو, توڙي مينهاڳيءَ جي موسم ۾ زمين اندر ذخيرو به ٿئي ٿو, تنهن کي هو وڌيڪ واپرائي ٿو. هر سال ڌرتيءَ تي جيڪي مينهن پون ٿا, اهي ٿڌن علائقن جي ٿڌين موسمن ۾ برف جي شڪل اختيار ڪن ٿا ۽ اونهاري جي موسم ۾ سج جي گرميءَ سبب جڏهن برف جا اهي جبل رجي پاڻي بڻجي, درياهن، ندين ۽ واهن ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجن ٿا ته, ڪچي ۽ پڪي مٽيءَ وارين زمينن اندر توڙي ڍنڍن ڍورن ۾ ”پاڻيءَ” جا وڏا ذخيرا ٺهن ٿا. جن کي ماڻهو صديون اڳ کوهن ذريعي ۽ هاڻي هينڊ پمپن توڙي موٽرن ذريعي ڪڍي استعمال ڪندا رهن ٿا. جنهن سال مينهن گهٽ پوندا آهن, تنهن سال انسان کي سوڪهڙن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي, جنهن تي دنيا جي کوڙ سارن علائقن ۾ جهيڙا به ٿيندا آهن.

سمنڊ جي ڀيٽ ۾ زمين اندر ذخيرو ٿيل ”پاڻي” نه رڳو مٺو ٿئي ٿو پر, موسم جي لحاظ سان ان کي هروڀرو ٿڌو يا گرم ڪرڻ جي ضرورت به نه ٿي پوي. مثال طور اهو ”پاڻي” گرميءَ ۽ سياري جي موسمن ۾ سڄر يعني نيم گرم ٿي نڪرندو آهي. ان ”پاڻيءَ” کي سياري ۾ وهنجڻ يا ٻئي استعمال لاءِ گرم ڪرڻ يا اونهاري ۾ واپرائڻ لاءِ برف وجهڻ جي ڪا خاص ضرورت ناهي پوندي. مطلب ته زمين اندر ذخيرو ٿيل اهو ”پاڻي” هر موسم ۾ آرام سان استعمال جوڳو هوندو آهي. جيتوڻيڪ زمين جي ڪجهه حصن مان نڪتل اهو ”پاڻي” ٻاڙو يا ڪڙو به نڪري ٿو, پوءِ به اهو سامونڊي پاڻيءَ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ فائدي وارو ۽ ساهه وارن لاءِ مفيد سمجهيو ويندو آهي. جيئن ته هاڻي دنيا تمام گهڻي ترقي ڪري وئي آهي, انسان آر او پلانٽ ٺاهي ۽ لڳائي چڪو آهي ۽ مشينن ذريعي سمنڊ جي پاڻيءَ سميت جر جي ٻاڙي پاڻيءَ کي به پيئڻ لائق بڻائي چڪو آهي، پر پوءِ به مينهن دوران گڏ ٿيل يا ٿڌن علائقن ۾ جمع ٿيل برف جي رجڻ ڪري ندين, نالن ذريعي وهي ايندڙ توڙي زمينن ۾ ذخيرو ٿيل ”پاڻيءَ” سان ان جي ڀيٽ ڪبي ته, آر او پلانٽ جو صاف ٿيل پاڻي, پوءِ به استعمال ڪرڻ ۾ ٿورو ڪسو ۽ ڪسارو لڳندو آهي۔

بهرحال, بحث کي کٽائيندي اهو لکڻ ضروري آهي ته, ”پاڻي” جنهن به ذريعي سان حاصل ٿئي ٿو يا جنهن به صورت ۾ ملي ٿو, انسان سميت سمورا ساهوارا ان کي واپرائي زندگيءَ جا کوڙ سارا پل وڌائين ٿا. موجوده وقت ۾ ته پوري دنيا اندر ”پاڻيءَ” جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي, هاڻي ان کي رڳو پيئڻ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ نه پر صفائي سٿرائيءَ لاءِ به استعمال ۾ آندو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن فطرت مان ”پاڻيءَ” جھڙي وڏي نعمت نڪري وڃي ته, هوند صرف انسانذات نه پر سڪيءَ تي رهندڙ سمورا ساهوارا به گهڻو عرصو جيئرا رهي نه سگهندا، ۽ پڻ ”پاڻيءَ” جي کوٽ, مختلف فصلن جي پيدا ٿيڻ ۾ به وڏي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي. جڏهن ته اڪثر زميني ٽڪڙن تي جيڪا دل لڀائيندڙ ساوڪ نظر اچي ٿي, ان جو به هڪ سبب ”پاڻي” ئي آهي، جيڪو زمين جي اندر رهي، ساوڪ سان گڏ مختلف وڻن ۽ گاهن جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. مطلب ته ”پاڻي” فطرت جو هڪ اهم عنصر آهي, جنهن جي گهڻي عرصي تائين اڻاٺ وڻن، ٻوٽن ۽ گاهن سميت سمورن ساهوارن جي موتن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

