پنجاب مان آيل مسيحي برادريءَ جو ڪراچيءَ جي تعمير ۾ ڪردار
ڪراچيءَ جي تاريخ جو سڀ کان اهم، متحرڪ ۽ پر نظرانداز ٿيل باب اها “پنجابي مسيحي برادري” آهي، جنهن ويھين صديءَ جي اوائل ۾ وچ پنجاب جي پوئتي پيل گوٺن جي مظلوميت مان نڪري هن شهر کي پنهنجو مسڪن بڻايو ۽ ان جي بلدياتي، تعليمي ۽ طبي ڍانچي کي سنڀالڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو.

جيتوڻيڪ موجوده نسل ۾ اعليٰ تعليم جي شرح وڌي آهي ۽ نوجوان آءِ ٽي، بينڪنگ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ نالو ڪمائي رهيا آهن، پر هيءَ برادري هاڻي به شديد سماجي ۽ سياسي محرومين جو شڪار آهي. توهينِ مذهب جي الزامن جي دائمي خوف ۽ سڪيورٽي خدشن جي ڪري سندن وسندين ۾ هڪ خاموش ۽ ڊپ واري فضا نظر اچي ٿي. لياري گينگ وار جي دور ۾ سلاٽر هائوس جي تاريخي ڪوارٽرن مان عيسائي خاندانن کي وڏي پيماني تي بي دخل ٿيڻو پيو. اهوئي ڪارڻ آهي جو هن برادريءَ جو پڙهيل لکيل طبقو هاڻي تيزيءَ سان ڪينيڊا، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا ڏانهن هجرت ڪري رهيو آهي.
تحرير: ابراهيم صالح محمد
روشنين جو بندرگاهي شهر ڪراچي پنهنجي جيو اسٽريٽجڪ مقام، گھڻ ماڙ عمارتن ۽ معاشي توڙي مالياتي مرڪز طور ته سڄي دنيا جي نظرن ۾ رهندو آهي. پر هن شهر جي وجود جي تعمير ۽ جوڙجڪ جو اصل تاڃي پيٽو انهن گمنام، جفاڪش ۽ محروم طبقن جي رت ۽ پگهار سان جڙيل آهي، جن خاموشيءَ سان هن شهر جي صفائي، عوامي صحت ۽ بنيادي سلامتيءَ جا بنياد رکيا.
ورھاڱيکان اڳ وارو ڪراچي هڪ اهڙو گھڻ ثقافتي گلستان هو، جتي پارسي، يهودي، هندو، مسلم، اينگلو انڊين ۽ گوائي ڪيٿولڪ عيسائي برادريون آباد هيون. پر هن شهر جي تاريخ جو سڀ کان اهم، متحرڪ ۽ نظرانداز ٿيل باب اها “پنجابي مسيحي برادري” آهي، جنهن وچ پنجاب جي پوئتي پيل گوٺن جي مظلوميت مان نڪري هن ساحلي شهر کي پنهنجو مسڪن بڻايو ۽ ان جي بلدياتي، تعليمي ۽ طبي ڍانچي کي سنڀالڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو.
پنجابي مسيحي برادريءَ جو پس منظر اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات (1870ع کان 1930ع) جي وچ وارن سالن ۾ پنجاب جي ضلعن (سيالڪوٽ، گجرانوالا، شيخوپوره ۽ گرداسپور) ۾ جنم وٺندڙ هڪ وڏي سماجي ۽ مذهبي تحريڪ سان جڙيل آهي. برطانوي راڄ ۽ ان دور جي جاگيردارانه نظام جي اثر هيٺ، سخت ۽ ظالماڻي ذات پات واري نظام هن دليت طبقي کي “اڇوت” بڻائي رکيو هو، جن کي نه زمين جي مالڪيءَ جو حق حاصل هو ۽ نہ ئي تعليم جي ايوانن ۾ قدم رکڻ جي اجازت هئي.

