Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيه ــ انسانيت جو اَمر خدمتگار

راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا شڪارپور جي ڌرتيءَ کي نه رڳو سڃاڻپ ڏني، پر ان کي علاج، خدمت، همدردي ۽ محبت جو مرڪز بڻايو.

اوڌوداس تاراچند جو سڀ کان وڏو ۽ يادگار ڪارنامو شڪارپور ۾ هڪ جديد اسپتال جو قيام هو. ھيءُ اهو زمانو هو، جڏهن علاج جون سهولتون اڻپوريون هيون، دوائون ناياب هيون ۽ ماڻهو معمولي بيمارين ۾ به زندگي وڃائي ويهندا هئا

هن پنهنجي نالي کي اسپتال جي چانئٺ جي هر ڏاڪي تي لکرايو. جڏهن کانئس ان جو سبب پڇيو ويو ته هن انتهائي درد ڀريو ۽ روح کي ڇهندڙ جواب ڏنو:

”جڏهن ڪو مريض شفا ماڻي منهنجي نالي مٿان گذرندو ته منهنجي آتما کي شانتي ملندي.“

مُشتاق ٽانوري

سنڌ جي تاريخ اهڙن روشن ۽ امر نالن سان ڀري پئي آهي، جن پنهنجي زندگي ذاتي مفادن بدران انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙا ماڻهو وقت جي رڻ ۾ اميد جا ڏيئا ٻاري وڃن ٿا، جن جي روشني نسلن تائين راهه ڏيکاريندي رهي ٿي. اهڙن ئي مهان انسانن مان هڪ نالو آهي راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا جو، جنهن شڪارپور جي ڌرتيءَ کي نه رڳو سڃاڻپ ڏني، پر ان کي علاج، خدمت، همدردي ۽ محبت جو مرڪز بڻايو.

اوڌوداس تاراچند جو جنم شڪارپور جي تاريخي علائقي هاٿي در ۾ ٿيو. سندس اصل نالو اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا هو. پنهنجي نيڪ نيت، دل جي سخاوت ۽ انسان دوستي سبب هو سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ احترام سان سڃاتو ويندو هو. سندس شخصيت ۾ اهڙو نور هو، جو جنهن سان مليو، متاثر ٿي ويو. شڪارپور جي سماجي تاريخ ۾ سندس نالو سون جي اکرن سان لکيل آهي، ڇو ته هن شهر کي اهڙو تحفو ڏنو، جيڪو اڄ به هزارين بيمار دلين لاءِ اميد جو ڏيئو بڻيل آهي.

اوڌوداس تاراچند جو سڀ کان وڏو ۽ يادگار ڪارنامو شڪارپور ۾ هڪ جديد اسپتال جو قيام هو. ھيءُ اهو زمانو هو، جڏهن علاج جون سهولتون اڻپوريون هيون، دوائون ناياب هيون ۽ ماڻهو معمولي بيمارين ۾ به زندگي وڃائي ويهندا هئا. اهڙي ڏکي دور ۾ اوڌوداس تاراچند انسانيت جي خدمت جو عظيم مثال قائم ڪيو. هن پنهنجي آرام، دولت ۽ صحت کي به نظرانداز ڪري بيمارن لاءِ شفا جو گهر ٺاهڻ جو خواب ساڀيان ۾ آندو. شڪارپور ريلوي اسٽيشن روڊ تي قائم راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال جي پيڙهه جو پٿر 30 اپريل 1933ع تي سکر جي سڄاڻ ڪليڪٽر مسٽر ايڇ. ٽي. سورلي رکيو ۽ 2 فبروري 1935ع تي اسپتال ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ بمبئي پرڳڻي جي گورنر لارڊ بريبورن پنهنجي هٿن سان ان جو افتتاح ڪيو. هن عظيم منصوبي لاءِ اوڌوداس تاراچند بمبئيءَ مان ٻاويهه هزار اٺ سؤ ڇاهٺ روپيا چندو گڏ ڪيو. اهو ڪم سولو نه هو. هڪ طرف ملڪ سياسي افراتفري جو شڪار هو، ورهاڱي واري تحريڪ جو زور هو، ٻئي طرف سندس پنهنجي صحت به ساٿ نه پئي ڏنو. بمبئيءَ ۾ چندي گڏ ڪرڻ واري مهم دوران اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس سرهري ڪشنداس اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو، پر هن پنهنجي تڪليفن کي به انسانيت جي خدمت آڏو معمولي سمجهيو. اوڌوداس تاراچند لاءِ هي اسپتال رڳو سرن ۽ سيمينٽ جي عمارت نه هئي، پر انسانيت جي خدمت جو مندر هئي. هن پنهنجي نالي کي اسپتال جي چانئٺ جي هر ڏاڪي تي لکرايو. جڏهن کانئس ان جو سبب پڇيو ويو ته هن انتهائي درد ڀريو ۽ روح کي ڇهندڙ جواب ڏنو:

”جڏهن ڪو مريض شفا ماڻي منهنجي نالي مٿان گذرندو ته منهنجي آتما کي شانتي ملندي.“

اهو جملو اوڌوداس جي دل جي ڌڙڪن جو ترجمان هو. هن پنهنجي نالي کي فخر لاءِ نه، پر دعا بڻائڻ چاهيو.

هن شاندار خدمت جي اعتراف طور انگريز سرڪار پاران 1935ع ۾ اوڌوداس تاراچند کي ”راءِ بهادر“ جو اعليٰ خطاب ڏنو ويو. 17 جنوري 1943ع تي سندس وفات کان پوءِ اسپتال جو انتظام سندس پٽ سنڀاليو، جڏهن ته پهرين جولاءِ 1947ع تي هي اسپتال سرڪار جي تحويل ۾ آئي. اڄ اها ئي اسپتال ”سول اسپتال شڪارپور“ جي نالي سان اتر سنڌ جي وڏي اسپتال طور هزارين بيمارن کي زندگيءَ جي اميد ڏئي رهي آهي.

اوڌوداس تاراچند رڳو سماجي خدمتگار نه، پر هڪ حساس دل شاعر به هو. سندس شاعريءَ ۾ انسانيت جو درد، بيمارن لاءِ دعا ۽ رب سان التجا سمايل آهي. سندس هي شعر اڄ به اسپتال جي ديوارن تي سنگ مرمر ۾ اُڪريل آهي، جيڪو هر مريض لاءِ دعا بڻجي ٿو:

سڀن جا دُک دور ڪر سڀ جو ڪر ڪلياڻ،

دانهون دُکين جون ٻڌي مالڪ ٿي مهربان،

ٻڌ عرضي “اوڌو” جي ڏي تندرستي دان.

هي شعر اوڌوداس جي روح جي صدا آهي، جنهن ۾ هر ڏکويل لاءِ دعا ۽ هر بيمار لاءِ اميد سمايل آهي.

بيشڪ، راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اهڙو مهان انسان هو، جنهن پنهنجي نالي کي دولت سان نه، پر خدمت سان زنده رکيو. شڪارپور جي ڌرتي اڄ به سندس احسانن جي امين آهي ۽ سول اسپتال شڪارپور سندس امر يادگار بڻجي انسانيت جي خدمت ۾ مصروف آهي. اوڌوداس تاراچند جهڙا ماڻهو صديون پيدا ٿيندا آهن، پر سندن نالا دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهندا آهن.

_______________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button