Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ھڪ نئون انقلاب ٿو گھرجي: ڪتاب ”سوچ بہ کڙڪو آھي“ جو جائزو

اَمر پيرزادي جو ڪتاب ”سوچ بہ کڙڪو آھي“ سماجي، سياسي ۽ ٻين موضوعن تي لکيل پنجاھ کان وڌيڪ ڪالمن جو ڳُٽڪو آھي جنھن ۾ ھر ڪالم جو محور مجموعي طور سنڌ آھي.

اَمر پيرزادي جي ھنن ڪالمن پڙھڻ سان اندازو ٿيندو تہ سنڌ ۽ سنڌي اڻ ڳڻت مسئلن ۾ گھيريل آھن. اھي مسئلا سياسي بہ آھن تہ سماجي ۽ معاشي بہ؛ انھن مسئلن جي ڪارڻن ۾ حڪومت جي بيحسي بہ آھي تہ خود اسان جا پنھنجا رَويا بہ شامل آھن.

نصير اعجاز

اسان جي دوست مرحوم انور پيرزادي جي فرزند اَمر پيرزادي جو ڪتاب ”سوچ بہ کڙڪو آھي“ منھنجي ھٿن ۾ آھي. ھيءُ ڪتاب سماجي، سياسي ۽ ٻين موضوعن تي لکيل سندس پنجاھ کان وڌيڪ ڪالمن جو ڳُٽڪو آھي پر سندس ھر ڪالم جو محور مجموعي طور سنڌ آھي.  سندس ڪتاب جو عنوان ”سوچ بہ کڙڪو آھي“ پڙھي مان سوچ ۾ پئجي ويس. اَمر پيرزادو ڇا ٿو  چوڻ چاھي؟ ڪنھن جي مَن اندر، ذھن ۾ ڪنھن سوچ جو پيدا ٿيڻ ئي کڙڪو آھي يعني ڪنھن فرد يا فردن منجھ جاڳرتا پيدا ٿيڻ جو اُھڃاڻ آھي يا ھُو  اھو چوڻ چاھي ٿو تہ ليکڪ جي سوچڻ ۽ لکڻ سان ڪو اھڙوکڙڪو ٿئي ٿو جنھن سان ڪنھن سُتل قوم کي جاڳائي سگھجي؟

وري جڏھن مھتاب اڪبر راشديءَ جي لکيل مُھاڳ جي عنوان ”پر جاڳندو ڪير؟“ تي نظر پئي تہ پڪ ٿي وئي تہ اَمر جو مقصد اھو ئي آھي ”جاڳائڻ“، پر سوال واقعي اُٿي ٿو تہ جاڳندو ڪير؟ مھتاب لکي ٿي: ”ڪالمن جي عنوان ”سوچ بہ کڙڪو آھي“ کي پڙھي منھنجي ذھن ۾ سوال اُٿيو تہ جاڳندو ڪير؟ اھو سوال منھنجي دماغ  ۾ ڇو آيو، ان جو جواب بہ اسان مان گھڻن کي ايندو ھوندو.“

اھي جملا پڙھي منھنجو ذھن ڪجھ سال پوئتي ھليو ويو. مون مھتاب اڪبر راشديءَ جي ڪالمن جي ھڪ ڪتاب جي مُھاڳ ۾ لکيو ھو، ”اسان ليکڪ رمضان جي مھيني ۾ روزا رکڻ لاءِ دٻا کڙڪائي ماڻھن کي جاڳائڻ وارن ڪردارن جھڙا آھيون. فرق بس اھو آھي تہ اھي ڪردار ماڻھن کي سال ۾ ھڪ مھيني دوران روزو رکرائڻ لاءِ جاڳائيندا آھن، ۽ اسان پارا ليکڪ قوم کي ھوشياري وٺرائڻ لاءِ سڄو سال دٻا کڙڪائيندا آھن. روزي  رکڻ جي وقت تي ڪو جاڳيو، ڪو نہ جاڳيو، ڪنھن روزو رکيو، ڪنھن نہ رکيو. دٻا کڙڪائيندڙ جو اُن سان ڪو واسطو ڪونہ ھوندو آھي. ھُو تہ بس آخري روزي تي گھر گھر مان خرچي پاڻيءَ جي وصوليءَ جو سوچيندو آھي ۽ سندس مقصد پنھنجي روزي روٽي جو وسيلو پيدا ڪرڻ ھوندو آھي. انھيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ليکڪ ٻارھوئي  دٻا کڙڪائڻ جاري رکندو آھي، بنا ڪنھن پنھنجي مفاد جي. ھا، ھتي بہ صورتحال ساڳي آھي تہ ڪير جاڳي يا نہ، ڪو اک پٽي وري سمھي پوي ٿو، يا ڪو گھڙي کن لاءِ بہ اک پٽڻ  نٿو چاھي. شابس ڏجي سنڌي ليکڪن کي جيڪي اھڙي بيحسيءَ تي بہ نہ مايوس ٿين ٿا ۽ نہ ٿڪجن ٿا. اھا بہ ڄاڻ ڪانھي تہ ليکڪن جي دٻا کڙڪائڻ تي نہ جاڳڻ سبب سندن من اندر جيڪو درد ۽ پيڙا اھي، انھيءَ ڪنھن کي احساس بہ آھي يا نہ؟

