ڪامريڊ نيھا بورا: ترقي پسند شاگرد سياست جو اڀرندڙ آواز
نيھا جو تعلق اتراکنڊ سان آهي ۽ هوءَ ٿيٽر ۽ پرفارمنس اسٽڊيز سان وابسته آهي. هن دهلي يونيورسٽي مان بي اي ۽ امبيڊڪر يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪئي. نيھا بورا جو سياسي پس منظر هندستان جي کاٻي ڌر جي شاگرد سياست سان جڙيل آهي. ھُوءَ انقلابي، سياسي ۽ نظرياتي ڌارا ۾ سرگرم رهي آهي. هوءَ جواهر لال نهرو يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ډي جي شاگردياڻي آهي ۽ آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي قومي صدر آهي. آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ-ليننسٽ) لبريشن جي شاگرد ونگ آهي.

سنڌيڪار:خاصخيلي لطيف راولاڻي
نيھا بورا هندستان جي نئين نسل جي نمايان شاگرد اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿي. هوءَ جواهر لال نهرو يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ډي جي شاگردياڻي آهي ۽ آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي قومي صدر آهي. آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ-ليننسٽ) لبريشن جي شاگرد ونگ آهي.
نيھا جو تعلق اتراکنڊ سان آهي ۽ هوءَ ٿيٽر ۽ پرفارمنس اسٽڊيز سان وابسته آهي. هن دهلي يونيورسٽي مان بي اي ۽ امبيڊڪر يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪئي. نيھا بورا جو سياسي پس منظر هندستان جي کاٻي ڌر جي شاگرد سياست سان جڙيل آهي. ھُوءَ انقلابي، سياسي ۽ نظرياتي ڌارا ۾ سرگرم رهي آهي. سندس سياست ۾ شاگردن جا حق، برابري واري تعليم تائين پهچ، سماجي انصاف ۽ جمهوري آزادين جهڙا موضوع نمايان آهن.
نيھا بورا کي موجوده حالتن ۾ ملڪ گير سطح تي ان وقت وڌيڪ شهرت ملي جڏهن هوءَ دهليءَ ۾ شاگردن جي احتجاج ۽ NEET-UG سان لاڳاپيل بي قاعدگين خلاف جدوجهد ۾ شامل ٿي ۽ سخت موقف اختيار ڪيائين.
ان دوران هن ٻين ڪارڪنن سان گڏ ڊگھي بک هڙتال ڪئي، جيڪا 23 ڏينهن تائين جاري رهي. ان احتجاج هن کي هندستاني نوجوانن ۽ شاگردن وچ ۾ هڪ نمايان آواز بڻائي ڇڏيو.
سندس جدوجهد جو هڪ اهم پهلو اهو آهي ته هوءَ محض يونيورسٽي ڪيمپس تائين محدود نه رهي پر تعليم، امتحاني نظام ۽ نوجوانن جي مستقبل بابت اهم سوالن کي عوامي بحث جو حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. سندس موقف آهي ته تعليم جو نظام محض امتحانن ۽ ڊگرين جو معاملو ناهي پر اھا سماجي مساوات، موقعن جي منصفاڻي ورڇ ۽ نوجوان نسل جي مستقبل سان سڌو سنئون جڙيل آهي.

نيھا بورا هڪ طرف ٿيٽر ۽ پرفارمنس جي شاگردياڻي آهي، ٻئي طرف هوءَ احتجاجي سياست ۽ شاگرد تنظيم سازيءَ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سندس تقريرن، سياسي اظهار ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرميءَ کيس نوجوانن جي هڪ وڏي حلقي ۾ نمايان ڪيو آهي. موجوده احتجاج دوران سندس تقريرن ۽ ڊگھي بک هڙتال سندس سياسي سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. سندس سياسي اهميت کي هندستان جي موجوده شاگرد تحريڪ جي وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گھرجي.
هندستان ۾ شاگرد سياست جي هڪ ڊگھي روايت رهي آهي جنهن آزاديءَ جي جدوجهد کان وٺي جي پي تحريڪ (جئه پرڪاش نارائڻ)، ايمرجنسي مخالف جدوجهد ۽ بعد جي مختلف سماجي ۽ سياسي احتجاجن تائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نيھا انهيءَ روايت جي نئين نسل جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿي، جتي يونيورسٽي، تعليم، روزگار، سماجي انصاف ۽ جمهوري حقن جا سوال هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.
نيھا جا حامي کيس هڪ مضبوط ۽ متحرڪ نوجوان اڳواڻ طور ڏسڻ چاھين ٿا، جڏهن ته سندس نقاد هن جي سياسي وابستگين ۽ نظرياتي موقف تي تنقيد ڪن ٿا.
هندستان ۾ ترقي پسند سياست جي تحريڪ سان اختلاف کي پاسيرو ڪري ڏسجي ته اها حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته نيھا موجوده هندستاني شاگرد سياست ۾ هڪ نمايان نالو بڻجي چڪي آهي. سندس 23 ڏينهن جي بک هڙتال ۽ شاگردن جي مسئلن تي مسلسل آواز اٿارڻ ۽ ڪيل جدوجهد کيس قومي سطح تي سڃاڻپ ڏني آهي.
نتيجي طور، نيھا بورا کي صرف هڪ شاگرد اڳواڻ طور نه پر هندستان جي نئين نسل جي سياسي بيداري، مزاحمت ۽ شاگردن جي حقن جي جدوجهد جي هڪ اهم نمائنده آواز طور ڏسي سگهجي ٿو. هن جي سياسي زندگي اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي، پر ھنن واقعن کيس هندستان جي کاٻي ڌر جي شاگرد سياست ۾ هڪ اهم ۽ اڀرندڙ چهرو بڻائي ڇڏيو آھي
نيھا جي جدوجھد جاري آھي ان مان پتو پوي ٿو ته ايندڙ وقت ۽ مستقبل نوجوانن جو آھي جيڪي پاڻ ئي پاڻ وڌي ڪري انقلاب جي رستي تي اچن ٿا ۽ اھي چاھين ٿا ته دنيا کي بدلائجي .
____________

ليکڪ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



