سنڌي ادب: ملڪيت (مختصر ڪھاڻي)
هڪ پاسي غربت ۽ نااهليءَ جي ڪري ڪتابن کي بار سمجهندڙ ذهنيت آهي، ته ٻئي پاسي مڙس جي دل ۾ پنهنجي پيءُ جي محنت ۽ ڪتابن لاءِ عزت

زاهد منگي
”پڻهين ته مري ويو پر اسان کي هنن ڪتابن مان ڦاسائي ويو.”
نجمه ڪٻٽ ۾ پيل ڪتابن کي ڏسي مڙس کي چيو.
”توکي ڪهڙي خبر، بابي جي سڄي حياتي انهن ڪتابن ۾ گذري، هن زندگيءَ ۾ صرف اهي ڪتاب ئي ته گڏ ڪيا ۽ لکيا.”
گلزار زال جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو.
”پو ڪهڙو وڏو ڪارنامو ڪيائين!؟ ماڻهن اولاد لاءِ جايون جڳهون، دڪان، ٻنيون ۽ پيسا ٺاهيا ۽ پڻهين وري هيءَ سورهيائي ڪئي. اهو به نه سوچيائين ته ڪا ميڙي چونڊي پٽ لاءِ به ڪري وڃان ته جيئن منهنجي مُئي کان پوءِ ڪم اچي سگهيس.”
نجمه جي توائي اڃان وڌي وئي.
”تون جنهن گهر ۾ ويٺي آهين؟ اهو مون ڪونه ٺهرايو آ بابي مرحوم ٺهرايو هو.“
”هاهاهاها“نجمه طنز مان ٽهڪ ڏنو.
”مان ڪوڙ ٿو هڻان ڇا جو ڏند ٿي ڪڍين.؟“
گلزار جي تکي ڳالهائڻ تي به نجمه جي کل جهڪي نه ٿي.
”هي به هاڻي ڪو گهر آ، ! ؟ سج ٿو چڙهي ته ڪاڙهي ۾ ٿا ڪڙهون، نه ڪو هال نه ورانڊو،! اها ته مون کي شابس ڏي ته کُڏَ جهڙين هنن ٻن ڪوٺين ۾ ڪيئن ٿي گذاريان.“
گلزار هڪ نظر پنهنجي گهر تي وڌي. ٻه ننڍا ڪمرا جن جي ڀتين تي صرف پلستر ٿيل هو. پورو پنو آڳر جنهن ۾ ھڪ وڻ ڀرسان بورچي خانو ۽ ان سان لڳ غسل خانو هو. سندس ذهن جي ڦرهيءَ تي اهي ڏينهن اڪري آيا جڏهن سندس پيءُ هيءُ گهر ٺهرائي رهيو هو. ڪيڏو نه خوش ٿيو هو، ڪتابن جو دڪان هلائيندي هن الائي ڪيئن پيسا بچائي پلاٽ وٺي جڳهه ٺهرائي هئي. جڳهه جڏهن ٺهي راس ٿي تڏهن هو ڪيڏو نه خوش ٿيو هو. سندس زندگيءَ جي وڏي تمنا پوري ٿي هئي. حياتيءَ جا الائي ڪيترا سج هن مسواڙي گهر ۾ گذاريا هئا. دل، بلڊپريشر ۽ شگر جي بيماريءَ سان منهن ڏيندي هو ستت ئي گذاري ويو هو. پر ويندي ويندي گلزار لاءِ هي جھڳهو ٺاهي ويو هو. اکين مان لڙي آيل لڙڪن سان ڳل آلا ٿيڻ تي سوچن مان موٽ کاڌائين.
”شڪر ڪر جو پڪ سري گهر ۾ ٿي رهين. ماڻهو ته ويچارا ڪکائن گهرن ۾ رهن ٿا. ڪنهن جي ته نصيب ۾ اهي ڪک به ناهن.“
گلزار جي نصيحت ٻڌڻ کانپوءِ نجمه جي منهن تان ڪاوڙ ڪجهه جهڪي ٿي.