سج

فطرت جو چوٿون ۽ آخري اهم عنصر ”سج” آهي، جيڪو ڌرتيءَ کان ڪروڙين ڪوهه پري, هجڻ باوجود فطرت جي اڪثر شين ۽ ساهه وارن لاءِ لازمي جز جيان اهميت رکندڙ آهي. سائنسي علم ان ڳالهه کان آگاهه ڪري ٿو ته، ”سج”, زمين ۽ ان تي موجود سمورين شين کان جيترو به پري يا ويجهو آهي, جيڪڏهن ان کان وڌيڪ پري ٿي وڃي يا وري جيترو ويجهو آهي، ان کان ٿورڙو ويجهو ٿي پوي ته، اهو فطرت ۾ موجود سڀني ساهوارن ۽ غير ساهوار شين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. لکڻ جو مقصد اهو آهي ته, ”سج” ڌرتيءَ کان جيتري به مفاصلي تي آهي, ان جو ان مفاصلي تي هجڻ ئي, فطرت ۽ سمورن ساهوارن ۽ غيرساهدار شين لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. ڇو ته ان جي ”روشني” جيتري وڌيڪ ويجهي يا پري ٿيندي, ان جا انسان ذات توڙي سمورن ساهه وارن جي اکين ۽ ٻين جسماني عضوون ۽ غير ساهوارين شين تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا. جڏهن ته ساڳئي صورتحال ”سج” جي ”گرمي” جي به آهي, جنهن جي ويجهي توڙي پري ٿيڻ جا به فطرت ۾ موجود سمورين شين ۽ جنسن تي ناڪاري اثر پوندا ۽ شايد دنيا ايئن نه رهي, جيئن پاڻ کي هاڻي نظر اچي ٿي. مطلب ته ”سج” جي موجوده بيهڪ فطرت ۾ موجود ساهوارن لاءِ ڪي قدر مناسب ماحول پئدا ڪري ٿي، جنهن ڪري ئي فطرت ۽ ان ۾ موجود اهم شيون صديون گذرڻ باوجود به جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم آهن.

”سج” بابت وڌيڪ اڀري سڀري ڄاڻ رکندڙن جو چوڻ آهي، جيئن ته ”سج” ٻن شين يعنيٰ ”گرمي” ۽ ”روشني” جو گڏيل مرڪب آهي. اتفاق سان فطرت مان ”سج” جي ”گرمي” ۽ ”روشني” يعنيٰ ٻنهي مان ڪنهن به هڪ شئي جو ٿورڙو اثر به گهٽجي وڃي, هوند فطرت ۾ يا ته اوندهه ڇائنجي ويندي يا سرديءَ جو راڄ قائم ٿي سگهي ٿو. جنهن سبب فطرت ۾ موجود ڪيتريون ئي شيون شايد ئي پنهنجو وجود قائم رکي سگهن ۽ پڻ انسان به پنهنجا ڪم اهڙي آسانيءَ سان نه ڪري سگهندو، جنهن آسانيءَ سان هاڻي تائين هو ڪندو رهيو آهي. ڇو جو ڏينهن ۾ ”سج” جي روشني, انساني جسم ۾ داخل ٿي, رات جي اونداهيءَ ۾ پلٽو کائي ٻاهر نڪري ويندي آهي, جنهن سبب انسان جي جسم ۾ موجود روز جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ هڪڙا نقصانڪار جيوڙا، روشني پوڻ سان ئي مري يا نڪري ويندا آهن، وري ٻيا جراثيم انساني جسم مان روشني۽َ جي نڪرڻ سان گڏ نڪري ويندا آهن- نتيجي طور ”سج” جي ”روشني” ۽ ”گرمي” ٻئي شيون روز جي بنياد تي انسان کي صحت مند رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن. اهڙيءَ طرح سج جي گرمي ۽ روشنيءَ جا مثبت ۽ منفي اثر فطرت ۾ موجود ٻين سمورين شين تي به پوندا آهن.