جڏهن برطانوي ۽ آمريڪي مشنريز پنجاب جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪيون، ته هن مظلوم طبقي نسلي ذلت کان نجات ۽ انساني وقار جي تلاش ۾، اجتماعي طور تي مسيحيت قبول ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن کي تاريخي اصطلاح ۾ وڏي پئماني تي مذهب جي تبديليءَ واري ھلچل (Mass Conversion Movement) چيو ويندو آهي. عيسائيت جي دائري ۾ اچڻ ۽ بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن برادريءَ نئين زندگيءَ جي تلاش ۾ برطانوي حڪومت جي هٿ هيٺ اڀرندڙ صنعتي ۽ تجارتي پورٽ سٽي ڪراچيءَ جو رخ ڪيو.
ڪراچي جي سرزمين تي پير رکندي ئي هن جفاڪش برادريءَ شهر جي زندگيءَ کي روان دوان رکڻ جو ڏکيو ذمو کنيو. مردن ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (KMC) تحت سينيٽري ورڪرز طور گهٽين، رستن ۽ زمين اندر نالن جي نظام کي سنڀاليو، ته ٻئي طرف هن برادريءَ جي عورتن تعليم ۽ تربيت تي غير معمولي ڌيان ڏنو.
سندن ڌيئرن ۽ ڀينرن وڏي پيماني تي نرسنگ ۽ تدريس جو پيشو چونڊيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي تاريخي مشنري اسڪولن ۽ وڏن سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، جناح اسپتال ۾ پنجابي عيسائي عورتن جو ڪردار صحت جي نظام جي ريڙهه جي هڏي بڻجي ويو.
جاگرافيائي پسمنظر ۾، پاڪستان ٺھڻ وقت هن برادريءَ جو سڀ کان وڏو مرڪز ۽ ڳڙھ لياريءَ جوسلاٽر يارڊ روڊ (ٽينري روڊ ۽ ڪميلا سان ملحقہ علائقو) هو. سن 1916ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن پنهنجي سينيٽري عملي لاءِ هتي باقاعده پڪا ڪوارٽر قائم ڪيا هئا، جتي نسل در نسل مقيم رهي هن برادريءَ پنهنجي وجود سان هن شهر کي رونق ۽ صفائي بخشي.
سن 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي سانحي ۽ ان کان پوءِ جي سالن ۾ ڪراچيءَ جو ڊيموگرافڪ نقشو تيزيءَ سان بدلجي ويو. 1971ع تائين پنجابي مسيحي برادريءَ جو چوٿون نسل پڙهي لکي باقاعده مڊل ڪلاس جو حصو بڻجي چڪو هو ۽ اهي سينيٽريءَ جي روايتي، سخت ڪم کي ڇڏي ٻين سفيد پوش پيشن (ڪلارڪ، بينڪر، ۽ استاد) ڏانهن منتقل ٿي رهيا هئا.
صفائيءَ جي شعبي ۾ پيدا ٿيندڙ هن خلا کي ڀرڻ لاءِ، مختلف دورن ۾ هندستان جي علائقن مهاراشٽر، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ مان ايندڙ دليت هندو برادرين (والميڪي ۽ چُهڙا برادري) جي وڏي تعداد ڪراچيءَ ڏانهن هجرت ڪئي. اهي ماڻهو اڪثر لياريءَ جي مضافاتي ڪوارٽرن ۽ ڪچين آبادين ۾ مقيم ٿيا ۽ سينيٽريءَ جي پيشي سان وابسته ٿي ويا. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڪراچي جي بلدياتي ادارن ۾ عيسائي برادريءَ سان گڏوگڏ وڏي تعداد ۾ هندو سينيٽري ورڪرز به نظر اچن ٿا، جن جي تاريخ هن معاشي هجرت سان جڙيل آهي.
