Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سنڌ جي وحدت خلاف سازشون: عوام ڊگھي جدوجھد لاءِ تيار ٿئي

سنڌ جي وحدت مٿان وار ڪيو ويو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ڪا به قرباني ڏيڻ کان ھرگز ڪونه ڪيٻائيندا، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، زمينن ۽ معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد ۾ عوامي ڪانفرنس

حيدرآباد

عوامي  تحريڪ جي پندرھين آگسٽ 2026 تي حيدرآباد ۾ سڏايل “عوامي ڪانفرنس” ۾ جاري ڪيل ھڪ گڏيل پڌرنامي ۾ سنڌ جي عوام کي سڏ ڏنو ويو تہ مادرِ وطن جي وحدت خلاف سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ  عوام ڊگھي جدوجھد لاءِ تيار ٿئي. پڌرنامي ۾ واضھ ڪيو ويو تہ سنڌ جي وحدت مٿان وار ڪيو ويو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ڪا به قرباني ڏيڻ کان ھرگز ڪونه ڪيٻائيندا.

پڌرنامي جو متن

ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورا سياسي اڳواڻ، اديب، دانشور، وڪيل، صحافي، شاگرد، مزدور، هاري، آبادگار، سول سوسائٽي ۽ مختلف فورمن جا نمائندا، سنڌ جا گھڻگھرا ۽ ھڏڏوکي ان ڳالھ تي متفق آھيون ته ھن وقت اسان جي تاريخي وطن سنڌ جو وجود، وسيلا ۽ قومي بقا سخت خطري ۾ آھن. اسين پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، حڪمران طبقي ۽ اشرافيه کي اھو واضح ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي. سنڌ اسيمبلي اھا پھرين اسيمبلي ھئي جنھن 1940جي قرارداد تحت پاڪستان جي حق ۾ ٺھراءُ پاس ڪيو ۽ سنڌ 1947ع ۾ ھڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست طور پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1940 جي قرارداد ۾ اھو پڻ واضح لکيل آھي ته پاڪستان ۾ شامل وحدتون آزاد ۽ خودمختيار ھونديون، وفاق وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا، پر گذريل 79 سالن کان ملڪ تي قابض اسٽيبلشمينٽ، حڪمران طبقي ۽ مخصوص اشرافيه 1940جي قرارداد تي عمل ڪرڻ بدران طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري مارشلائون ھڻندا، نالي ماتر لوليون لنگڙيون جمھوري حڪومتون ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا، پسند جا حڪمران آڻيندا، رات وچ ۾ نيون پارٽيون ٺاھيندا رھيا آھن.

اسٽيبلشمينٽ جي انهن پاليسين ئي ملڪ کي هڪ ڀيرو اڳ ۾ ٻه اڌ ڪيو هو، بنگال کي زوري زبردستي جدا ڪيو ويو، ملڪ کي ايترو نقصان ڏيڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ساڳي ئي ملڪ دشمن پاليسي تي عمل پيرا آهي. حڪومتون آڻڻ ۽ ڪيرائڻ جو اھو سلسلو اسٽيبلشمينٽ طرفان اڄ به جاري آھي. ملڪ تي قابض اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران طبقي پاڪستان ۾ شامل قومن ۽ انھن جي حقن ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھڻي حق حڪمراني ڪرڻ جو حق کسي ورتو آهي.

سنڌ جو عوام اها ڳالهه سمجهي ٿو ته ون يونٽ خلاف جدوجهد هجي، ايم آر ڊي جي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ هجي، سنڌ جي حصي جي پاڻي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ، ڀاشا ڊيم سميت غيرقانوني ڊيمن، ڪينالن ۽ بئراجن جي مخالفت هجي، عدليه جي آزادي جي جدوجهد هجي، سنڌ اندر ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ جي سازش هجي يا سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ قدرتي معدني وسيلن تي رياست طرفان قبضي جو مسئلو هجي سنڌ هميشه ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين ۽ ڪراچي کان ڪارونجهر تائين هڪ ئي آواز ٿي سنڌ جي وسيلن، وحدت، جمهوريت ۽ انصاف جي بچاءَ جي لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد لاءِ اڳين صفن ۾ رھي آهي ۽ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندي رهندي آئي آھي۔ تنهنڪري موجوده اسٽيبلشمنٽ سنڌين جي ان بي مثال ڪردار کي نظر ۾ رکندي ڪروڙين سنڌين جي گڏيل زوردار پرامن جمهوري جدوجهد کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورھائي ڪمزور ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي ته جيئن سنڌ جي پاڻي، سامونڊي پٽي سميت لکين ايڪڙ زمينن، سمورن قدرتي وسيلن تي ڪا زوردار مخالفت سامهون نه اچي، ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ پنھنجن خاص الخاص نمائندن اشرافيه ٽولي، سرمائيدارن، مسلم ليگ جي وفاقي حڪومت، ڪجھ اردو ميڊيا جي چينل جي مالڪن، اينڪرن، تجزيه ڪارن، يوٽيوبرن ۽ اي آر وائي معرفت ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ نون صوبن/يونٽن ٺاھڻ جي پروپئگنڊا مھم ھلرائي آهي. ان ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن مھم ملڪ جي عوام ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ وڌيڪ بي يقيني ۽ بي چيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. سنڌ ۾ ٻيھر ايم ڪيو ايم جھڙي سفاڪ، دھشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولي معرفت رتو ڇاڻ ڪرائڻ جي سازش تيار ڪئي پئي وڃي ۽ حڪمرانن جي آشيرواد سان ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد سرعام ميڊيا تي هٿيار کڻڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن.

