Editor's pickMain Slideدنياڪالم

هڪ خاموش ۽ پرسڪون سفر جتي ٻيٽ، ٻيلو ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملن ٿا

اسٽاڪهولم جو آرڪيپيلاگو، جيڪو هزارين ٻيٽن تي مشتمل آهي، سئيڊن جي  سڀ کان قيمتي قدرتي علائقن ۽ ورثن مان هڪ آهي. هتي خشڪي ۽ پاڻي هڪ بهترين توازن ۾ موجود ۽ گڏ رهن ٿا. يورو ٻيٽ ۽ يوروناسٽ جي چوڌاري وهندڙ پاڻي بالٽڪ سمنڊ جو حصو آهي، جيڪو ٻيٽن جي وچ ۾ پرسڪون ۽ نرم لهرن جي صورت ۾ وهندو رهي ٿو ۽ آسمان جو عڪس شيشي وانگر پيش ڪري ٿو.

عبدالله عثمان مورائي، سويڊن

ڪجهه سفر تفريح لاءِ ڪيا ويندا آهن ۽ ڪجهه سفر وري اهڙا هوندا آهن جيڪي بنا ڪنهن اڳواٽ منصوبه بندي جي، روزمره جي زندگيءَ جي اندر لڪل هوندا آهن ۽ اوچتو پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياري هڪ تحفي وانگر ملندا آهن، اهي رڳو دريافت ٿيڻ جا منتظر هوندا آهن. اپريل 2026 ۾ اسان جو يوروناسٽ جو سفر به هڪ اهڙو ئي تجربو هو, جيڪو هڪ ڪمپني ڪانفرنس جي طور تي شروع ٿيو پر هوريان هوريان فطرت، قدرت، خاموشي ۽ سئيڊن جي اڻ مٽ سادگي ڀري حسن ۽ خوبصورتيءَ سان هڪ گهري ملاقات ۾ تبديل ٿي ويو.

بيرڪنگ اي بي پاران منظم ۽ ترتيب ڏنل هيءَ ڪانفرنس اسان کي هڪ اهڙي جاءِ تي وٺي آئي جيڪا هڪ روايتي ڪانفرنس هال کان وڌيڪ فطرت ۽ قدرت جي هنج ۾ لڪل هڪ آستانو ۽ آرام گاهه محسوس ٿي رهي هئي. اسٽاڪهولم جي ٻيٽن (Archipelago) واري وڏي علائقي ۾ واقع يوروناسٽ چوڌاري ٻيلن، پاڻي ۽ هڪ اهڙي سڪون ۽ خاموشيءَ سان گهيريل آهي جيڪا ائين لڳي ٿي ڄڻ ارادي طور تخليق ڪئي وئي هجي.

هڪ اهڙو هنڌ جتي قدرت ۽ فطرت ميزبان هجي 

جيتوڻيڪ اڪثر ڪري هن کي يورو نيشنل پارڪ (Djurö National Park) جو حصو چيو ويندو آهي، پر يوروناسٽ هڪ خوبصورت نموني سان ٺهيل هوٽل ۽ ڪانفرنس سينٽر جي سهولت آهي جيڪا قدرتي ماحول سان مڪمل طور هم آهنگي ٿي هڪ ٿي وئي آهي. هتان جي فنِ تعمير ۾ فطرت جو احترام ڪيو ويو آهي، جيئن ڪاٺ جو استعمال، کليل منظر ۽ وڏيون دريون ٻاهرئين دنيا ۽ خوبصورتيءَ کي اندر اچڻ جي دعوت ڏئي اندر آڻين ٿيون.

اسٽاڪهولم جو آرڪيپيلاگو، جيڪو هزارين ٻيٽن تي مشتمل آهي، سئيڊن جي  سڀ کان قيمتي قدرتي علائقن ۽ ورثن مان هڪ آهي. هتي خشڪي ۽ پاڻي هڪ بهترين توازن ۾ موجود ۽ گڏ رهن ٿا. يورو ٻيٽ ۽ يوروناسٽ جي چوڌاري وهندڙ پاڻي بالٽڪ سمنڊ جو حصو آهي، جيڪو ٻيٽن جي وچ ۾ پرسڪون ۽ نرم لهرن جي صورت ۾ وهندو رهي ٿو ۽ آسمان جو عڪس شيشي وانگر پيش ڪري ٿو.