پنجابي مقامي عيسائي برادريءَ ۽ انهن جي حقن جي جدوجهد پاڪستان کي اهڙيون شخصيتون ڏنيون جن قانون، ليبر موومينٽ، تعليم ۽ انساني حقن جي شعبن ۾ اڻمٽ نقش ڇڏيا.
جئسٽس اي آر ڪارنيليس (Justice A.R. Cornelius): جيتوڻيڪ سندس تعلق سڌو سنئون ڪراچي جي مزدور طبقي سان نه هو، پر پنجاب جي هن عظيم عيسائينزاد قانوندان پاڪستان جي عدالتي تاريخ کي وقار بخشيو. ھُو ملڪ جو چوٿون چيف جسٽس بڻيو ۽ اقليتن، مزدورن ۽ پيڙھيل طبقن جي تحفظ لاءِ اهڙا فيصلا ڪيا جو اڄ به قانون جو فخر آهن. ھُو قائدِ اعظم محمد علي جناح جي بااعتماد ساٿين ۾ شامل هو.
ڪرامت علي (مزدور اڳواڻ): ڪرامت علي ڪراچي جي ليبر هسٽري ۾ سينيٽري ورڪرز ۽ اقليتي مزدورن جي حقن جو سڀ کان سگھارو آواز بڻيو. جيتوڻيڪ ھُو ملتان جي مسلم گھراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ مارڪسي فڪر سان وابسته هو، پر ھن پنهنجي سموري جدوجهد عيسيٰ نگري ۽ لياري جي عيسائي ۽ دليت ملازمن جي معاشي تحفظ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي ڪري محنت ڪش طبقو کيس پنهنجو مسيحا مڃيندو هو.
پروفيسر مائيڪل جاويد: ڪراچي جي عيسائي ڪچين آبادين ۽ بلدياتي ملازمن جي حقن جو وڏو علمبردار ھو. ھن عيسيٰ نگري ۽ لياري جي ڪوارٽرن ۾ رهندڙ اقليتي ملازمن کي پڪيون نوڪريون ۽ ڪوارٽرن جا مالڪاڻا حق ڏيارڻ لاءِ ڊگھي قانوني ۽ سياسي جنگ وڙهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو.
جي چوهدري (J. Chaudhry): ڪراچي جي ليبر موومينٽ جو گمنام هيرو، جنھن 1970ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ ڪي ايم سي (KMC) جي سينيٽري ورڪرز کي باقاعده يونينز جي شڪل ۾ منظم ڪري سندن حقن لاءِ آواز اٿاريو.
ڊاڪٽر رٿ فائو جي فرسٽ لائن ٽيم ۽ سسٽر برنارڊائن: ڊاڪٽر رٿ فائو جي قيادت ۾ ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر” (MALC) تحت لياري ۽ ماتيلا جي گندن نالن وٽ جذام (ڪوڙهه) جي مريضن جي خدمت ڪندڙ پيرا ميڊڪس ۽ نرسن جي ٽيم ۾ وڏو تعداد پنجابي مسيحي عورتن ۽ جوانن جو هو، جن پنهنجيون جانيون جوکم ۾ وجھي پاڪستان مان ڪوڙهه جو خاتمو ڪيو.
پنجاب مان جڏهن هيءَ برادري هجرت ڪري ڪراچيءَ آئي، ته پاڻ سان گڏ پنجاب جي مٽي، زبان، لوڪ رنگ ۽ روايتون به کڻي آئي. سندن مذهبي تقريبون مغربي عيسائيت جي بدران خالص ديسي ۽ مقامي رنگ ۾ رنگيل هونديون آهن:
ڪرسمس ۽ “تاري دا فيرا”: ڊسمبر جي شروعات کان ئي ڪراچي جي عيسائي وسندين ۾ بانس ۽ چمڪدار ڪاغذ مان هڪ وڏو تارو ٺاهي گهٽين ۾ گهمايو ويندو آهي، جنهن کي پنجابيءَ ۾ “تاري دا فيرا” چيو ويندو آهي. نوجوان سڄي رات ڍولڪ جي ٿاپ تي بائيبل جي ڪتاب “زبور” (Psalms) جا ديسي گيت ڳائيندا آهن.
