ميڊيا، قديم کان جديد زماني تائين: سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڇيد
هن مضمون ۾ ميڊيا جي تاريخي ارتقا تي روشني وجهندي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو آهي، جنھن ۾ موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا کي عوام جو هڪ طاقتور اوزار قرار ڏيندي ان جي ٻنهي رخن، تيز رفتار رابطي، علمي رسائي ۽ روزگار جهڙن فائدن، ۽ وقت جي ذيان، ذهني دٻاءُ توڙي اخلاقي ڇڙواڳيءَ جهڙن نقصانن کي تفصيل سان چٽو ڪيو آهي، ته جيئن ايندڙ نسل کي نقصان کان بچائي ڪارائتو دڳ ڏيکاري سگهجي.

حميد منگي
هڪ ڄاڻ مطابق، ”ميڊيا“ انگريزيء جي لفظ (Mediate) مان ورتل آهي، جنهن جي سنڌي ۾ معني ”وچ وارو يا پل جو ڪردار ادا ڪندڙ ادارو“ چئي سگهجي ٿو۔ ميڊيائي ذريعن جي کوجنا ڪبي ته، اها ٽن عددن جي صورت ۾ نظر ايندي، هڪ پرنٽ ميڊيا، ٻي الڪٽرونڪ ميڊيا ۽ هاڻي سوشل ميڊيا جا چرچا به عام جام آهن، اڳتي هلي اها ميڊيا ڪهڙو ٿي روپ اپنائي ان جي ته پاڻ کي ڪا ڄاڻ ڪونهي پر، ماضيء ۾ ميڊيا جو هڪ ذريعو جيڪو اڪثر ڪري هڪ طرفو ئي هوندو هو، اهو بادشاهي دورن ۾ حڪومتي هڪ نمائيندو ڪو دهل يا نغارو کڻي، شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حڪومتي اعلان ڪندو هئو۔ ڪجهه ماڻهو ان کي ميڊيا جي شروعاتي شڪل قرار ڏين ٿا جو هاڻي به حڪومت ڪو اعلان ڪندي يا اطلاع ڏيندي آهي ته اها ميڊيا جو سهارو وٺندي آهي جنهن کي ميڊيا، گهر گهر پهچائڻ وارو ڪم ڪندي آهي۔
هڪ صدي اڳ تائين، بلڪل اهڙي طرح ماڻهو به پنهنجا مسئلا توڙي عالماڻا خيال حڪومت يا اعليٰ اختيارن تائين پهچائڻ لاء پرنٽ ميڊيا يعني اخبارن توڙي رسالن ۾ خبرن، ڪهاڻين، شاعرين يا مضمونن جي شڪل ۾ موڪليندا هئا، جن ۾ ڪم ڪندڙ ايڊيٽر يا سب ايڊيٽر انهن خبرن سميت سمورين لکتن جو جائزو وٺي، چڱيء طرح جاچي پوء اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ ڇاپيندا هئا۔ اصل ۾ پرنٽ ميڊيا جو اهو دئور اوج وارو دئور هئو، ان سان حڪومت جو ڪم به ٿي ويندو هئو ته ماڻهن جا ٿورا گهڻا مسئلا به حل ٿيندا هئا ۽ عالمن ۽ اديبن جا خيال به عام خلق تائين پهچندا هئا۔ اهو سلسلو لڳ ڀڳ هڪ صديء کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو، جيتوڻيڪ اهو عمل اڃا به هلندڙ آهي پر، هاڻي پرنٽ ميڊيا جي اها طاقت ۽ اهميت ساڳئي ناهي رهي، جيڪا 40, 30 سال اڳ تائين هئي۔
پرنٽ ميڊيا جي انهيء طاقتور دئور دوران، جڏهن حڪومتي سطح تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو وجود پيو ته، انهي تي شروع کان مڪمل طور حڪومتن جو ئي ضابطو رهيو، جيڪو هاڻي تائين هلندڙ آهي، انهن ۾ سواء سرڪاري اعلانن، خبرن ۽ ڳالهين ٻولهين جي ٻئي ڪنهن به مسئلي جو ذڪر نه ملندو آهي، بس صرف حڪومتن جو موقف يا تعريفون ئي هلنديون آهن، يعني حڪمران اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پنهنجي شروعاتي دئور کانوٺي اڄ تائين هڪ اوزار طور استعمال ڪندا رهيا آهن۔ اڳتي هلي جڏهن دنيا جي مختلف ملڪن منجهه خانگي چئنلن جو سلسلو شروع ٿيو ته، وقت جي سرڪار پنهنجين پاليسين ۾ تبديليون آڻيندي، غير سرڪاري ادارن کي چئنل هلائڻ جي اجازت ڏني۔ انهن چئنلن تي شروعاتي ڪجهه سالن تائين ته، عوامي مسئلن تي هلڪي ڦلڪي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي پر، پوء اهي غير سرڪاري چئنل به سرڪاري چئنل جو ڏيک ڏيڻ لڳا، جيڪو عمل اڄ تائين جيئن جو تيئن هلي پيو۔