ڏينهن جو ڪانفرنس، شام جو فطرت جو نظارو

ڏينهن جي وقت ڪانفرنس جي سيشنز اسان کي مصروف رکيو، پر ان کان پوءِ جا ڪلاڪ اسان جا پنهنجا هئا. هڪ روشن، سج ڀري اپريل جي هڪ چمڪندڙ ۽ اس واري منجهند  اسان کي پاڻ ڏانهن سڏي رهي هئي ۽ فطرت  هڪ اهڙي دعوت ڏني جنهن کان انڪار ڪرڻ ناممڪن هو.

مان اوسي پاسي ۾ سير لاءِ ٻاهر نڪتس، جيڪو ٻيلن جي پيچرن ۽ پاڻيءَ جي ڪنارن تان گذرندڙ هڪ گول دائري وارو سفر بڻجي ويو. ديال / صنوبر جا اوچا ڊگها وڻ سڄي منظر تي ڇانيل هئا، جيڪي وقت جي خاموش نگهبانن وانگر بيٺا هئا. انهن جي خوشبو هوا ۾ پکڙيل هئي جيڪا تازگي ۽ سڪون پيدا ڪري رهي هئي. انهن جي وچ ۾، بهار جي شروعاتي گلن جي ٽڙڻ سياري کان پوءِ زندگيءَ جي واپسيءَ جو اشارو ڏنو.

پنڌ ڪرڻ واري رستي جي ٻنهي پاسن کان پاڻيءَ جا پرسڪون، بيحد سڪون ڏيندڙ نيري رنگ جا نظارا نظر اچي رهيا هئا. اهي ڪي درياهه يا ڍنڍون نه هيون، پر بالٽڪ سمنڊ جون ڪريڪس يعني ڪنارا هئا جيڪي زمين کي ڇهي رهيا هئا ۽ اهي ئي آهن جيڪي اسٽاڪهولم آرڪيپيلاگو جي سڃاڻپ بڻجن ٿا.

رستي ۾ ملندڙ يادگار گهڙيون

ان رستي تي پنڌ دوران سڀ کان دلڪش ڳالهه فريم ٿيل سوالن جا بورڊ هئا، جيڪي وقفي وقفي سان لڳل هئا. موسمن يا وڏن جشنن جي ڏينهنن جي حساب سان انهن جا سوال به بدلجندا رهن ٿا. جيئن ته هاڻي ايسٽر کان پوءِ جو وقت هو، تنهنڪري ڪيترائي سوال ايسٽر جي موضوعن تي هئا. جيئن آنن يا بيضن کي رنگڻ، بهار جي روايتن ۽ گلن بابت سوال هئا. ان سڄي عمل پنڌ ۽ سير کي وڌيڪ دلچسپ، خوشگوار ۽ سوچيندڙ بڻائي ڇڏيو جتي ماڻهو بيهي سوچي، مرڪي ۽ اڳتي وڌي.

اتي ڪجهه ٻيون ننڍيون ڳالهيون ۽ ننڍڙا تفصيل به هئا، جيڪي  منهنجي دل تي نقش ٿي دل ۾ رهجي ويا مثال طور وڻن جا وڍيل ٿڙ جن تي دل جي شڪل جا نشان ٽڪيل هئا، سادا، پراسرار، دل کي ڇهندڙ ۽ متاثر ڪندڙ. انهن جي باري ۾ ڪا به وضاحت لکيل نه هئي، رڳو خاموش نشان هئا. گلن سان سجايل هڪ سائيڪل، پاڻيءَ جي ويجهو وڻن هيٺ بيٺل هئي، ڄڻ ته فطرت ۾ رکيل هڪ آرٽ جو نمونو هجي. ٻيلي جي وچ ۾ کليل ورزش جو سامان (Outdoor gym) پڻ لڳل هو.

۽ سڀ کان مزي واري ڳالهه ته اها زنده خاموشي جيڪا خالي نه هئي پر رڳو پکين جي اڏامڻ، بدڪن جي پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل ۽ وڻن مان گذرندڙ هوا جي  سرسراهٽ سان جڙندي ۽  ٽٽندي هئي. پري کان ڪنهن چمنيءَ مان نڪرندڙ دونهون آهستي مٿي اڀرندو ڏسڻ ۾ آيو جيڪو زندگي، گرمائش ۽ آرام جو احساس ڏياري رهيو هو. مٿي آسمان هلڪي نيري رنگ ۾ پکڙيل ۽ هيٺ پاڻي ۾ ان جو مڪمل عڪس، نيري رنگن جي هڪ مڪمل هم آهنگي هئي.

سير کان وڌيڪ ٻيا تجربا

يوروناسٽ ۾ رهندڙن لاءِ تجربو رڳو رهائش ۽ پنڌ تائين محدود ناهي. هتي مختلف سرگرميون موجود آهن، جيڪي پاڻ کي فطرت يا پنهنجي اندر سان ڳنڍين ٿيون.

