Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪراچي يا لاهور؟ ٻئي شھر ھڪ الڳ جَھانُ آھن، سندن ڀيٽ ڪرڻ بيوقوفي آھي

لاهور جو ماحول عشق ۽ حسن وارو آهي. لاهور ۾ رنگ آهن، ديوانگي آهي ۽ زنده دلي آهي. ڪراچي خوابن ۽ تعبير جو شھر آهي. ڪراچيءَ ۾ جستجو آهي، سفر آهي، ۽ سنجيدگيءَ جو معراج آهي. لاهور ۾ مغل تاريخ ۽ طرزِ تعمير جا داستان پکڙيل آهن ته ڪراچيءَ ۾ گوٿڪ ۽ وڪٽورين آرڪيٽيڪچر جون يادگيريون بلنديءَ تي آهن. لاهور باغن جو شهر آهي. لاهور ۾ هڪ کان وڌيڪ خوبصورت باغ آهن. ڪراچي سمنڊ ۽ جزيرن جو شهر آهي. ڪراچيءَ ۾ موجود سمنڊ صرف ڪلفٽن ۾ ناهي… هر شڪل، صورت ۽ بيهڪ جو سمنڊ توهان کي ڪراچيءَ جي مختلف ڪُنڊن ۾ ملندو.

انفراسٽرڪچر جو معاملو شهر يا ان جي رهواسين سان ناهي، بلڪه چونڊن جي شفافيت ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو. ان لحاظ کان پنجاب جي بدترين کان بدترين حڪومت جي ڪارڪردگي به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کان هزار ڀيرا بهتر آهي.

ٻئي شهر پاڪستان جا سڀ کان اهم شهر آهن. انهن جو مقابلو ڪري نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا مرده لاشن کان سواءِ ڪجهه به ناهن، جيڪي محبت جا قبرستان ڏسڻ چاهين ٿا پر نخلستان نه.

ليکڪا: طيبا سيد

مون کان اڪثر اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته ڪراچي ڪهڙو شهر آهي؟ ته مان جواب ۾ ڪراچيءَ جون اهي مثبت ڳالهيون ٻڌائيندي آهيان جيڪي ميڊيا ناهي ٻڌائيندي، بلڪه ان جي ابتڙ ئي ڏيکاريندي آهي.

۽ اڄڪلهه جڏهن مان لاهور ۾ گهمڻ لاءِ آيل آهيان ته مون کان اهو سوال ڪيو پيو وڃي ته لاهور سٺو آهي يا ڪراچي؟

مون لاهور ۾ ٽي سال نوڪري ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندي مون کي چار سال ٿي ويا آهن… پر مون کي اڃا تائين ان “يا” جي تُڪ سمجهه ۾ ناهي آئي.

ٻئي شهر پنهنجي پاڻ ۾ هڪ الڳ جهان آهن ۽ انهن جو پاڻ ۾ تقابلي جائزو وٺڻ فني ۽ غير فني طور هڪ بيوقوفاڻي حرڪت آهي.

“لاهور” جي وائب (ماحول) “عشق ۽ حسن” واري آهي. لاهور ۾ رنگ آهن، ديوانگي آهي ۽ زنده دلي آهي.

“ڪراچي” جي وائب “خواب ۽ تعمير” آهي. ڪراچيءَ ۾ جستجو آهي، سفر آهي، ۽ سنجيدگيءَ جو معراج آهي.

لاهور ۾ مغل تاريخ ۽ طرزِ تعمير جا داستان پکڙيل آهن ته ڪراچيءَ ۾ گوٿڪ ۽ وڪٽورين آرڪيٽيڪچر جون يادگيريون بلنديءَ تي آهن.

لاهور باغن جو شهر آهي. لاهور ۾ هڪ کان وڌيڪ خوبصورت باغ آهن.

ڪراچي سمنڊ ۽ جزيرن جو شهر آهي. ڪراچيءَ ۾ موجود سمنڊ صرف ڪلفٽن ۾ ناهي… هر شڪل، صورت ۽ بيهڪ جو سمنڊ توهان کي ڪراچيءَ جي مختلف ڪُنڊن ۾ ملندو.

لاهور پاڪستان جي دل آهي ۽ ڪراچيءَ کي ننڍو پاڪستان (Mini Pakistan) چيو ويندو آهي. ڪراچي ايترو وڏو شهر آهي جو پاڪستان جا سڀ ڪلچر (ثقافتون) هن شهر ۾ ملندا. ۽ ڪيتريون ئي ثقافتون ته اهڙيون آهن جيڪي صرف توهان کي ڪراچيءَ ۾ ئي ملنديون.

لاهور ۾ توهان دل لڳائي سگهو ٿا، دلين جو رقص ملهائي سگهو ٿا. ۽ ڪراچي خواب ڏسندڙن جي اک آهي. تاريخ دان ڪڏهن به شهرن جي اهڙي ڀيٽ ناهن ڪندا جيڪا هڪ کي ٻئي تي برتري ڏئي.

مان ڪراچيءَ ۾ خواب کڻي ويٺي آهيان ته مون کي ڪراچي شھر پنهنجن خوابن جي تڪميل ڪندي نظر اچي ٿو. مان لاهور اچان ٿي ته اهو مون کي منهنجي اصل سان، منهنجي پنجاب جي ڪلچر سان جوڙي ڇڏي ٿو. ٻنهي شهرن جا پنهنجا پنهنجا فائدا ۽ نقصان آهن.

