Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

دادوءَ کي ڊويزن بڻائي ڪاڇو يونيورسٽي  ۽ ميڊيڪل ڪاليج ڏنا وڃن

دادو ضلعي جي شاگردن کي اعلي تعليم يعني يونيورسٽي سطح تي مڪمل سهولتون ميسر نه آهن ۽ هر سال غريب شاکرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن

عزيز ڪنگراڻي

دادو ضلعو تاريخ ۽ تهذيب جي لحاظ کان مهين جي تهذيب جو گَهَوارو آهي. ادبي، علمي ۽ تاريخي شخصيتن پڻ دادو ضلعي ۾ جنم ورتو آهي. دادو کي ڊويزن جو درجو نه هجڻ ڪري دادو ضلعي جو عوام ڊويزن سطح تي سرڪاري سطح تي ڪمن ڪارين ۾ وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي. نه صرف ايترو پر ڊويزن نه هجڻ ڪري دادو ضلعي جي شاگردن کي اعلي تعليم يعني يونيورسٽي سطح تي مڪمل سهولتون ميسر نه آهن ۽ هر سال غريب شاکرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن. ان کانسواءِ دادو جا شاگرد ۽ شاگراڻيون ميڊيڪل ڪاليج ۽ امتحاني بورڊ جي سهوليت کان محروم آهن ته عوام صحت جي اهم سهولتن کان محروم آهي. ميڊيڪل ڪاليج ۽ خاص طور يونيورسٽي نه هجڻ ڪري دادو ضلعي جون اڪثر شاگردياڻيون ايم اي يا ايم ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن سرندي وارن يا اها سهولت برداشت ڪري نياڻين کي يونيورسٽي سطح تي پڙهائڻ لاءِ موڪلن ٿا پر غريبن جا ٻار خاص طرح نياڻيون وڌيڪ پڙهي نه ٿيون سگهن. دادو کي ڊويزن جو درجو ملڻ سان عوام انتظامي ۽ تعليمي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.

انتظامي جوڙ جڪ

انتظامي لحاظ کان دادو کي ڊويزن جو درجو ڏئي هيٺين ريت ضلعا ۽ تعلقا قائم ڪيا وڃن.

1، سيوهڻ ڄامشوري کان ڌار ڪري ان کي ضلعو جوڙي، سيوهڻ، ڀان سعيد آباد ۽ جهانگارا باجارا تعلقا شامل ڪيا وڃن.

2، ميهڙ کي ضلعي جو درجو ڏئي ان ۾ ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ ۽ ڪَڪَڙ تعلقا شامل ڪيا وڃن.

3، دادو ضلعي ۾ دادو، جوهي ۽ واهي پانڌي تعلقا شامل ڪيا وڃن.

تعليمي جوڙجڪ

1، دادو ڊويزن جوڙي دادو ۾ ڪاڇو يا دادو نالي سان مڪمل يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ موجوده يونيورسٽي ڪئمپس کي ضم ڪيو وڃي.

2، سيوهڻ ۾ عبدﷲ شاھ نالي دل جي اسپتال کي وڌائي ان کي ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ڏئي صحت جا ٻيا شعبا قائم ڪري دادو ڊويزن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. يا وري دادو اسپتال جو درجو وڌائي ميڊيڪل ڪاليج ۽ ان کي ٽيچنگ اسپتال بڻايو وڃي جيڪا حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ تجويز ڪيل سڀني ضلعن لاءِ سهوليت واري يا سولي رهندي.

3, دادو ڊويزن ۾ دادو ميهڙ ۽ سيوهڻ ضلعن لاءِ امٿحاني بورڊ قائم ڪري هڪ وڏي عوامي آبادي کي اهم سهوليت مهيا ڪئي وڃي.

4، دادو ڊويزن جوڙي ان کي انجينئرنگ ڪاليجن پڻ ڏنو وڃي.

حڪومت سنڌ کي هن سلسلي ۾ اپيل آهي ته دادو ضلعي جي عوام کي ڄاڻايل مشڪلاتن جي پيش نظر سهوليت فراهم ڪرڻ لاءِ دادو کي ڊويزن جو درجو ڏنو وڃي.

___________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button