انهن پرائيويٽ چئنلن تي ورلي عوامي مسئلن تي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، نه ته ”ڪل پيران دا خير“ لڳو پيو آهي۔ البته ايترو فرق ضرور ڏسڻ ۾ اچي پيو ته، هاڻي خانگي چئنلن جا ڪرتا ڌرتا يا انتظاميه، هوشياريء کان ڪم وٺندي حڪومت جي شروعاتي دئور ۾ سندن تعريفون ڪندا جهجهي مقدار ۾ اشتهار وٺن ٿا ۽ جڏهن وري حڪومتي مدو پورو ٿيڻ وارو هوندو آهي ته وزيرن، مشيرن تي هلڪي ڦلڪي تنقيد ۽ ملڪ جي ايندڙ مقبول پارٽيء جي حمد ثنا ڪري، انهن وٽ پنهنجي ساک بچائيندا رهن ٿا۔ باقي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حلن طرف ڪنهن هڪڙي چئنل جو ڌيان به نه ٿو وڃي۔ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته، اهي چئنل اٽڪل 25 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ عوامي مسئلن جي حل ۾ معمولي ڪردار به ادا نه ڪري سگهيا آهن۔
جڏهن سرڪاري چئنل سان گڏ غيرسرڪاري چئنلن به مسڪين ماڻهن جي مسئلن جي مالڪي نه ڪئي ته، مٿان وري انٽرنيٽ ۽ ٽچ موبائيلن جو دئور شروع ٿيو، بي وس ماڻهن مجبور ٿي پنهنجا مسئلا، فيس بوڪ، واٽسپ گروپن ۽ ٽويٽر تي رکڻ شروع ڪيا، جنهن عمل اڳتي هلي ايتري ته ترقي ڪري ورتي آهي، جو هر ٻيو ماڻهو ٽڪ ٽاڪ توڙي ذاتي چئنلن تي پنهنجي ڪاوڙ يا خوشيء جو اظهار ڪري رهيو آهي، جنهن کي پاڻ اڄ ڪلهه ”سوشل ميڊيا“ چئي رهيا آهيون۔ جيتوڻيڪ عوام کي انهيء ڳالهه جي خوشي ضرور آهي ته، هو ڪٿي نه ڪٿي يا پنهنجي ئي جوڙيل ننڍڙي ميڊيا ۾ ذهني بار هلڪو ڪري رهيا آهن، پر اسان جي حڪمرانن توڙي اهم ادارن کي عوامي مسئلن تي ڪا ڪهل نه ٿي اچي۔
انهيء ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته، موجوده دئور ۾ سوشل ميڊيا، عوام جو هلڪو ڦلڪو سهارو ٿي پئي آهي پر، انهيء ميڊيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ته ڇڙواڳيون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاء به ملن ٿيون، جو شريف ماڻهن کي پنهنجا هٿ ڪنن تي رکڻا ٿا پون۔ جيتوڻيڪ انسان پنهنجي شعوري دئور کان مناسب آزاديء جو طلبگار رهيو آهي پر آزادي جي نالي ۾ سوشل ميڊيا تي جيڪي ڇڙواڳيون ٿين ٿيون، اهي نه رڳو ماڻهن جي ذهنن کي خراب ڪن ٿيون ان سان گڏ سماجن کي به آلوده ڪري رهيون آهن۔ هتي افسوس سان اها ڳالهه به لکجي ٿي ته، جيڪي ماڻهو قائدن، قانونن ۽ ضابطن تحت زندگيون گذاريندڙ آهن، اهي سوشل ميڊيا مان ڪي به فائدا حاصل نه پيا ڪن، نه ئي سماجي سڌارن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا۔ ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديء جي نالي ۾ اڪيچار ڪن ٿا، انهن کي اها خبر ئي ناهي ته ڪهڙا هٿ کين پروموٽ ڪن پيا ۽ ڪهڙا کين رد پيا ڪن۔ ايئن کڻي چئجي ته جڏهن ماڻهن کي پنهنجن مسئلن جي حل جو گس مليو آهي ته، ان مان ڀرپور فائدو نه پيو ورتو وڃي۔ باقي کوڙسارا ماڻهو تفريح سانگڏ ذهني ۽ جنسي تسڪين حاصل ڪندا رهن ٿا، اصل ۾ اهي ڄڻ ته سماج ۾ گند ورهائي رهيا آهن، جيڪو سالن ۽ صدين تائين به شايد ئي صاف ٿي سگهي۔