هي سٽون پڙهندي ڪجهه ماڻهن جي ذهنن ۾ هي سوال ضرور اڀرندو ته، دنيا جا ڪجهه هنڌ اهڙا به آهن، جتي ماڻهو هفتن يا مهينن تائين سج ناهن ڏسي سگهندا، ڇا اتان جا ماڻهو صحتمند ناهن؟ ته انهن لاءِ ٻه مثال ڏئي سگهجن ٿا. هڪڙو مثال اهو ته سج ڪڪرن ۾ ڍڪيل ئي سهي پر، سج جي ”روشنيءَ” ۽ ”گرميءَ” جا اثر اتي جي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽ شين تي ضرور پوندا آهن. ٻيو جنهن ڌرتيءَ جي ٽڪڙي تي هڪ شئي جي کوٽ هوندي آهي، ته فطرت اتي عارضي طور ڪنهن ٻي شئي سان ان جو پوراءُ ڪندي آهي. جيڪڏهن ”سج” فطرت مان مڪمل طور تي غائب ٿي وڃي, ته سمجهو دنيا ۾ ڪجهه عرصي کانپوءِ باهه يا ٻارڻ جي ٻين شين جو تصور به شايد ئي ختم ٿي ويندو, ڇو ته جيڪي شيون باهه کي ٻارڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن, اهي ئي سج جي ”روشنيءَ” ۽ ”گرميءَ” کان مڪمل طور محروم رهنديون ته, باهه ڪٿان ٻرندي؟ مطلب فطرت کي قائم رکڻ لاءِ, جتي ”سج” جي ”روشنيءَ” جي سخت ضرورت پوي ٿي, اتي ان جي ”گرمي” به ساڳئي ماحول کي توازن ۾ رکڻ سان گڏ، باهه پيدا ڪندڙ عنصرن جي ڀرپور مددگار ثابت ٿيندي آهي.

”سج” جي هڪ وڌيڪ خوبي اها به آهي، هي جيڪي پاڻ کي فطرت منجهه موجود مختلف شين ۽ جنسن ۾ وڻندڙ رنگ نظر اچن ٿا, اهي سڀئي ”سج” جي روشنيءَ جا ئي محتاج آهن. جنهن جو هڪڙو مثال هي آهي ته, انسان اونداهيءَ ۾ ڪنهن به رنگ جو صحيح اندازو لڳائي ناهي سگهندو. هتي اها ڳالهه لکڻ به ضروري آهي, ”سج” جي ”روشني” ۽ ”گرمي” ٻئي شيون فطرت اندر رهندڙ سمورن ساهوارن کي کوڙ سارين بيمارين کان بچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون. جنهن جو جديد طب ۾ هڪ مثال اهو ڏنو ويندو آهي ته, ”سج” جي روشنيءَ ۽ گرميءَ ۾ جهجهي مقدار ۾ وٽائمن ڊي موجود رهي ٿي ۽ ٿڌن علائقن جتي ”سج” تمام گهٽ نڪرندو آهي, اتي جنهن ڏينهن ”سج” پوري آب ۽ تاب سان نڪري نروار ٿيندو آهي, ان ڏينهن تي اتي جا ماڻهو سمنڊ ڪناري يا کليل جاين تي اڌوگابرا ڪپڙا اوڍي, سڄو ڏينهن ”سج” جي ”گرميءَ” ۽ ”روشنيءَ” سان پنهنجي جسم کي سيڪيندا آهن, يعني اهو ڏينهن سندن لاءِ عيد کان گهٽ ناهي هوندو. جڏهن ته زمين مان ڦٽندڙ سمورا فصل, گاهه, گل, ٻوٽا ۽ وڻ به ”سج” جي گرميءَ ۽ روشنيءَ جا گهُرجائو آهن. کوڙ سارا فصل ته گرمي گهٽ پوڻ سبب اناج گهٽ يا ميوا مٺاج به گهٽ ڏيندا آهن. جڏهن ته ڪجهه فصل وري گهٽ يا گهڻي سيءَ پوڻ ڪري مقدار کان گهٽ اُپت ڏيندا آهن. انهن مثالن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ”سج” نڪرڻ بند ٿي وڃي يا زمين جي وڌيڪ ويجهو يا پري ٿي وڃي ته, زمين مان کاڌ خوراڪ جا ڪيترائي فصل ۽ اناج پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي ويندا. ان سان گڏ جانورن جو گاهه ۽ چارو به شايد ئي ڦٽي سگهي, جنهن سان فطرت ۾ اڪثر جانورن جو وجود به گهٽجي سگهي ٿو. بهرحال، هيءُ مٿيون سڄو بحث, فطرت ۽ انجي چئن اهم عنصرن جي طاقتن بابت هئو, اڳتي هلي ٿورو بحث انهن عنصرن جي ڪمزورين بابت به ڪنداسين.

___________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button