سنڌ جون گُم ٿيل نوادرات: تهذيبي ورثي جي ڦُرلُٽ ۽ عالمي قانون
ڇا لنڊن، دهلي ۽ دنيا جي ٻين عجائب گھرن ۾ يرغمال ٿيل سنڌ جا تاريخي نوادرات موٽي سگهندا؟
دنيا جي قديم تهذيبن جو تاريخي ورثو اڪثر نوآبادياتي دور جي لٽ مار، بي بنياد ورهاست ۽ سمگلنگ سبب پنهنجي ڌرتيءَ کان پري مختلف عالمي عجائب گھرن جي زينت بڻيل آھي. سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي سنڌو سڀيتا جا ناياب تحفا جھڙوڪ موهن جي دڙي جي جڳ مشهور ‘ناچڻي’، چانهونءَ جي دڙي جا ناياب اوزار ۽ مهرون بہ دهلي، لنڊن، بوسٽن ۽ خود پنھنجي ملڪ اندر ٻين صوبن جي عجائب گھرن ۾ بند آهن. سنڌ جي واسطيدار کاتي انھن نوادرات کي واپس حاصل ڪرڻ جي اڄ تائين ڪابہ ڪوشش ڪانہ ڪئي آھي. انھيءَ جي ڀيٽ ۾ تازو لنڊن مان ڪمبوڊيا کي 18 قديم نوادرات واپس ڪرڻ ۽ انھيءَ کان اڳ مصر ۽ ڪجھ ٻين آفريقي ملڪن پاران پنهنجا سوين نوادرات موٽائي وٺڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته عالمي قانون ۽ سفارتي ڪوششن ذريعي، لٽيل تهذيبي ورثو واپس ورائي سگهجي ٿو.

نصير اعجاز
تازو ٻن ڳالھين ڌيان ڇڪايو. ھڪ خبر ھئي ڪمبوڊيا مان، جنھن موجب برطانيا مان ارڙھن نوادرات ڪمبوڊيا کي موٽائي ڏنيون ويون آھن. ٻي تصوير ھئي محترما شيرين زنئور جي، جنھن جي آمريڪا ۾ سانا واري پروگرام ۾ ڊانس واري فوٽوءَ سان موھن جي دڙي واري ڊانسنگ گرل جو فوٽو لڳائي سوشل ميڊيا تي رکيو ويو ھو. موھن جي دڙي جي ڊانسنگ گرل جو فوٽو ڏسي ياد آيو تہ جڏھن سردار شاھ پھريون ڀيرو سنڌ جي ثقافت وارو وزير بڻيو تہ ڪراچيءَ ۾ نيشنل ميوزيم واري سندس آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪري کيس تجويز ڏني ھيم تہ سندس کاتو، دھليءَ جي ميوزيم ۾ رکيل اصل ڊانسنگ گرل جي واپسيءَ لاءِ پرڏيھي وزارت جي معرفت لکپڙھ شروع ڪري. سردار شاھ ان ڳالھ سان اتفاق بہ ڪيو، پر اڄ تائين ان ڏس ۾ ڪوبہ عملي قدم ڪونہ کنيو ويو.
گذريل سال انڊيا جي اوڙيسا رياست جي ھڪ ليکڪ سان ڪچھريءَ ۾ جڏھن ڊانسنگ گرل جي ڳالھ نڪتي تہ ھُن چيو تہ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت جڏھن ملڪيتن جي ونڊ ورڇ ٿي رھي ھئي ھئي تہ ھڪ ٺاھ تحت قديم آثارن مان لڌل نوادرات جي بہ ورڇ ٿي ھئي، ۽ ڊانسنگ گرل انڊيا جي حصي ۾ آئي ھئي. انھيءَ ڏس ۾ بعد ۾ ڪجھ ٻين دستاويزن مان بہ اھڙي خبر پئي تہ حيران ٿي ويس تہ ھڪڙي قوم جي قديم آثارن جي نوادرات جو ننڍي کنڊ جي جاگرافيائي ورڇ سان ڪھڙو واسطو؟
اصل ۾ تاريخ جي مختلف دورن ۾ قديم آثارن جي کوٽائي ڪندڙن ۽ نوآبادياتي حاڪمن جاگرافيائي علائقن جي تهذيبي ورثي کي لٽي پنهنجن ملڪن، ميوزمن ۽ ذاتي مجموعن جي زينت بڻايو. اها هڪ بين الاقوامي سچائي آهي ته ميسوپوٽيميا، مصر، يونان، ۽ سنڌو سڀيتا سميت ڏکڻ ايشيا جي قديم تهذيبن جون نشانيون اڄ لنڊن، پئرس، نيويارڪ ۽ نئين دهليءَ جي عجائب گھرن ۾ بند آهن.
