ڪرپشن: وائيٽ ڪالر کان ميرن ڪپڙن تائين جو سفر
ڪرپشن رڳو قانوني مسئلو نه، پر ان سان گڏ اخلاقي، سماجي، معاشي ۽ سياسي ڏوهه پڻ آهي جڏهن ته ان جو خاتمو به رڳو سزائن سان نه، پر بهتر ادارن جوڙڻ، تعليم ۽ سماجي شعور ڏيڻ سان ٿورو گهڻو ممڪن ٿي سگهي ٿو. ۽ ٻيو ته ڪرپشن ڪنهن هڪ سبب جي پيداوار ناهي، پر ڪيترن ئي سماجي، سياسي، معاشي ۽ اخلاقي عنصرن جي گڏيل نتيجي ۾ جنم وٺندي آهي. جتي قانون ڪمزور، احتساب غيرمؤثر ۽ شفافيت گهٽ هوندي آهي، اتي ڪرپشن آساني سان وڌندي آهي

حميد منگي
ڪرپشن (Corruption) انگريزي ٻوليء جو لفظ آهي، جنهن جا سنڌي ۾ مختلف معنائن ۽ هم معنيٰ وارا هيٺيان لفظ استعمال ۾ اچن ٿا، انهن لفظن ۾ بدعنواني، بي ايماني، مالي بي ضابطگي، اختيارن ۽ طاقت جو غلط يا ناجائز استعمال، رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ وارا خراب عمل يا اخلاقي بگاڙ شامل آهن۔ جيڪڏهن ان لفظ جي سنڌيء ۾ عام مفهوم واري لغوي معنيٰ جاچبي ته، ان جو مطلب هي بيهندو “اخلاقي، مالي يا انتظامي بگاڙ“ جنهن ۾ ڪو به شخص پنهنجي ذات، برادري، نسل، ملڪ، مذهب يا فرقي جي ڪنهن به ننڍي وڏي فائدي ڪارڻ قانون، ذميواريء يا امانت خلاف ڪوبه عمل ڪري ٿو. مطلب ته ڪرپشن لفظ جو لب لباب اهو بيهي ٿو، ڪو فرد يا ادارو پنهنجي حوالي ڪيل ذميوارين يا عوام جي امانتن کي ناجائز نموني استعمال ڪري، اقربا پروري سان پيش اچي ۽ سفارشون قبول ڪندي يا مخصوص مفادن تحت اختيارن جو غلط استعمال ڪندو رهي۔
ڪرپشن جون اهي سڀئي صورتون، نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي آهن، پر انصاف، انساني اعتماد، قومي برابري ۽ امن لاءِ پڻ وڏو خطرو آهن. جيتوڻيڪ ڪيئي تاريخون اڻ گهڙيل، اڌ سچ اڌ ڪوڙ تي ٻڌل يا هٿ ٺوڪيون آهن پر انهن تي مڪمل يقين نه ڪرڻ باوجود ان مان مثال وٺڻ به پنهنجي مجبوري آهي، ڇو تہ اها اڀري سڀري تاريخ ٻڌائي ٿي ته، ڪرپشن جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيترا انسانن جا منظم ٺهيل سماج يا حڪومتن جا وجود. افسوس سان لکجي ٿو ته، جڏهن کان ماڻهن جي هٿن ۾ اختيار، مال دولت ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ذميواريون آيون، تڏهن کان ڪجهه طاقتور ماڻهن، انهن جو ايترو ناجائز استعمال ڪرڻ شروع ڪيو جو، اڄ جو غريب غربو به پنهنجو، گهرڀاتين ۽ ٻچن جو پيٽ پالڻ لاء اهو ڪڌو ڪم ڪرڻ تي، پاڻ کي مجبور ٿو سمجهي، حالانڪي ان جو وڏي ۾ وڏو شڪار به اهو غريب پاڻ ئي ٿئي ٿو.