”امان هئي ته انهن ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ پئي ڪندي هئي. توکان ته ڪڏهن اهو ڪم به نه پڳو، هروڀرون ڪرڪين ٿي پئي.“
”ها سائين جي مون ڪا ڇنڊ ڦوڪ ڪونه ڪئي اٿن ته، تون به روز اگهيو پيو اگهين، ڪڏهن ڪنهن ڪتاب کي ڪو هٿ هنيو اٿئي،!؟ ڪڏهن ڪو ڪتاب کولي ڏٺو اٿئي!؟”
زال جي ٽوڪ دل سان لڳس ته شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
”ڀلا اهي ڪتاب تو کي ڪن ڇا ٿا.؟ ڪهڙو توکان روز ٿا گهرن.؟ گلزار ڪجهه دير جي خاموشيءَ کانپوءِ ڀڻڪيو.
”سڄو گهر ته انهن ڪتابن سان والاريو پيو آهي. آهي ڪا جڳهه جتي ڪو ٿانءُ ٿڦو، هنڌ ٽپڙ رکان.؟“
”توکي خبر ناهي ته، بابي جي انهن ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ سبب ڪيتري عزت هئي، ان جي ڪري اڄ به ٻاهر ماڻهو مون کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا. مان انهن ڪتابن کان پري آهيان تڏهن ته نه ڍنگ جو روزگار مليو نه ئي ڪو چڱن ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ ٿيو.”
”پو ڏئي آ نه هي انهن ماڻهن کي ته وڃي پڙهن.”
زال ڀرسان پيل ڪتاب کڻي هن ڏانهن اڇلايو. گلزار زال جي ڪتاب اڇلائڻ واري عمل تي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. چپاٽ الرائيندي چيائينس.
”تو جاهل کي هنن ڪتابن جي قدر ۽ قيمت جي ڪهڙي خبر.“
مڙس کي ڪاوڙ ۾ تپيل ڏٺائين ته هيسجي وئي.
ايتري ۾ ٻاهر در تي ٺڪ، ٺڪ جو آواز آيو. گلزار در کولي ٻاهر نڪتو ته ڪوريئر ڪمپنيءَ جو نمائيندو بيٺل هو ساڻس هٿ ملائڻ کانپوءِ هن پنهنجي ٿيلهي مان لفافو ڪڍي کيس ڏنو ۽ وصولي رسيد تي کائنس صحيح ورتي. ڪوريئر واري کي روانو ڪري گهر ۾ داخل ٿيو ته نجمه پڇيس.
”ڪير هو.؟“
”ٽپالي هو، ليٽر ڏئي ويو آهي.”
”ڇا جو آهي؟“
”کوليان ته خبر پوي.”
گلزار لفافي جي هيٺين پاسي جي ڪنڊ ڦاڙي ليٽر ڪڍي پڙهڻ لڳو ته سندس چهري جي رونق مٽجندي وئي ۽ چپن تي مرڪ تري آيس.
”توکي وڏي چڙ هئي نه بابا جي ڪتابن مٿان؟ رڳو اهو پٽڪو هيئي نه ته ڪهڙي دولت ڇڏي ويو آهي.؟ هي وٺ ڏس.“
هن هٿ ۾ جهليل ليٽر زال ڏي وڌائيندي چيو.
”مان ڇا ڏسان ڪهڙو مون کي پڙهڻ ايندو، تون ئي ٻڌاءِ کڻي.”
”سرڪار ليٽر موڪليو آهي ته بابا جي تحريرن ۽ خدمتن جي ڪري هوءَ بابا جا ڪتاب خريد ڪندي ۽ شهر جي ڪاليج واري لئبريريءَ ۾ ان جي نالي سان ڪارنر به ٺاهيندي. بدلي ۾ اسان کي ٽي لک روپيا پڻ ادا ڪندي.”
”هان! هنن ڪتابن جا ٽي لک ملندا.” نجمه کان ٽهڪ نڪري ويو. ڪٻٽ ۾ پيل ڪتابن کي ڏسي ٻهڪي پئي. خوشيءَ مان اڇلايل ڪتاب کڻي ڇاتي سان لائي ڇڏيائين.
____________

زاھد منگي، باڊھ سنڌ



