لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو“ مارچ، هزارين سنڌياڻيون شريڪ
ستاويهن آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌو درياهه تي نون ڪينالن ۽ ڊيمن، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙن ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ جو مارچ
مارچ ۾ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙن ۽ ستاويهين آئيني ترميم وسيلي اعلي عدليه جي قتل خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا.
لاڙڪاڻو
ستاويهين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌو درياهه تي نون ڪينالن ۽ ڊيمن، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙن ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ آچر ڏينھن باقراڻي روڊ کان ريلي ڪري جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو.
مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.

ان موقعي تي مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي. ملڪ هلائڻ جا فيصلا واشنگٽن مان ٿي رهيا آهن. آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪيا ويا آهن. پارليامينٽ بدران اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل وسيلي ملڪ هلايو پيو وڃي. ستاويهين آئيني ترميم وسيلي قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جو قتل ڪيو ويو آهي. عدالتون مفلوج بڻايون ويون آهن. ملڪ کي هڪ دفعو وري 1971 طرف ڌڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن وسيلي مظلوم قومن کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي ڪرسي خاطر سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. پ پ پ صدارتي ڪرسي عيوض سنڌ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪرو پيا ڪيا وڃن.

هن چيو ته ڌاڙيلن تائين نيٽو جا هٿيار ڪيئن ٿا پهچن، ان جي شفاف عدالتي جاچ ڪئي وڃي. ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سرڪاري سردارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هن چيو ته امڪاني 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌياڻين سدائين آمريتن کي للڪاريو آهي، هن آئيني آمريت خلاف به ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. هن چيو ته قلم 144 انگريز سرڪار طرفان عوام کي غلام رکڻ لاءِ آندو ويو هو. (پريس رليز)
_______________