قديم تهذيبن جي تاريخن جو غور سان مطالعو ڪبو ته، انهن ۾ به پاڻ کي سرڪاري عملدارن يا انهن جي ماتحت فردن جي بي ايمانين، بد ديانتين، اخلاقي بگاڙن، اختيارن جي غلط استعمالن، سفارشن ۽ رشوتن جي ڏيڻ ۽ وٺڻ جا ذڪر ضرور ملندا. قديم بابلي تهذيب جي ڪجهه قانونن ۾ انصاف جي حاصلات، سرڪاري ماڻهن ۽ عملدارن جي بدعنوانين کي روڪڻ لاءِ ڪجهه سختيون موجود هيون. انهيء کان سواء قديم يوناني ۽ رومي تاريخن ۾ به چونڊن دوران، ماڻهن کي مختلف لالچون ڏئي ووٽ خريد ڪرڻ، رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ يا سرڪاري اختيارن جي ناجائز استعمال جا ڪيئي واقعا لکيل ملندا۔ جنهن مان ڄاڻ ملي ٿي ته، انهن دورن ۾ به ڪرپشن عوام جو هڪ وڏو مسئلو هئي۔
دنيا جي وچئين دور، جنهن ۾ اڪثر ملڪن اندر ننڍيون وڏيون بادشاهتون ۽ سلطنتون قائم ٿيل هيون، انهن ۾ به رشوتن، سفارشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا ثبوت ملن ٿا. خاص طور تي اهي درٻاري، جن جي رسائي بادشاهن جي محلن ۽ درٻارن تائين هوندي هئي، اهي پنهنجن خاص ماڻهن ۽ حمايتن لاء مراعتون حاصل ڪندا هئا ۽ جيڪي سندن مخالف هئا، انهن مٿان سختين جا قصا به عام آهن، جن کي بادشاهن، وزيرن ۽ مشيرن جي حڪمن تي يا کانئن آرڊر ڪڍرائي، تنگ ڪيو ويندو هئو ۽ هروڀرو جون سزائون ڏيارائي، کين قيد ۽ بند يا ملڪ بدر ڪرايو ويندو هئو۔ نتيجي طور تي شريف قسم جا شهري، انهن وزيرن، مشيرن ۽ خاص درٻارين جي هيٺانهين وٺي، پنهنجا ڌنڌا، ڪاروبار، عزتون ۽ مال بچائيندا هئا۔ بهرحال پاڻ اهڙا کوڙ سارا سچا ڪوڙا قصا، اڳوڻين تاريخن ۾ پڙهي يا وڏڙن واتان ڪهاڻين جي صورت ۾ ٻڌي چڪا آهيون۔ جن مان اندازو لڳائبو ته، انهن دئورن ۾ به مختلف قسمن جي ڪرپشن موجود هئي۔
نوآبادياتي دئورن ۾ ڌاريا حڪمران، عوام جي اڪثريت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء، مخصوص مقامي غنڊن ۽ بدمعاش قسم جي وڏيرن ۾ جاگيرن جي ورهاست ڪري توڙي واپارين ۽ سرمائيدارن کي ناجائز سهوليتون ڏئي، پاڻ قبضي ڪيل علائقن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ عوام جو سياسي، سماجي، معاشي استحصال ڪندا هئا. ٻي عالمي جنگ کان پوء جڏهن نوآبادياتي نظامن جو خاتمو آيو ۽ حڪومت جون واڳون مقامي حڪمرانن کي مليون ته، اهي به جمهوريت جي آڙ وٺي، طريقيڪارن ۾ ٿوري گهڻي بدل سدل ڪري ڪرپشن کي قائم رکڻ ۾ مصروف رهيا ۽ اڄ به آهن، جيڪا هاڻي به سرڪاري فنڊن جي خردبرد، ٽيڪس چوري، غيرشفاف ٺيڪن ۽ سياسي اثر رسوخن جي صورت ۾ عوام کي ته صاف طور تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي پر انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن حڪمرانن ۽ سرڪاري ادارن کي ڪا ٻاٻور به نه ٿي پوي۔
هاڻي جڏهن دنيا، انتهائي جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، عقل سان گڏ علم به پنهنجي اهميت چڱي طرح مڃائي چڪو آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيء تحت کوڙ سارن مسئلن جا به حل نڪري چڪا آهن، مثبت ۽ مضبوط قسم جا قاعدا، قانون ۽ ضابطا به جڙن پيا، پوء به ڪرپشن دنيا جي تقريباً هر ملڪ ۾ موجود نظر اچي ٿي۔ ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي، انسان جو عقل، ان جا صدين جا تجربا ۽ پراڻي کان وٺي جديد علم جا لکين ڪروڙين پنا، وک وک تي خبردار ڪندا رهن ٿا ته، ڪرپشن هر معاشري لاء ناسور مثل آهي، پر ان جي باوجود نه رڳو ڪرپشن اڄ به قائم ۽ دائم آهي، پر وقت سان گڏ واڌ به کائيندي رهي ٿي۔ مطلب ته اهي ساڳيا قاعدا، قانون ۽ ضابطا جن تي عمل ڪندي ڪجهه ٿورا ملڪ ان تي گهڻي حد تائين ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ ڪرپشن جو ريشو ذري گهٽ ٻڙيء برابر آهي، جڏهن ته دنيا جا اڪثريتي ملڪ جتي ساڳئي نموني جا قاعدا ٺهيل ۽ منظور ٿيل به آهن پر عملدرآمد نه ٿيڻ ڪري، اهي هلن ئي ڪرپشن جي بنياد تي ٿا.