اصل ۾ موجوده ”سوشل ميڊيا“ کي ٻه طرفو جاچڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ هڪ طرف ته فائدا ئي فائدا آهن، ٻئي طرف وري نقصانن جي ڪاٿي لڳائڻ واري عمل کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي۔ پاڻ جيڪڏهن ان کي هڪ طرفو ڏسنداسين ته، ان ۾ کڻي پنهنجو نقصان نه به ڪندا هونداسين پر ايندڙ نسل جي به ڪا بهتر آبياري ٿي نه سگهندي ۽ نه ئي انهن تي ايندڙ دئور جي ڪا تعليم ئي اثر انداز ٿي سگهندي۔ انهيء ڪري سوشل ميڊيا کي ٻنهي پاسن کان ڏسڻ وقت جي ضرورت ٿي پئي آهي، ڇو ته سوشل ميڊيا اڄوڪي دئور ۾ ماڻهن لاءِ طاقتور اوزار بڻجي چڪو آهي، پاڻ کي ان طاقتور اوزار مان نقصانن کان بچاء ڪندي، فائدا حاصل ڪري ايندڙ نسل لاء سٺا ۽ ڪارائتا مثال ڇڏي وڃڻا آهن، جيئن اهي ايندڙ نسل لاء ڪارگر به ثابت ٿي سگهن۔ ان ڪري اڳ ۾ پاڻ سوشل ميڊيا جي فائدن جي اپٽار ڪيون ٿا۔
سوشل ميڊيا موجوده دئور ۾ تيزرفتار رابطي جو هڪ وڏو ذريعو ٿي پيو آهي جو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺل هڪڙن ماڻهن جو ٻين ماڻهن سان منٽن بلڪي سيڪنڊن ۾ رابطو ممڪن ٿئي ٿو. جڏهن ته ان کان اڳ اهو عمل ايترو جلد ممڪن نه هو۔ ڀل ڪيترائي وسيلا به استعمال ڪبا هئا، درست صورتحال يا اصل حقيقت جي خبر ئي نه پئجي سگهندي هئي۔ انکانسواء هڪڙن ملڪن جون خبرون ۽ ڄاڻ جا ذريعا ٻي دنيا کان لڪل رهجي ويندا هئا۔ جنهن ڪري کوٽن، خامين جي نشاندهي سان گڏ درستگيون به رهجي وينديون هيون ۽ هر ماڻهو، ڌر يا قوم انهيء خوشفهمي ۾ مبتلا هوندي هئي ته، ”اتي“ يا ”هتي“ جيڪو ڪجهه به ٿئي پيو اهو ئي درست هوندو، انهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار نه ٿي ٿي سگهي۔ جيڪو عمل پوري هڪ صدي رڳو ڪنهن هڪ قوم نه ڀوڳيو پر پوري انسانذات لاء ئي بيڪار ثابت ٿيو۔
سوشل ميڊيا جو ٻيو وڏو فائدو، علم ۽ ڄاڻ تائين رسائيء وارو رهيو آهي، جنهن ۾ مڪمل طور کڻي نه پر ڪنهن قدر استاد جي رهنمائي جي ضرورت گهٽ پئي ٿي، ڪنهن مامري تي ڪو ابهام ٿئي ٿو يا مضبوط دليل گهرجن ٿا ته، اهي به انتهائي آسانيء يا تيزيء سان ملي ٿا وڃن، ان باوجود به ماڻهوء جي تسلي نه ٿي ٿئي ته، دنيا جي جديد ۽ قديم عالمن جا قول توڙي تفصيلي لکڻيون پڙهي، اندازا لڳائي ماڻهو چڱي خاصي ڄاڻ حاصل ڪري، پنهنجا ڪم ٽپائي ٿا وڃن۔ مطلب ته غريب غربي کي به بنا وڏي خرچ ڪرڻ جي ڄاڻ، علم، تعليم، تربيت، تحقيقن، خبرن، خيالن ۽ نون آئيڊين تائين رسائي آسانيءَ سان ملي سگهي ٿي۔ پر شرط اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو انهيء مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ته۔ باقي ڪنهن ٽوٽي يا دل ڀڳي انسان تي ته عالمن جا اکر به مشڪل سان اثر ڪندا آهن۔
