اولڊھم برطانيا ۾ سنڌي سنگت وڏي شان سان ميگا سنڌي ڪلچر ڏينھن ملهايو
سنڌي ثقافتي پروگرام ۾ برطانيه جي مختلف شهرن برمنگھم، لنڊن، مانچسٽر، برئڊفورڊ، لِڊز، شي فِيلڊ، لنڪاسٽر، نيو ڪاسل، اسڪاٽلينڊ سميت دبئي کان به وڏي تعداد ۾ سنڌين ڀرپور شرڪت ڪئي
اولڊهم
سنڌي سنگت يو ڪي پاران 6 ڊسمبر 2025 تي اولڊهم جي ايسٽرن پيولئن هال ۾ ميگا سنڌي ڪلچر ڏينھن وڏي جوش، جذبي ۽ ثقافتي شان سان ملهايو ويو.

ان تقريب ۾ برطانيه جي مختلف شهرن برمنگھم، لنڊن، مانچسٽر، برئڊفورڊ، لِڊز، شي فِيلڊ، لنڪاسٽر، نيو ڪاسل، اسڪاٽلينڊ سميت دبئي کان به وڏي تعداد ۾ سنڌين ڀرپور شرڪت ڪئي.
پروگرام جو آغاز اخلاق تنئي فنانس سيڪريٽري، تلاوتِ قرآن پاڪ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيت سان ڪيو.

صدر سڄڻ چنا ڀليڪار تقرير ۾ مهمانن ۽ ٽيم جي محنت جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جي ايم قادري اختتامي تقرير ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن جو ٿورائتو ٿيو.
مانجھي فقير ۽ ساجن چنا پنهنجي وجداني صوفي ڪلامن سان محفل کي روحانيت سان ڀري ڇڏيو، جڏهن ته فنڪارن ۽ دوستن جي جوش ڀري پرفارمنس تي هال ۾ ڌمال، رقص ۽ ثقافتي سرهائي جا منظر ڏسڻ وٽان هئا. رانو ۽ شاهيد چنا دلڪش انداز ۾ ميزباني جا فرض نڀايا.

سنڌي سنگت يوڪي جي ٽيم ۽ نوجوانن پاران سنڌي گيت پيش ڪيا ويا.
تقريب ۾ ڪميونٽي اڳواڻن، فنڪارن، رضاڪارن ۽ مهمانن کي سنڌي اجرڪ، لنگيون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏئي عزت ڏني وئي.

پروگرام کي اعجاز ڪيريو لائيو نشر ڪيو، جيڪو پوري دنيا ۾ ڏسي ۽ ساراهيو ويو.
سنڌي سنگت يو ڪي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته هو سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ سڃاڻپ جي واڌاري لاءِ مستقبل ۾ به سرگرم رهندي. (پريس رليز)

______________