پنجاھ کان وڌيڪ ڪالمن مان ھر ھڪ تي ھتي لکڻ ممڪن ڪونھي، پر جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم تہ مختلف موضوعن تي ڪالم ھجڻ جي باوجود اَمر جي ھر ڪالم جو محور سنڌ آھي ۽ ھُن سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچر، سنڌين جي سماجي ۽ معاشي مسئلن سميت ھر پھلوءَ تي لکيو آھي. موضوعن جو دائرو وسيع آھي جنھن ۾ عوامي مسئلن جي احتجاج جي حق جي حمايت کان ويندي احتجاجي ڌرڻن ۽ جلوسن دوران رستا روڊ بلاڪ ٿيڻ سان خود عوام لاءِ مسئلا پيدا ٿيڻ ۽ خاص طور مريضن کي ھنگامي حالت ۾ اسپتال پھچائيندڙ ايمبولنسن جو ڦاسجڻ، پيوپلز پارٽيءَ جي ڊگھي مُدت واري حڪمرانيءَ ۾ سنڌ جي بدترين حالتن، بک بدحاليءَ ۽ ٻين ڪارڻن سبب آپگھاتن جي لاڙي، حڪومت جي روش ۽ عوام جي بيزاري، مُثبت سوچ ۽ مقصد کان پري ٿيندڙ سماج ۽ اھڙن ٻين انيڪ مامرن کي ھُن ڪنھن قسم جي جذبات م اچڻ بنا ڏاڍي بُردباريءَ سان ڪَور ڪيو آھي.

اَمر پيرزادي بدلجندڙ دنيا ۽ خاص طور ٽيڪنالاجيءَ واري انقلاب کي ذھن ۾ رکندي سنڌي قوم کي مستقبل جي رٿابنديءَ جي بہ صلاح ڏني آھي، سنڌي ادبي سنگت جي صورتحال، سنڌي فنڪارن جي ڪسمپرسيءَ، سرڪاري ادارن جي تباھي، ساڃاھ وند طبقي ۾ شراب شباب جي عادتن، قومي ٻڌيءَ ۽ ٻين کوڙ موضوعن تي بہ پنھنجي سوچ جو اظھار ڪيو آھي. مون ڪتاب جي ھر ڪالم کي جاچڻ جي ڪوشش ڪئي تہ انھن ۾ ڪٿي سنڌياڻين جو ذڪر بہ آھي يا نہ؟ خوشي ٿي تہ اَمر انھيءَ موضوع تي بہ قلم کنيو آھي. سندس ھڪ ڪالم عورتن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان بہ آھي پر مان ھتي ھڪ ٻئي ڪالم جو ذڪر ڪندس جنھن جو عنوان آھي ”وڙھي ھر دور ۾ آھيان“. ھُو لکي ٿو تہ، ”ھڪ قول موجب انساني تاريخ مرد ھٿان عورت تي ظلم جي تاريخ آھي. تاريخ ۾ عورت مظلوم رھندي آئي آھي پر اھا بہ حقيقت آھي تہ عورت کي انسان تسليم ڪندڙ بہ مرد ئي آھي. اھي مرد عورت سان گڏجي سندن وجود جي بقا جي جنگ صدين کان وڙھندا آيا آھن.“

ھُو شاعر روبينہ ابڙو جو ھڪ شعر ”ڏسو تاريخ اُٿلائي، وڙھي ھر دور ۾ آھيان“ ٻُڌائيندي لکي ٿو تہ ڊگھي جدوجھد جي نتيجي ۾ عورت ھاڻي انھيءَ مرحلي تي پھتي آھي جو اھو ويساھ پُختو ٿيندو ٿو وڃي تہ ايندڙ زمانو عورتن جو ھوندو. اھڙو يقين حال ۾ پڻ وڏي آٿت بڻجي ويو آھي جڏھن عورتن کي دنيا جي ھر شعبي ۾ پنھنجون صلاحيتون مڃائيندي ڏسون ٿا.“

اَمر پيرزادي جي ھنن ڪالمن پڙھڻ سان اندازو ٿيندو تہ سنڌ ۽ سنڌي اڻ ڳڻت مسئلن ۾ گھيريل آھن. اھي مسئلا سياسي بہ آھن تہ سماجي ۽ معاشي بہ؛ انھن مسئلن جي ڪارڻن ۾ حڪومت جي بيحسي بہ آھي تہ خود اسان جا پنھنجا رَويا بہ شامل آھن.

اَمر جي ڪالمن ۾ پنھنجي موضوع جي مدد ۾ ڪٿي ڪٿي ڏاڍا دل کي ڇُھندڙ شعر بہ بيان ڪيل آھن. مان پنھنجي ڳالھ کي کُٽائيندي سندس ھڪ ڪالم جي پڇاڙيءَ ۾ امداد حسينيءَ جي ڏنل نظم جي ڪجھ سٽن کي ورجائيندس، جنھن سان سنڌ جي ڪجھ اھم ۽ بنيادي مسئلن جي پروڙ پوي ٿي:

صاف پاڻي، کُليل ھوا گھرجي

ٻيو تہ بيمار لاءِ دوا گھرجي

ٻارڙيءَ لاءِ ڪتاب ٿو گھرجي

ھڪ نئون انقلاب ٿو گھرجي.

امداد حسينيءَ جي چئن سٽن ۾ ھڪ پيغام سمايل آھي. اوھان اھي سٽون پڙھي سمجھي سگھو ٿا تہ سنڌ ڪٿي بيٺل آھي. جتي نہ پاڻي ميسر ھجي نہ صاف ھوا، نہ بيمار لاءِ دوا آھي ۽ نہ ٻارن لاءِ تعليم، اُتي اھڙا بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاءِ بہ انقلاب کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نٿي سُجھي. ___________________                 

__________________

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ محقق آھي. ھُو يارھن ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button