ڪراچي بزنس جي معاملي ۾، فيشن جي معاملي ۾، شوبز جي معاملي ۾، ۽ تعميري سوچ جي لحاظ کان گهڻو اڳتي آهي. زنده دلانِ لاهور جا رهواسي به خواب کڻي ڪراچي ايندا آهن. ڪراچيءَ ۾ ترقيءَ جا موقعا وڌيڪ آهن ۽ سڀني لاءِ آهن.

لاهور ۾ جيڪا رعنائي آهي، هلچل آهي ۽ ولولو آهي، ۽ خاص طور تي ان جو ديسي ماحول ۽ پنهنجائپ، ڪنهن کي اهو محسوس ٿيڻ ناهي ڏيندي ته هو پرديس ۾ آهي. البته ڪراچيءَ جي تيز رفتار زندگيءَ ۾ دوستن جي هوندي به پرديس وارو احساس تمام شدت سان محسوس ٿيندو آهي. انهن ٻنهي شهرن ۾ مون کي ته مهمان نواز ماڻهو تمام گهڻا مليا آهن، البته لاهوري ان ۾ نمبر کڻي وڃن ٿا. ٻنهي شهرن ۾ طرزِ زندگي انتهائي مختلف آهي، ان ڪري بہ سندن ڀيٽ ڪرڻ مشڪل ئي نہ پر ناممڪن جهڙو ڪم آهي.

لاهور جي کاڌن جو ذائقو تمام سٺو هوندو آهي پر کاڌن ۾ ورائٽي (قسمن) جي حساب سان ڪراچيءَ جو ڪو مِٽ ناهي. اتي ايترن قسمن جا کاڌا آهن جن جا نالا به صرف ڪراچيءَ ۾ ئي ٻڌا هوندا.

ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائم اوترو ئي آهي جيترو پاڪستان جي باقي شهرن ۾ آهي، پر ڪراچيءَ جي وڏن وڏن ميڊيا هائوسز اهڙيون خبرون نشر ڪيون آهن جو ڪراچي، جنهن جي آبادي ڪروڙن ۾ آهي، ان جي ڏوهن جي شرح ھڪ لک آباديءَ واري شھر سان ڀيٽي ويندي آھي جنھن سان خوف پکڙجي ٿو.  

ڪراچيءَ جي ميڊيا هائوسز ڪڏهن به عوام کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ته ڪاغذن ۾ ڪراچي هڪ شهر آهي پر ان جون جيوگرافيائي حقيقتون کيس ڪنهن به شهر کان نمايان ڪن ٿيون. هي هڪ رياست جي سائيز جيترو وڏو آهي. پوري پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي شرح جي ڀيٽ ڪجي ته پوءِ به سمجهه ۾ اچي ٿو. البته لاهور ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ خاص طور تي هراسمينٽ (حراسان ڪرڻ) جي معاملي ۾ حڪومت تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. ڪراچيءَ ۾ عورت وڌيڪ آزاد، خودمختيار ۽ مضبوط آهي.

انفراسٽرڪچر جو معاملو شهر يا ان جي رهواسين سان ناهي، بلڪه چونڊن جي شفافيت ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو. ان لحاظ کان پنجاب جي بدترين کان بدترين حڪومت جي ڪارڪردگي به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کان هزار ڀيرا بهتر آهي.

۽ ڪراچيءَ جي چونڊن جو معاملو به پاڪستان جي باقي شهرن کان مختلف آهي. ڪراچي پنهنجي مرضيءَ جو ووٽ ڏئي به پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت حاصل نٿو ڪري سگهي. ڪراچيءَ ۾ انفراسٽرڪچر تڏهن بهتر ٿيندو جڏهن ڪراچيءَ کي پنهنجي الڳ اليڪٽورل (چونڊن واري) حيثيت حاصل ٿيندي.

ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪراچيءَ ۾ کُنڊرات (ويرانو) نظر اچن ٿا. ڪراچيءَ جون عمارتون جديد طرزِ تعمير جي حساب سان تمام خوبصورت آهن. ڪراچيءَ ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر جون اهڙيون عمارتون آهن جن کي ڏسي دبئي جو گمان ٿيندو آهي. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي ڪلچر سان گڏوگڏ ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪلچر به تمام گهڻو نظر اچي ٿو.

لاهور جي برسات انسان جي جسماني ۽ نفسياتي صحت تي تمام سٺو اثر وجهندي آهي… دل باغ باغ ٿي ويندي آهي.

آخري ڳالهه

ٻنهي شهرن جي ساراھ ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي جو هڪ تحرير ۾ سميٽي نٿو سگهجي. ۽ منفي ڳالهيون ٻنهي شهرن بابت ڪرڻ وارا تمام گهڻا ماڻهو آهن… پر مان ته محبت ڪرڻ واري آهيان، اهو منهنجو شعبو ناهي.

ٻئي شهر پاڪستان جا سڀ کان اهم شهر آهن. انهن جو مقابلو ڪري نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا مرده لاشن کان سواءِ ڪجهه به ناهن، جيڪي محبت جا قبرستان ڏسڻ چاهين ٿا پر نخلستان نه.

_______________

ھيءُ ليک فيس بُڪ تي سِٽي اف گارڊنس جي پيج تان سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلي ھيٺ کنيو ويو آھي. اردوءَ مان ترجمو: جيمناءِ، ايڊيٽنگ: نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button