تازو لنڊن جي ميٽروپوليٽن پوليس پاران 18 قديم خمر (Khmer) يادگارن ۽ نوادرات کي ڪمبوڊيا جي سفارتخاني حوالي ڪرڻ واري خبر عالمي سطح تي ان عمل جي تصديق ڪري ٿي ته تاريخي طور تي لٽيل يا غيرقانوني طريقي سان منتقل ٿيل تهذيبي پونجي پنهنجي اصل بڻ بڻياد ۽ سرزمين ڏانهن موٽڻ جو حق رکي ٿي. ان کان اڳ مصر وارا به پنهنجا سوين نوادرات فرانس، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن مان ڪاميابيءَ سان واپس حاصل ڪري چڪا آهن. پر جڏهن اسان پنهنجي سنڌ ديس جي پنج هزار سال قديم تهذيب ڏانهن نهاريون ٿا، ته ان ڏس ۾ خاموشي ۽ بي حسي ملي ٿي. سنڌ جا اَمُلھ نوادرات اڄ بہ عالمي توڙي ملڪي سطح تي باندي بڻيل آهن، جنهن تي نہ مقامي سطح تي ڪا جامع پاليسي جڙي سگهي آهي ۽ نه ئي عالمي قانوني پليٽ فارمن تائين پنهنجو مقدمو پيش ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي قديم نوادرات جو هڪ وڏو حصو ان وقت يورپ ۽ خاص طور تي برطانيه منتقل ٿيو جڏهن 1920 واري ڏهاڪي ۾ سر جان مارشل جي سرپرستيءَ هيٺ موهن جي دڙي، هڙپا ۽ چانهونءَ جي دڙي جي کوٽائي شروع ٿي. ان دور جي نوآبادياتي پاليسين تحت کوٽائيءَ مان لڌل نوادرات کي برطانوي هندستان ۽ لنڊن موڪلڻ لاءِ ورهايو ويندو هو. ڪيتريون ئي نوادرات پرڏيھي ريسرچر پان سان بہ کڻي ويندا رھيا. نتيجي ۾، موهن جي دڙي ۽ سنڌ جي ٻين قديم آثارن مان لڌل سوين مهرون، تراشيل پٿر، ٺڪر جا ٿانوَ، زيور ۽ مورتيون اڄ لنڊن جي برٽش ميوزيم ۽ پئرس جي ميوزيم جي مختلف گيلرين يا اسٽورن ۾ بند آهن. ان کان علاوه 1930 واري ڏهاڪي ۾ آمريڪي آثارِ قديمه ماھر ارنيسٽ مئڪي نوابشاهه واري چانهونءَ جي دڙي جي کوٽائي ڪئي تہ ان کوٽائيءَ مان لڌل بھترين نوادرات، جنهن ۾ مڻيا ٺاهڻ جا اوزار، هٿيار، رنگين صراحيون ۽ خاص طور تي ٽامي جو خوبصورت رُٿ شامل آهي، واشنگٽن ۽ پنسلوانيا يونيورسٽي ميوزيم سان گڏ آمريڪا جي ميوزيم آف فائن آرٽس، بوسٽن وٽ محفوظ آهن، جيڪي سنڌ ڏانهن ڪڏهن به واپس نه موٽايا ويا.
عالمي سطح کان علاوه، ننڍي کنڊ ۽ پنهنجي ئي ملڪ اندر سنڌ سان ٿيل ناانصافي به گهٽ ناهي. 1947۾ جڏهن ورھاڱو ٿيو، ته ان وقت نوادرات جي ورڇ پڻ تڪراري بڻجي وئي. ان سلسلي جو سڀ کان حيران ڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ داستان موهن جي دڙي مان لڌل جڳ مشهور ٽامي جي ناچڻي ۽ ڪِنگ پريسٽ (پروهت) جي مجسمي جي ورڇ واري ڪهاڻي آهي. ورھاڱي وقت عجيب فيصلو ڪيو ويو ته هڪ شئي انڊيا ڏانهن ۽ ٻي پاڪستان ڏانهن ويندي. نتيجي ۾، موهن جي دڙي جي سڀ کان شاهڪار ۽ ناياب علامت ناچڻيءَ جو مجسمو نئين دهليءَ جي نيشنل ميوزيم ۾ رکيو ويو، جڏهن ته پروهت جو مجسمو پاڪستان جي نيشنل ميوزيم، ڪراچي منتقل ٿيو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ناچڻي نه صرف سنڌو تهذيب جي ڌاتُوءَ مان شيون ٺاھڻ واري فن جو شاهڪار آهي پر اها سنڌ جي ميراث جو روح آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين دهليءَ ۾ رکيل آهي.
ساڳئي وقت، جڏهن ملڪي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ مان اسلام آباد منتقل ٿيو، ته موهن جي دڙي، هڙپا ۽ ٻين قديم ماڳن مان لڌل وڏي تعداد ۾ نوادرات، جنهن ۾ ناياب مهرون، ٺڪر جون مورتيون، ٿانوَ ۽ اوزار شامل هئا، اسلام آباد ميوزيم، ٽيڪسيلا ميوزيم، لاهور ميوزيم ۽ پشاور ميوزيم ڏانھن منتقل ڪيا ويا، جيڪي ارڙهين آئيني ترميم ھيٺ آثارِ قديمه جو کاتو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي باوجود اڃا تائين اسلام آباد يا ٻين صوبن وٽ پيا آهن ۽ پنهنجي اصل وارث، يعني سنڌ جي تحويل ۾ نه آيا آهن.