اتي آرڪيپيلاگو جي پرسڪون پاڻيءَ تي ڪاياڪنگ، ڪينوئنگ يا ٻيڙي هلائي سگهجي ٿي، ٻيلن جي نظارن جي وچ ۾ ٽينس راند کيڏڻ جو پڻ بندوبست آهي، ان سان گڏوگڏ خوبصورت پيچرن تي ڊوڙڻ يا سائيڪلنگ پڻ ڪري سگهجي ٿو. اتي اندر عمارت ۾ موجود ورزش جي ڪمري ۾ ورزش پڻ ڪري سگهجي ٿي. اتي اندر عمارت ۾ ئي ٻين راندين جو بندوبست پڻ موجود هو.

 روايتي سئيڊش باسٽو (سائونا) گرمي، سڪون ۽ خاموشي فراهم ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ سمنڊ ۾ ٽپو  يا گرم  پاڻيءَ جي پول يعني کليل تلاءَ ۾ وهنجڻ جو تجربو به حاصل ڪري سگهجي ٿو. اندروني سوئمنگ پول، اسپا ۽ بليئرڊ راند کيڏڻ جا ڪمرا به موجود آهن.

هر هنڌ پوري سڄي هوٽل جي علائقي ۾ ويهڻ لاءِ خوبصورت ڪاٺ جا ڊيڪ ٺهيل آهن، جن تي نرم صوفا ، ڪرسيون ۽ خاموش ڪنڊن ۾ پينگها ٽنگيل آهن جن جو منهن يا ته ٻيلن يا پاڻي ڏانهن کليل آهي. اهي رڳو ويهڻ جون جايون نه پر غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جون جايون آهن.

هڪ يادگار  بس اسٽاپ جي ڪهاڻي

هڪ تمام سهڻي ۽ دلچسپ شئي ويجهو هڪ ننڍڙو بس اسٽاپ هو، جنهن کي هڪ ننڍڙي لائبريريءَ ۾ تبديل ڪيو ويو هو. ڪتابن سان ڀريل خانن مسافرن کي انتظار دوران پڙهڻ جي دعوت ڏني ٿي. ڪو رسمي نظام ۽ ضابطو ۽ نه ئي ڪا پابندي، رڳو ڀروسو ۽ اعتبار. اهو هڪ سادو پر تمام گهري معنيٰ وارو خيال هو، جيڪو ياد ڏياري ٿو ته انسان ڪٿي  به ٿوري وقت ۾ ڪجهه پڙهي ان مان لاڀ حاصل سگهي ٿو.

کاڌو جيڪو تجربي کي مڪمل ڪري ٿو

يوروناسٽ ۾ کاڌي جو تجربو به ان ئي فلسفي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو هتي جي ماحول ۾ نظر اچي ٿو، تازو، متوازن، ۽ سوچ ويچار سان سمجهي تيار ڪيل. گهڻو ڪري مقامي شيون استعمال ڪيون وينديون آهن، جن ۾ سئيڊش ۽ بين الاقوامي ذائقن جو ميلاپ هوندو آهي.

ڀرپور ناشتي کان وٺي نفيس رات جي ماني تائين، هر شيءِ غذائيت ۽ آرام جو احساس ڏئي ٿي ۽ پڪ سان پاڻيءَ ڏانهن نهاريندي چانهه يا ڪافي جو هڪ گرم ڪوپ، هن تجربي کي مڪمل بڻائي ٿو.

هڪ ڪانفرنس کان وڌيڪ اڳتي جي سوچ

جيڪا شروعات هڪ پيشورانه گڏجاڻيءَ سان ٿي، اها هڪ تمام قيمتي تجربي ۾ تبديل ٿي وئي. هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي ڪم کي اڪثر انگن اکرن، ڊيڊ لائنن ۽ نتيجن سان ماپيو ويندو آهي پر هن سفر مونکي هڪ سادي ڳالهه ياد ڏياري ته تجربا بونس کان وڌيڪ وقت تائين ياد رهندا آهن.

تنهنڪري، بيرڪنگ اي بي جي دل سان مهرباني، جنهن نه رڳو هيءَ ڪانفرنس ترتيب ڏني، پر اسان کي رڪجڻ، سوچڻ ۽ فطرت سان جڙڻ جو هڪ بهترين موقعو پڻ فراهم ڪيو. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن، بهترين سفر اهي هوندا آهن جن جي اسان منصوبه بندي ناهيون ڪندا  پر اسان کي انهن جي سخت گهرج ۽ ضرورت هوندي آهي.

________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button