سنڌ اسان جو تاريخي وطن ۽ ھن ملڪ جو خالق صوبو آھي. ان کي نون صوبن /يونٽن جي آڙ ۾ ٽوڙي ٽُڪر ٽُڪر ڪرڻ دراصل ڪراچي جيڪو سنڌ جي دل ۽ گادي جو هنڌ آھي، ان کي الڳ ڪري ڪروڙين سنڌين کان پنهنجو تاريخي شهر ڦرڻ جي سازش آھي. اڳ سڌيون مارشلائون لڳائي آئين تي راتاها هڻي قومن جي حقن، وسيلن، شهرن، ٻولين تي قبضو ڪيو ويندو رهيو آهي. هاڻ اسٽيبلشمينٽ مارشلائن جي جاءِ تي هائبرڊ نظام ۽ منپسند سياستدانن کي اقتدار ڏيئي ان معرفت آئين ۾ پنهنجي مطلب جي ترميمن ذريعي قومن جي حقن، وسيلن ۽ شهرن تي قبضو ڪري سندن وجود کي ميساريو وڃي. جنهن جي شروعات 26هين ۽ 27هين ترميم ذريعي ٿي چڪي آهي جنهن تحت عدليا کي مڪمل طور غلام بڻايو ويو آهي. 27هين ترميم کانپوءِ 28هين ترميم جون تياريون شروع آهن. 28هين ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي وار جي سازش ٿي چڪي آهي. جنهن جي شروعات ڪراچي سميت سموري سامونڊي پٽي کي وفاق حوالي ڪرڻ آهي. جيڪڏهن سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ لاءِ ڏنڊي جي زور تي آئيني ترميمون آڻي سنڌ کي صوبن يا يونٽن ۾ ورهائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي تڏهن به سنڌ جو عوام پنهنجي تاريخي وطن کي ورهائڻ جي سازش برداشت نه ڪندو.

اسين بخوبي ڄاڻون ٿا ته سنڌ شاھوڪار خطو ۽ معدني وسيلن سان مالامال آھي، عالمي سامراجي ملڪن ۽ سامراجي ادارن جون نظرون سنڌ جي معدنيات تي آھن، پاڪستان جا حڪمران نون صوبن / يونٽن جي آڙ ۾ سنڌ جي معدنيات تي قبضو ڪري، معدنيات عالمي سامراجي قوتن حوالي ڪرڻ چاھين ٿا.

سنڌو درياءَ اسان جي جياپي جو واحد وسيلو آھي. گذريل ڏيڍ صدي کان سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو ھو، اھو وڌيڪ تيزي ۽ سفاڪيءَ سان جاري آھي. پاڻيءَ جي منصفانہ ورڇ لاءِ جيڪي معاھدا ٿيا، پنجاب جي حڪمران طبقي انھن مان ڪنھن تي به عمل ناھي ڪيو. ٻه ڌاڙيل واھ تونسه پنجند ۽ چشمه جھلم لنڪ ڪينال، جيڪي صرف ٻوڏ دوران سنڌ جي اجازت سان کولڻا آھن، اھي ٻارھوئي زور زبردستي کولي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، مٿان وري ٻين ڪينالن ۽ ڊيمن ٺاھڻ جي نون منصوبن ۽ پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. تازو غير قانوني ۽ غير آئيني طاقت جي زور تي ٺاھيل جلالپور ڪينال کولي وھائي ڇڏيائون. سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي وڌيڪ  ڌاڙو ھڻڻ لاءِ مختلف ڪينالن ۽ ڊيمن وسيلي سنڌ جو پاڻي مڪمل بند ڪري، سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن کي پاڻي جي ڦُڙي ڦُڙي لاءِ تڙپائي مارڻ ۽ نسل ڪشي ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آھي. جيڪڏھن ھاڻي ٻيا وڌيڪ ڪينال ۽ ڊيم ٺاھيا ويا ته سنڌ جون سون جھڙيون آباد ۽ زرخير زمينون ويران ٿي وينديون، ٺٽي، سجاول، بدين ضلعن جو لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ اڳيئي ڳڙڪائي چڪو آهي، ڊيلٽا تباهه ٿي چڪو آهي باقي گذر جا سمورا وسيلا ختم ٿي ويندا. سنڌ سڪيُ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. سنڌين جي اجازت کانسواءِ ٺاهيل جلالپور ڪئنال سميت ٻين سمورن ڪئنالن، ڊيمن ۽ منصوبن کي فورن بندي ڪري، سنڌ کي پنهنجي جائز حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو سنڌين کان پنھنجي  تاريخي ڌرتي کسڻ ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غير ملڪي ڪمپنين ۽ وفاقي ادارن کي ڏيڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آھي. گوادر کان وٺي ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر تائين بلوچستان ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي کي ترقي وٺرائڻ جي بهاني ان تي وفاقي حڪومت مڪمل قبضو ڪري ذوالفقارآباد جهڙا منصوبا جوڙي نئون اسرائيل ٺاهڻ چاهي ٿي. سامونڊي پٽي تي مقامي ماڻهن جو حق آهي، ان تي قبضو ھرگز قبول ڪونه ڪيو ويندو.