بين الاقوامي سطح تي اهڙن قديم نوادرات کي پنهنجي اصل وطن ڏانهن واپس آڻڻ لاءِ واضح قانون موجود آهن. ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم اقوام متحده جي اداري يونيسڪو جو 1970 وارو ڪنوينشن آهي، جنهن کي Convention on the Means of Prohibiting and Preventing the Illicit Import, Export and Transfer of Ownership of Cultural Property چيو ويندو آهي. هي قانوني دستاويز هر ان ملڪ کي عالمي حق ڏئي ٿو جتان غيرقانوني طريقي سان، يا نوآبادياتي ڏاڍ هيٺ نوادرات کنيون ويون هجن، ته اهي سفارتي ۽ قانوني چينلن ذريعي واپس وٺي سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ 1995 جو UNIDROIT ڪنوينشن پڻ لٽ مار ۽ سمگل ٿيل ثقافتي ورثي کي پنهنجي اصل مُلڪ ڏانهن واپس ڪرائڻ لاءِ بين الاقوامي قانون آھي. ڪمبوڊيا، مصر، گرينلئنڊ، نائجيريا ۽ اتر آفريقا جي ملڪن انهن ئي بين الاقوامي معاهدن، يونيسڪو جي ثالثي ۽ بين الاقوامي پوليس (انٽرپول) جي آرٽ ۽ اينٽيڪس يونٽن جي مدد سان پنهنجا گم ٿيل نوادرات ٻيهر حاصل ڪري ورتا آهن.
ھاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته سنڌ پنهنجي يادگارن کان محروم ڇو آهي ۽ اهي نوادرات سنڌ ڏانهن ڪيئن موٽائي سگهجن ٿا؟ ان لاءِ سڀ کان پھرين سنڌ جي ثقافت ۽ آثارِ قديمه واري کاتي کي گهرجي ته اهو هڪ جامع ڊجيٽل ڪئٽلاگ ترتيب ڏئي، جنهن ۾ موهن جي دڙي، چانهونءَ جي دڙي، آمري، ڪوٽڏجي، منصورہ ۽ جهڪر جي دڙن ۽ ٻين ماڳن مان لڌل انھن سمورن نوادرات جي تفصيلي لسٽ شامل ھجي، جيڪي عالمي يا ملڪي ميوزمن ۾ موجود آهن. جڏهن آرڪيالاجيڪل ثبوت، کوٽائيءَ جا پراڻا رجسٽر ۽ نوادرات جي هٿ اچڻ جون دستاويزي شاهديون سنڌ وٽ مرتب هونديون، ته پوءِ پهريون مرحلو ٻين ملڪن جي حڪومتن ۽ يونيسڪو جي ھڪ ڪميٽيءَ وٽ باقاعده ڪيس داخل ڪرڻ هوندو.
بين الاقوامي سفارتڪاريءَ جي سطح تي پنهنجا نوادرات واپس وٺڻ لاءِ سنڌ کي ثقافتي سفارتڪاريءَ جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. لنڊن جي برٽش ميوزيم، آمريڪا جي بوسٽن ميوزيم ۽ انڊيا سان رابطو ڪري 1970 جي يونيسڪو ڪنوينشن تحت لکپڙھ ڪري سگهجي ٿي. هندستان سان بہ رابطا ڪري ڳالھين ذريعي ثقافتي مٽاسٽا جي رٿائن، سنڌ جي ڊانسنگ گرل جي مجسمي ۽ ٻين شين کي واپس ياعارضي بنيادن تي سنڌ ۾ نمائش لاءِ آڻڻ جا يادداشت ناما صحيح ڪري سگهجن ٿا. جڏهن ته ملڪ جي مختلف صوبن ۽ وفاق وٽ پيل سنڌ جي نوادرات کي موٽائڻ لاءِ ارڙهين آئيني ترميم ۽ قومي ورثي جي قانونن کي بنياد بڻائي، بين الصوبائي رابطا ڪميٽين ذريعي اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور ميوزيمن تي پنهنجي تاريخي امانتن جي تحويل لاءِ سياسي ۽ قانوني دٻاءُ وڌائي سگهجي ٿو.
پنهنجي تاريخي پونجيءَ کي موٽائي آڻڻ رڳو ملڪيت وٺڻ جو معاملو ناهي، پر اهو پنهنجي تهذيبي سڃاڻپ، قومي وقار ۽ تاريخي تسلسل کي بحال ڪرڻ جو معاملو آهي. جيسين سنڌ جو واسطيدار کاتو، تحقيقي ادارا، ۽ بين الاقوامي قانون جا ماهر هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي، ڪمبوڊيا ۽ مصر وانگر، عالمي ايوانن ۾ پنهنجو آواز نه اٿاريندا، تيسين سنڌ جا بي بها نوادرات پرڏيھي عجائب گھرن ۾ بند رهندا ۽ موهن جي دڙي جي ناچڻي پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي خوشبوءِ کان محروم رهندي.
________

نصير اعجاز ڪراچيءَ م رھندڙ صحافي آھي



