سنڌي ادب: ھيءَ دنيا گُلن جو باغ آهي (آزاد نظم)
ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ھيءَ دنيا گُلن جو باغ آهي
ڪو انسان
گلاب جيان ٽڙيل
مُنھنَ ۾ مرڪ
دل ۾ پيار ساڻ ڪري
خودداريءَ جا ڪنڊا به
گڏ گڏ رکي ٿو
سو هر ڪنهن لاءِ نه
پر خاص لاءِ خاص هوندو آهي.
ڪو انسان
موتئي جي مهڪار جهڙو
خاموشيءَ ۾
پنهنجو تعارف ڪرائيندو آهي
لفظ گهٽ
پر اخلاق اهڙو جو
دل باغ باغ ٿي وڃي.
ڪو انسان
گينڊي جي گل وانگر
بنا ڪنھن سرھاڻ جي
مٽيءَ سان ناتو نڀائيندو آهي
رنگ ڀلي
سادو ڇو نه هجي
پر هر ڏک ۾
قدم گڏ گڏ کڻندو رھندو آھي.
ڪو انسان
سورج مکي بڻجي
روشنيءَ جي راھ تڪيندو آهي
صبح جو اميدن جي سج ڏانهن
منهن ڪري
پوءِ شام ٽاڻي ڪنڌ ھيٺ ڪري
اوندھ ۾ به
جيئڻ جا جتن سيکاريندو آهي
ڪو انسان
سدابهار جهڙو
هر موسم ۾ ساڳيو
ھر جاءِ تي به اھڙو ئي
نه حالتن سان بدلجندو
۽ نه ئي وري
وقت آڏو ڪڏھن جهڪندو آهي.
ڪو انسان
رات جي راڻي وانگر
ڏينهن ۾ گم
۽ رات ۾ نروار ٿي
جڏهن پنهنجي خوشبو ورهائيندو آهي
تڏھن سڄو ماحول
ان جو ئي پرستار هوندو آهي.
ڪي انسان
هار سينگار جهڙا
خاموشيءَ سان ٽڙندا آهن
پنهنجي هستيءَ کي وساري به
ٻين جي زندگين ۾
ڪڏھن ڳاڙھا ته
ڪڏھن گلابي رنگ
ڀري امر ڪري ڇڏيندا آهن.
هيءَ دنيا باغ آهي
انسان ان جا رنگ برنگي
گل آھن
ڪنهن ۾ محبت ته
ڪنهن ۾ وفا،
ڪنهن ۾ خوشبو ته
ڪنهن ۾ خوبصورتي
۽ ڪنھن ۾ رڳو رنگَ آھن
ھتي
ڪمال اهيو ناهي ته
ھو ٽڙيو آھي يا ٽڙيل آھي
بس
ڪمال اهيو آهي ته
ھو جتي به ٽڙيو
اتي پنهنجي خوشبو ڇڏي ويو.
_______________

حميرا نور