سوشل ميڊيا جو ٽيون وڏو فائدو، سياسي، سماجي، صحافتي، شعوري، عقلي، علمي ۽ ادبي حوالي سان آهي، جنهن سان سياسي، سماجي، علمي، ادبي شعور وڌائڻ ۽ پراڻن يا نون پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حلن جو بيانيو تيار ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي۔ جڏهن ته انساني حقن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي يا حقن جي جاکوڙ کي اڳتي وڌائڻو هجي، انهيء حوالي سان به کوڙ ساريون آسانيون ملي سگهن ٿيون۔ مختلف اڻ پڙهيل ماحولن ۾ به علمي، ادبي، شعوري ۽ ٻين قسمن جي ڄاڻ توڙي دنيا ۾ امن بابت آگاهي ڦهلائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي۔ جڏهن ته هر منفي ۽ مثڀت صورتحال جون اصل حقيقتون به بيان ڪرڻ جون سهوليتون موجود آهن. ماڻهو چاهين ته غلط افواهن ۽ ڳالهين جا ٽوڙ به ڪڍي سگهن ٿا۔
سوشل ميڊيا جي چوٿون فائدو اهو آهي ته، انهيء مان روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا ملڻ به آسان ٿي پيا آهن۔ اها الڳ ڳالهه آهي ته، اسان جا اڪثر نوجوان ان مان فائدو حاصل ڪري گهرڀاتين جو بار هلڪو ڪرڻ کان قاصر آهن۔ مطلب ته ان پليٽ فارم کي ماڻهو يا نوجوان پنهنجو ڪاروبار، هنر يا خدمتون دنيا تائين آسانيء سان پهچائي سگهن ٿا، پر اهي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ بجاء ان مان رڳو تفريح ۽ جنسي آسودگي حاصل ڪرڻ ۾ رڌل ملندا، ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته اسان جا وڏي عمر جا مرد، خاص ڪري عورتون به ان مان فائدا حاصل ڪرڻ بدران، انهن جي غلط استعمال ۾ گهڻو ڪري رڌل رهن ٿا۔ کوڙ سارا والدين ته ٻارن مان جند آجي ڪرائڻ لاء، انهن لاء الڳ موبائيل خريد ڪري، کين ٻالڪپڻي کان ئي اڪيلائي پسنديء واري عادت ۾ وجهڻ ۾ ڪسر نه ٿا ڇڏين۔
سوشل ميڊيا جي پنجين فائدي ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تخليقي صلاحيتن جو اظهار ملي ٿو، جنهن ۾ لک پڙهه ڪرڻ، نوان آرٽ يا فن تخليق ڪرڻ، مثبت قسم جون وڊيو ٺاهي دنيا جي ماڻهن ۽ نوجوانن جي تربيت ڪرڻ، تعليمي آگاهي جو موقعو ڏيڻ ۽ وٺڻ سميت ٻين ڪيترين ئي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو پر والدين ان مان به پنهنجي ٻارن کي فائدا وٺرائڻ ۾ دلچسپي نه ٿا رکن۔ جنهن جو احساس کين هاڻي شايد محسوس نه ٿئي پر، اڳتي هلي جڏهن ٻار ڇڙواڳيون ڪري ڪري انتها درجي تائين آزاد پسنديء جو اظهار ڪندا تڏهن شايد والدين کي پنهنجي غلطيء جو احساس ٿئي، پر اهي ياد رکن ته، تيسيتائين تمام دير ٿي چڪي هوندي۔
انهيء حوالي سان ڇهون وڏو فائدو، نوجوان دنيا سان ڳنڍجي نوان عالمي لاڳاپا قائم ڪري سگهن ٿا۔ جنهن ۾ هڪ ته ڪجهه پاڻ سکڻ، ڪجهه ٻين کي سيکارڻ وارا عمل به اچن ٿا۔ ٻيو ته دنيا جي سڀني ماحولن جي ڄاڻ ملڻ سان نوجوانن کي پنهنجن ماحولن کي ٺيڪ ڪرڻ جو به موقعو ملندو۔ ڪو نوجوان حالتن تحت جڏهن دنيا کي اڳتي وڌندي ڏسندو ۽ پاڻ کي پوئتي سمجهندو، تڏهن کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيندو ته هو گهڻو فضول وقت گذاري چڪو آهي، نتيجي طور هو بهتر رستا به ڪڍي سگهي ٿو۔ جنهن جا سٺا اثر نه رڳو گهر ۽ گهرڀاتين تي پر مائٽن ۽ ٻين نوجوانن تي به پوندا۔ ايئن پنهنجو معاشرو سڌاري ڏانهن وڌي سگهي ٿو۔