اهڙن سمورن ويچارن مان، ٻه ڳالهيون صاف ظاهر ٿين ٿيون، هڪ ته ڪرپشن جي پويان ڪي وڏيون طاقتون لڪيل رهيون آهن ۽ ٻيو ته ڪرپشن جهڙو ڪنو ڪم ڪا نئين شيءِ ناهي، بلڪي اها هزارين سالن کان شڪليون مٽائيندي، بي وس ماڻهن کي ڏک ڏيندي موجوده دئور تائين اچي پهتي آهي. جنهن جو گهڻو تڻو بنيادي سبب ذاتي، گروهي، نسلي مفادن کي قانون ۽ اخلاقي ذميواريءَ تي ترجيح ڏيڻ رهيو آهي. تاريخون اهو به ٻڌائن ٿيون ته منظم سماجي نظامن جي جوڙجڪ کان هن وقت تائين اها ڪرپشن مٿئين ۽ طاقتور طبقن، ادارن کان شروع ٿيندي، هيٺين طبقن تائين منتقل ٿيندي رهي آهي، اها هاڻي ڪنهن هڪ ملڪ، قوم، مذهب تائين محدود ناهي رهي، بلڪي اها مختلف دورن اندر مختلف شڪلين ۾ موجود رهندي آئي آهي ۽ وقت سان گڏ جيئن حڪومتون ۽ حڪمران بدلجندا رهيا آهن، تيئن، ڪرپشن به پنهنجي صورت بدلائيندي رهي ٿي۔
ڪرپشن جي نقصانن جو ڪاٿو لڳائينداسين ته، ڳڻي ڳڻي ٿڪجي پونداسين۔ پر پوء به همٿون هٿ ڪري، پاڻ ان جا ڪجهه وڏا وڏا نقصان هيٺ ڄاڻايون ٿا۔ هڪ ته ڪرپشن انصاف کي ڪمزور ڪري ٿي، نتيجي ۾ ناانصافيون وڌن ٿيون، ٻيو ته ڪرپشن عوام جي گهڻائي ۾، قانون تي اعتماد کي گهٽائي ٿي، ٽيون ته معاشي ۽ معاشرتي ترقين آڏو رڪاوٽون وجهي کين روڪي ٿي، چوٿون ته هيٺين طبقن ۾ نااميديون پيدا ڪري ٿي، جنهن سان ساڙ، حسد، جهيڙا، جهڳڙا وڌن ٿا، نتيجي طور ڏوهن ۾ به واڌارو ٿئي ٿو ۽ هڪ طرف پئسو فضول شين تي خرچ ٿئي ٿو، ٻئي طرف وري انسانن جون بنيادي گهرجون پوريون نه ٿيون ٿين ته انهن ۾ نفرتون ۽ غلط فهميون ۽ غلط لاڙا وڌن ٿا. اهڙيء طرح سماج ۾ امن، برابري ۽ خوشحالي قائم ڪرڻ ڏکيو عمل ٿي پوي ٿو. مطلب ته ڪرپشن ڪرڻ سان يا ان جي موٽ ۾ جيڪي خراب ردعمل نڪرن ٿا، اهي سموري سماج کي تيسيتائين نقصان پهچائيندا رهن ٿا، جيسيتائين انهن جو تدارڪ نٿو ٿئي۔
جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جي بالادستيء کي قائم ڪرڻو آهي ته، ڪرپشن خلاف وڌيڪ مضبوط قانون، شفاف حڪمراني، آزاد احتساب، معياري تعليم ۽ اخلاقي ذميواريء کي هٿي ڏيڻي پوندي. جڏهن اختيار کي امانت ۽ عوام جي خدمت سمجهيو ويندو، تڏهن ئي ڪرپشن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ انصاف ۽ ترقيء لاءِ مضبوط بنياد تيار ٿيندا. انهيء ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ڪرپشن رڳو اسان جي ملڪ جو مسئلو ناهي پر اها دنيا جي لڳ ڀڳ هر ملڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. فرق صرف ايترو آهي ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڻ وٽ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، هاڻي ته صورتحال اها وڃي بيٺي آهي جو، جنهن کي به جتي به موقعو ملي ٿو، اتي ڪوبه ڪنهن کي نه ٿو بخشي، ڀلي اهو پاڻ غريب ئي ڇو نه هجي۔