ايسٽر ۽ روزن جو مهينو: ايسٽر کان اڳ چاليهن روزن دوران وسندين ۾ پرهيز جو منظرهوندو آهي. “گڊ فرائيڊي” تي ڪاري لباس ۾ مرثئي نما گيت ڳايا ويندا آهن، جڏهن ته ايسٽر جي صبح شمعون روشن ڪري مسيح جي قيامت جو جشن ملهايو ويندو آهي.

ميلادِ مسيح: مقامي مسلم آباديءَ جي روايتن وانگر هيءَ برادري به “ميلادِ مسيح” (ڪرسمس) جا پرشوڪت جلوس ڪڍندي آهي، جن ۾ گاڏيون، لاؤڊ اسپيڪرز ۽ بائيبل جا منظر سجايا ويندا آهن.
گذريل آدم شماريءَ مطابق، ڪراچي ۾ عيسائي برادري ڪل آباديءَ جو تقريبن 2.14 کان 2.2 سيڪڙو آهي، جيڪا شهر جي سڀ کان وڏي اقليت آهي. انهن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جو لساني ۽ خانداني تعلق پنجاب سان ئي آهي. لياريءَ جي پراڻن ڪوارٽرن مان نڪري هيءَ برادري هاڻي گلشنِ اقبال جي عيسيٰ نگري (جيڪا 1962ع ۾ قائم ٿي)، اختر ڪالوني، محمود آباد ۽ ڪورنگيءَ جي مسيح ڪالونيءَ ۾ آباد آهي.
جيتوڻيڪ موجوده نسل ۾ اعليٰ تعليم جو تناسب وڌيو آهي ۽ نوجوان آئي ٽي، بينڪنگ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ نالو ڪمائي رهيا آهن، پر هيءَ برادري هاڻي به شديد سماجي ۽ سياسي محرومين جو شڪار آهي. توهينِ مذهب جي مبينه الزامن جي دائمي خوف ۽ سڪيورٽي خدشن جي ڪري سندن وسندين ۾ هڪ خاموش ۽ ڊپ واري فضا نظر اچي ٿي. لياري گينگ وار جي دور ۾ سلاٽر هائوس جي تاريخي ڪوارٽرن مان عيسائي خاندانن کي وڏي پيماني تي بي دخل ٿيڻو پيو. اهوئي ڪارڻ آهي جو هن برادريءَ جو پڙهيل لکيل طبقو هاڻي تيزيءَ سان ڪينيڊا، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا ڏانهن هجرت ڪري رهيو آهي.
ڪراچي جي تاريخ هن جفاڪش پنجابي مسيحي برادري، انهن جي معمارن ۽ اڳواڻن جي ذڪر کان سواءِ اڌوري ۽ بي رنگ آهي. ھنن اڇوتپڻي جو تاريخي داغ مٽائڻ لاءِ هڪ نئون مذهبي رستو چونڊيو ۽ ڪراچي جي گهٽين کي پنهنجي رت ۽ پگهر سان ڌوئڻ کان وٺي اسپتالن ۾ بيمار انسانيت جي خدمت تائين، هن شهر کي وقار بخشيو، اهو شهرِ قائد جو انمول اثاثو آهي.
تاريخ صرف فاتحن ۽ وڏن محلن ٺاهڻ وارن جي ناهي هوندي، پر انهن خاموش ۽ پيڙھيل طبقن جي به هوندي آهي جن پنهنجن لڦون ٿيل هٿن سان تهذيبن جي صفائي ڪئي ۽ ڪراچي کي سچ پچ روشنين جو شهر بڻائڻ لاءِ پنهنجا نسل قربان ڪري ڇڏيا .
_______________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