هن سوشل ميڊيا جي ستين فائدي ۾ مختلف ماڻهن، نسلن، ملڪن، ثقافتن، رهڻين ڪهڻين جي ڄاڻ ڏئي ۽ وٺي سگهجي ٿي ۽ دنيا جي مختلف معاشرن ۽ ماڻهن کي هڪ ٻئي مان سمجهڻ جو موقعو ملندو، دوستيون وڌنديون ۽ دشمنين ۾ گهٽتايون اينديون، جهيڙا گهٽجي تڪرارن ۾ تبديل ٿيندا، تڪرار گهٽجي اختلافن جي شڪل اختيار ڪندا ۽ اختلاف ڳالهين ٻولهين ذريعي حل ٿيندا آهن۔ هن ڊيگهه جو مقصد هي آهي ته جڏهن سوشل ميڊيا پاڻ کي عالمي طور تي ڳنڍي به ٿي ۽ معاملا به حل ٿين ٿا ته ان عمل مان ضروري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو، هونئن به پاڻ دنيا کان وٿيرڪا ٿي چڪا آهيون ۽ پڻ ترقيء جي تري ۾ پيل آهيون۔
هاڻي پاڻ اچون ٿا سوشل ميڊيا جي حقيقي ۽ امڪاني نقصانن طرف۔ جيئن ته پاڻ کي اها چڱيء طرح ڄاڻ آهي، سوشل ميڊيا ۾ ڪجهه گندي ذهنيت رکندڙ ۽ شرپسند قسم جا ماڻهو يا نوجوان غلط ڄاڻ يا افواهن جو تيزيء سان ڦهلاءُ ڪن ٿا، جنهن سبب مختلف ڌرين، قومن، ملڪن ۽ معاشرن ۾ غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون۔ نتيجي طور تي ڪوڙين خبرن ۽ افواهن سان مختلف سماج ۽ ڌريون اختلافن، تڪرارن ۽ جهيڙن طرف وڃن ٿا ۽ جنگيون به لڳن ٿيون. اهو سڄو عمل نه رڳو ماڻهن ۽ معاشرن لاء نقصانڪار آهي پر ان سان فطرتي نظام ۾ خرابيون پيدا ٿين ٿيون۔ هتي وڌيڪ ڊيگهه ڪرڻ بجاء رڳو هڪڙو ئي جنگ جو مثال ڏيون ٿا، جنهن ڌرتيء تي ايٽم بم ڪرندو آهي اتان جي زمينن تي سالن تائين اناج نه ڦٽي سگهندو آهي۔
سوشل ميڊيا جو ٻيو وڏو نقصان، ڳولها جي غلط طريقن اپنائڻ سان وقت جو ذيان وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ کوڙ سارا انساني عملي ڪم، رهجي وڃن ٿا۔ اصل ۾ ڪنهن به جواب جي حوالي سان ڳولها کان اڳ درست سوال جوڙڻ جي ضرورت پوندي آهي، جنهن عمل کي اسان جا اڪثر نوجوان نظرانداز ڪندي ابتن سبتن سوالن سان شروعات ڪندا آهن، نتيجي ۾ جواب به پرفيڪٽ ناهن ايندا، انهيء ڪري نوجوانن کي جيسيتائين پنهنجي مطلب جي جواب نه ملندو آهي، تيسيتائين ويٺا پنهنجو وقت برباد ڪندا آهن۔ اهڙي عمل جو تت اهو بيهي ٿو ته جڏهن ڪنهن به مسئلي جي حل جي ضرورت هجي ته، اڳ ۾ سوال کي آسان ۽ بهتر کان بهتر ڪجي، جيئن مطلب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت ضايع نه ٿئي۔
سوشل ميڊيا جو ٽيون وڏو نقصان، حد کان وڌيڪ پڙهائي آهي۔ اصل ۾ زندگي رڳو علم پرائڻ يا ان جي ڳولها ڪرڻ جو نالو ناهي، عملي جاکوڙ به حياتيء جو هڪ اهم باب هجي ٿو۔ ان ڪري اسان جي ماڻهن خاص ڪري نوجوانن کي گهرجي ته، رڳو علمي ڳولها تي ڌيان نه ڏين پر، عملي ڪمن ۾ به پنهنجو حصو پتي ڳنڍين، جيئن زندگيء جي ضروري ڪمن جو اڪلاء به ٿيندو رهي ۽ پڻ پنهنجي ذاتي توڙي خانداني زندگيء تي به ڪي غلط اثر نه پون۔ ڇو ته اهو عمل اوهان جي زندگيء ۾ کوڙ سارا خال پيدا ڪري سگهي ٿو.
سوشل ميڊيا جو چوٿون نقصان اهو آهي ته، ان کي استعمال ڪندڙن مٿان ذهني دٻاءُ وڌي سگهي ٿو، ڇو ته ڪجهه ماڻهو جڏهن مقابلي جي ميدان ۾ لهندا آهن ته، انهن ۾ ميدان مارڻ يا سوڀ حاصل ڪرڻ جو احساس وڌي ويندو آهي، جڏهن ته اٽل حقيقت اها به آهي ته، اوهان پاڻ کي ڀلجان ”گهڻو ڪجهه“ ضرور سمجهو پر، ”سڀ ڪجهه“ ڪڏهن به نه ٿا ٿي سگهو۔ سڀ ڪجهه تمام ٿورا ۽ خاص ڪري اهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي معاشرن مان رجهي ۽ پچي راس ٿي ايندا آهن يا انهن ۾ فطري طور تي صلاحيتون موجود هونديون آهن، ٻيو ته ان جي پس منظر ۾ جبلي حالتن جو به وڏو ڪردار هوندو آهي، جيڪي کانئن نسلي طور منتقل ٿينديون آهن۔ جڏهن ته ٽيون سبب مائٽن جي پالنا سان گڏ تمام اعليٰ درجي جي سٺن استادن جي هٿن مان نڪري ايندا آهن، هتي مان اها ڳالهه نه ٿو ڪيان ته ڪوبه ماڻهو خداداد صلاحيتون حاصل نه ٿو ڪري سگهي، بلڪل حاصل ڪري سگهي ٿو جيئن سقراط، هيگل، روسو، لينن، مارڪس هئا، انهن پنهنجين تمام گهڻين محنتن ۽ قربانين کانپوء وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ انهن جا پونئير به ڪي وڏا دانشور ڪونه هئا پر هڪ ڳالهه اها ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن جيڪي ذهني پورهئي سان گڏ جدوجهد جا طريقي ڪار به طعي ڪنديون آهن۔
جڏهن ته سوشل ميڊيا جو هڪ نقصان اهو به آهي ته، ڪو به ماڻهو لڳاتار کوجنا ڪندي پاڻکي ٻين سان ڀيٽيندي ڀيٽيندي ان جي اندر ۾ هڪ قسم جي بيچيني يا مايوسيء جا آثار به پيدا ٿي پوندا آهن. مطلب جڏهن ڪو به ماڻهو پنهنجي وت ۽ وس کان وڌيڪ پتوڙيندو آهي، اهو پنهنجو بار پاڻ تي ئي اڇلائي ڇڏيندو آهي، نتيجي ۾ هو پنهنجي بار هيٺ دٻجي ويندو آهي، تمام ٿورا ماڻهو پنهنجي بار مان پاڻکي ڪڍي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن۔ انکانسواء سوشل ميڊيا تي ڪجهه حالتن ۾ بدتميزيون به ٿينديون آهن يا غير ذميوار بحث وڌي سگهن ٿا. جڏهن ته آن لائين موجودگي، سامهون ويهي ڳالهائڻ واري رابطي کي گهٽائي سگهي ٿي، جنهن سان حقيقي سماجي تعلقن ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي۔
بهرحال، ٿورو غور ڪبو ته سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم پنهنجي اندر ۾ تمام سٺو به آهي ۽ خراب به ثابت ٿي سگهي ٿو۔ اصل ۾ ان جو اثر گهڻو ڪري استعمال جي طريقي تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏهن ان پليٽ فارم کي علم، ڄاڻ، شعور، انساني ڀائيچاري ۽ ذميواريء سان استعمال ڪيو ويندو ته، اهو انساني ترقيء جو وڏو ذريعو به بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن کيس بي احتياطيء سان استعمال ٿيندو ته ان سان ماڻهن جا ڪيترائي وڏا نقصان به ٿي سگهن ٿا.
__________________

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو