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي اجتماعي قومي وسيلن ۽ مفادن جو تحفظ ڪرڻ بدران اقتدار جي لالچ ۾ سودو ڪري چُڪي آھي. تنهنڪري ھڪڙي پاسي سنڌ ۾ نون صوبن/يونٽن جي خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي نالي ماتر نون صوبن جي مخالفت جو مڪر ۽ ناٽڪ  ڪري رهي آهي. سنڌ جو ڪروڙين عوام پيپلزپارٽي جي ان ٻٽي پاليسي، مڪر، ٺڳي ۽ دوکي کي چڱي ريت سڃاڻي ٿو. جيڪڏھن واقعي پيپلزپارٽي نون صوبن جي خلاف آھي ته جلد کان جلد سنڌ اسيمبلي مان نون صوبن خلاف قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ، وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري. اسين سمجهون ٿا ته هڪ پاسي بلوچستان، ڪشمير ۽ خيبرپختونخواه ۾ وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي غلط پاليسن سبب صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن جي اسين مذمت ڪريون ٿا. ٻي پاسي نون صوبن جي حق ۾ بيان ڏياري ۽ 28هين آئيني ترميم آڻي سنڌ جي صورتحال کي به هٿ وٺي خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ جيڪو فرد عوام جي راءِ ۽ آئين جي خلاف ورزي ڪندي، پاڪستان ۾ شامل آزاد وحدت سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ نون صوبن جي نالي انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهو هن ملڪ ۽ عوام جو غدار آهي. تنهنڪري اهڙي ڳالهه ڪندڙ محسن نقوي سميت سمورين ڌرين تي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ڪئي وڃي.

عوامي تحريڪ طرفان ڪوٺايل ھن “عوامي ڪانفرنس” ۾ شريڪ سمورا سياسي اڳواڻ، اديب، دانشور،وڪيل، صحافي ۽ ھر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل سنڌ جا گھڻگھرا عزم ٿا ڪريون ته سنڌ جي وحدت مٿان وار ڪيو ويو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ڪنھن به قرباني ڏيڻ کان ھرگز ڪونه ڪيٻائيندا، سنڌ اسان جو تاريخي مادر وطن آھي. ڪروڙين سنڌ واسي  پنهنجي وطن جي تاريخي وجود ۽ وسيلن ۽ ڌرتيءَ جي انچ انچ کي بچائڻ لاءِ گڏ ۽ ھم آواز آھن. اسين سنڌ جي ڪروڙين رھواسين کي اپيل ٿا ڪريون ته  ھڪڙي پرامن ڊگھي جدوجھد ڪرڻ لاءِ تياري ڪن.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف شاگردن پاران هلندڙ جدوجهد جي حمايت ڪئي وئي. مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪرين جو وڪرو بند ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ايس آئي ايف سي جهڙو آئين کان مٿاهون غير قانوني ۽ غير آئيني ادارو جيڪو صوبن جي وسيلن جي نيلامي لاءِ جوڙيو ويو آهي، اهڙي غير آئيني اداري کي ختم ڪيو وڃي. هي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته افغان پناهگيرن کي فورن سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. هي ڪانفرنس بلوچستان جي علائقي سيراب ۾ مظلوم ماڻهن مٿان جيٽ جهازن وسيلي بمباري، هاف فراءِ ۽ قتلن جي مذمت ڪري ٿي. اين ايف سي ايوارڊ وسيلي صوبن کي ملندڙ پيسن مان ڪٽوتي ڪري آبي ذخيرن ۽ دفاعي ادارن لاءِ بجيٽ رکڻ سنڌ جي مالي اختيار تي ڌاڙو آهي. پيپلزپارٽي جي صدر زرداري جي سهڪار سان رکيل چولستان ڪينال ۽ چناب ڊيم لاءِ رکيل بجيٽ ختم ڪئي وڃي.

ڪانفرنس ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽي تي ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نالي ۾ قبضو ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضي لاءِ جوڙيل اداري ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ختم ڪيو وڃي.  (پريس رليز)

____________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button