ڪو مريض تڪليفون ڪاٽڻ باوجود مرندو ڇو نه هجي، ڊاڪٽر، اسپتالن جا مالڪ ۽ دوائن جا دڪاندار پنهنجن خرچن جي پوراء جي نالي ۾، پئسن جا ڍڳ گڏ ڪري رهيا آهن، ڀلجان معصوم ٻارن جو مستقڀل خراب ٿيندو هجي پر، پرائيويٽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٽيوشن سينٽرن جا مالڪ ۽ استاد ڪا نه ڪا مجبوري ڄاڻائي تعليم جي نالي ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم ڪيو ويٺا آهن، واپاري پئسن جي ڏڍ تي اناج، ڀاڄيون ۽ ٻيون ضرورت واريون شيون ذخيرو ڪري، آهستي آهستي ۽ ٿورو ٿورو مال ڪڍي وڪري مهل پنهنجي مرضيء جا اگهه وصول ڪن ٿا، اهڙي طرح هر شعبي ۾ ڪرپشن ڪندڙ مافيائون جڙي عوام جون استحصال ڪن ٿيون ۽ حڪمران انهن کان الڳ ٿلڳ پنهنجن عياشين ۾ ئي مصروف آهن۔
جڏهن ته دنيا جي تمام ٿورڙن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ملڪن ۾ ڪرپشن جو ناسور ڪي قدر گهٽ آهي. جنهن ۾ ڊينمارڪ، فنلينڊ، چين، جاپان، روس، سنگاپور، فرانس، جرمني ۽ ڪجهه ٻين يورپي ملڪن ۾ ٽئين دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪرپشن نسبتاً گهٽ آهي، ڇاڪاڻ تہ اتي قانون جي حڪمراني، شفافيت، مضبوط ادارا ۽ احتساب جا نظام موجود آهن. جڏهن ته اسان جي ملڪ سميت هندستان، بنگلا ديش، سريلنڪا، شام، عراق، ليبيا، مصر ۽ ٻين اڪثر ايشيائي، آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪ شامل آهن، جتي ڪرپشن ڏينهون ڏينهن وڌي ٿي ۽ مسئلو سنگين کان سنگين ٿيندو پيو وڃي. ان حوالي سان ڪجهه رپورٽون اهي به آهن ته، جتي ڪرپشن وڌيڪ آهي، اتان جون رياستون سنئون سڌو انهيء گندي عمل ۾ شامل آهن۔
پاڻ اڳ ۾ به لکي آيا آهيون ته، ڪرپشن وڌڻ جا اهم سبب عام طور تي هي هوندا آهن، ڪمزور قانون ۽ احتساب، سياسي مداخلت، رشوت ۽ سفارشي نظام، ادارن جي ڪمزوري ۽ شفافيت جي کوٽ۔ تنهن ڪري ڪرپشن کي عالمي مسئلو چئبو ته ڪا اربع خطا نه ٿيندي، هتي ان ڳالهه کي مڃبو ته، ان جي شدت هر ملڪ ۾ هڪجهڙي ناهي. ڪجهه ملڪ ان کي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، ڪجهه ملڪ انجي خاتمي لاء ايمانداري سان جدوجهد ڪري رهيا آهن. جڏهن ته دنيا جا اڪثر ملڪ عملي قدم کڻڻ ته پنهنجي جاء تي پر ڀلجي زباني طور نندا يا ووٽ وٺڻ مهل ان جي خاتمي جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه ٿا سمجهن۔ جنهن مان ان الزام کي هٿي ملي ٿي ته اڪثر ملڪن جا حڪمران ۽ ادارا پاڻ خود ڪرپشن ۾ ملوث آهن۔
اڳ ۾ ته، هيءَ حقيقت سمجهڻ جي ضرورت آهي ته، ڪرپشن رڳو قانوني مسئلو نه، پر ان سان گڏ اخلاقي، سماجي، معاشي ۽ سياسي ڏوهه پڻ آهي جڏهن ته ان جو خاتمو به رڳو سزائن سان نه، پر بهتر ادارن جوڙڻ، تعليم ۽ سماجي شعور ڏيڻ سان ٿورو گهڻو ممڪن ٿي سگهي ٿو. ۽ ٻيو ته ڪرپشن ڪنهن هڪ سبب جي پيداوار ناهي، پر ڪيترن ئي سماجي، سياسي، معاشي ۽ اخلاقي عنصرن جي گڏيل نتيجي ۾ جنم وٺندي آهي. جتي قانون ڪمزور، احتساب غيرمؤثر ۽ شفافيت گهٽ هوندي آهي، اتي ڪرپشن آساني سان وڌندي آهي. بهرحال ڪرپشن جي نتيجي ۾ رياست جا وسيلا ضايع ٿين ٿا، عوام جو اعتماد گهٽجي ٿو، حقيقي ترقي سست ٿي وڃي ٿي ۽ امن متاثر ٿئي ٿو.
ڪرپشن جي خاتمي لاءِ هيٺيان قدم اهم آهن، قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ. آزاد ۽ غيرجانبدار احتسابي نظام قائم ڪرڻ. ادارن ۾ شفافيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌائڻ. معياري تعليم سان گڏ ايمانداري، ذميواريء ۽ عوامي خدمت جي قدرن کي فروغ ڏيڻ. ميڊيا ۽ شهري سماج کي آزادي سان نگراني جو موقعو ڏيڻ. هر شهري کي قانون جي نظر ۾ برابر سمجهڻ ۽ سفارش يا رشوت جي حوصلا شڪني ڪرڻ. جڏهن سماج ۾ انصاف، شفافيت ۽ ذميواري کي اهميت ڏني ويندي، تڏهن ڪرپشن ۾ پنهنجو پاڻ گهٽتائي ايندي ويندي. اهڙي سماج ۾ امن، ترقي ۽ عوامي خوشحالي لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ٿيندو، جيڪو انسانيت جي گڏيل مستقبل لاءِ ضروري آهي.
بهرحال، اها ڳالهه ڀليء ڀت ثابت ٿي چڪي آهي ته، ڪرپشن هاڻي علائقائي نه پر عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي۔ انهيء سلسلي ۾ اقوام متحده کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بلڪل اهڙي نموني جهڙيء طرح اهو عالمي ادارو، دنيا اندر مختلف مرضن جي خاتمي، ناخواندگي خلاف قدم کڻي پيو يا انساني حقن بابت جاکوڙ ڪري يا مختلف ملڪن سان گڏجي ڪوششون ڪري پيو، تيئن هن مسئلي تي به سوچ ويچار ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پئي آهي، ته جيئن دنيا مان ناانصافين جو خاتمو ٿئي ۽ عام ماڻهن کي پنهنجا انساني حق ملي سگهن۔ هي سٽون يقين سان لکجن پيون ته ڪرپشن جو خاتمو، پوري دنيا لاء ٿڌي هوا جو پهريون جهونڪو ثابت ٿي سگهي ٿو پر، شرط اهو آهي ته ڪو ٿڌڙي هير کي هلڻ ڏئي۔
_______________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو



