Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

انساني لاڳاپن ۽ رابطن جا اصُول: جسماني ٻولي، لهجي ۽ ڳالهه ٻولهه جي بنيادن کي سمجهڻ

ڳالهه ٻولھ يا رابطي جو تعلق رڳو ان سان ناهي ته اسان ڇا چئون ٿا، پر ان سان به آهي ته اسان ڪيئن ويهون ٿا، ڪيئن ڏسون ٿا، ڪيئن ٿورو وقفو وٺون ٿا ۽ ڪيئن پنهنجي موجودگي پيش ڪريون ٿا۔ اهو اسان جي لفظن، لهجي ۽ جسماني ٻوليءَ يعني باڊي لينگويج جي هم آهنگي ۽ ميلاپ جو نالو آهي

عبدالله عثمان مورائي

اسان اڪثر اهو سمجهندا آهيون ته اسان جي ڳالهه ٻولهه يا رابطي جي طاقت انهن لفظن ۾ لڪل آهي جيڪي اسان چونڊيون ٿا۔ اسان احتياط سان پنهنجا لفظ يا پيغام لکي تيار ڪريون ٿا، اهم ڳالهين جي اڳواٽ مشق ڪريون ٿا ۽ پنهنجن دليلن کي سنواريندا رهون ٿا۔ پر هڪ طاقتور ۽ اڪثر نظرانداز ٿيندڙ حقيقت هن سوچ ۽ يقين کي چئلينج ڪري ٿي. سامهون ۽ روبرو ويهي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو کان 93 سيڪڙو رابطي جو اظهار غير لفظي اشارن وسيلي ٿيندو آهي۔

ان جو مطلب اهو آهي ته ڳالهه ٻولھ يا رابطي جو تعلق رڳو ان سان ناهي ته اسان ڇا چئون ٿا، پر ان سان به آهي ته اسان ڪيئن ويهون ٿا، ڪيئن ڏسون ٿا، ڪيئن ٿورو وقفو وٺون ٿا ۽ ڪيئن پنهنجي موجودگي پيش ڪريون ٿا۔ اهو اسان جي لفظن، لهجي ۽ جسماني ٻوليءَ يعني باڊي لينگويج جي هم آهنگي ۽ ميلاپ جو نالو آهي۔ چاهي ڀلي اهو ڪنهن رسمي آفيس جي گڏجاڻي ۾ هجي يا گهر جي ڪنهن خاموش گهڙي ۾، اهي خاموش عنصر ئي طئي ڪن ٿا ته اسان اعتماد جا پُل ٺاهيون ٿا يا غلط فهمين جون وڏيون ڀتيون۔

جسماني ٻولي يعني باڊي لينگويج ڇا آهي؟

جسماني ٻولي يعني باڊي لينگويج رابطي ۽ گفتگو  جو اهو خاموش ۽ اڻ چيو نظام آهي جنهن کي اڪثر “ڪائنيسڪس (Kinesics)” پڻ چيو ويندو آهي۔ ان ۾ چهري يا منهن مهانڊي جا تاثر، جسم جي بيهڪ يعني اٿڻ ويهڻ جو انداز، اشارا، اکين جو رابطو ۽ جسم جون هلڪيون ڦلڪيون حرڪتون شامل آهن۔ اهو گهڻو ڪري لاشعوري سطح تي ڪم ڪري ٿو، پر ڪيترين حالتن ۾ لفظن کان وڌيڪ ايمانداري ۽ سچائي سان ڳالهائي ۽  پيغام پهچائي ٿو۔

ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو، “مان ٻڌي رهيو آهيان”، پر جيڪڏهن سندس جسم ٻئي پاسي مڙيل هجي، اکيون ٻئي پاسي ڀٽڪيل هجن، ويهڻ جو انداز بيزاريءَ وارو آهي ۽ بيهڪ بند هجي، ته ٻڌندڙ فطري طور لفظن جي ڀيٽ ۾ جسماني  ٻوليءَ تي وڌيڪ  ڀروسو ڪندو آهي۔ ڪيترن ئي طريقن سان جسم ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي، اهو ارادي،  نيت، جذبات ۽ توجهه کي غير معمولي طور تي ظاهر ڪري ان کي واضع ظاهر ڪري ٿو۔

رسمي لهجو ۽ رسمي جسماني ٻولي

منظم ماحول، خاص طور تي پيشيوراڻي ماحول ۽ جڳهين تي، رابطي لاءِ نظم و ضبط ۽ شعور جي ضرورت هوندي آهي.

رسمي لهجو, ڳالهائڻ جي جذباتي لهر يا فريڪوئنسي آهي۔ اهو پرسڪون، متوازن، باوقار ، مليل جليل ۽ غيرجانبدار هوندو آهي۔ اهو غير ضروري انا ۽ جذباتي شدت ۽ تيزي کي ختم ڪري ٿو، جنهن سان اختلاف جي حالت ۾ به ڳالهه ٻولهه واضع مقصد واري، صاف ۽ معقول رهي ٿي۔

رسمي جسماني ٻولي يا باڊي لينگويج پيشيوراڻي روين جو جسماني اظهار آهي۔ جنهن ۾ سڌو ويهڻ يا بيهڻ جو  سنجيده ۽ باوقار انداز، ضبط ۽ سنڀال سان مقصد ڀريا ڪيل اشارا، پرسڪون ۽ غيرجانبدار پر ڌيان ڏيندڙ چهري  يا مهانڊي جو تاثر، اکين جو باوقار، مستقل ۽ مسلسل رابطو، جسم جو اهڙو کليل انداز جيڪو اعتماد ۽ شفافيت جي علامت ڏيکاري شامل آهن

اهي عنصر گڏجي اعتبار، اختيار ۽ ڀروسي جو تاثر پيدا ڪن ٿا۔ گهڻو ڪري اهي لفظن کان اڳ ئي “پهريون تاثر” (First Impression) قائم ڪن ٿا۔

ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي ۾ رسمي ٻولي جو ڪردار

لهجي ۽ جسماني ٻوليءَ سان گڏ، رسمي ٻولي منظم رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جو ٽيون اهم  ٿنڀو آهي۔ ان جو مطلب آهي ته اها واضع ، رسمي، صاف، باقاعده ۽ باوقار لفظن جو استعمال ڪري ابهام  ۽ جذباتي لاڙي ۽ لڳاء کي گهٽ ڪري ٿي۔ پيشيوراڻي ۽ ادارتي ماحول ۾ رسمي ٻولي عام ٻولي، وڌاءُ ۽ ذاتي فيصلا ڏيڻ کان پاسو ڪندي آهي ۽ ان جي بدران صحيح ۽ وضاحت تي ڌيان ڏئي ٿي۔ اها يقيني بڻائي ٿي ته ماڻهن لاء پيغام  ڀلي انهن جو پسمنظر مختلف ڇو نه هجي ،هڪ جهڙيء طرح سمجهه ۾ اچي.  جڏهن رسمي ٻولي، مناسب لهجي ۽ متوازن جسماني ٻوليءَ سان گڏ ٿئي ٿي ته اها رابطي جو هڪ مڪمل ڍانچو تيار ڪري ٿي  جيڪو نه رڳو اثرائتو پر قابلِ اعتبار به هوندو آهي۔ ڪيترين حالتن ۾، صحيح لفظن جي چونڊ، مناسب لهجي ۽ صحيح جسماني انداز سان گڏ، غلط فهمين کي جنم وٺڻ کان اڳ ئي روڪي سگهي ٿي ۽ پيشيوراڻي احترام کي مضبوط بڻائي ٿي۔

اثر جو دائرو

آفيس کان وٺي ذاتي زندگي تائين لهجو ۽ جسماني ٻولي زندگي جي هر شعبي تي اثر وجهن ٿا۔ ڪم جي جڳهه تي اسان جي موجودگي اسان کان اڳ ڳالهائي ٿي۔ سڌي بيهڪ ۽ مضبوط لهجو اعتماد ظاهر ڪن ٿا۔ خراب جسماني ٻولي موقعا گهٽائي سگهي ٿي۔ ان سان گڏوگڏ زندگي جي سماجي حلقن ۽ گهر ۾ اهي عنصر ماڻهن جي احساسن جو تعين ڪن ٿا۔

روزاني زندگيءَ ۾ جسماني ٻوليءَ جو ڪردار

جتي پيشيوراڻي زندگي ضبط گهري ٿي، اتي روزاني زندگي شعور جي گهرج ڪري ٿي. جسماني ٻولي ۽ لهجو اسان جي هر رشتي تي اثر انداز ٿين ٿا.

والدين، شريڪ حيات , ٻار ڀائر ڀينر ۽ دوست

گهر ۾ رابطي جو رنگ ۽ ڳالهه ٻولهه وڌيڪ جذباتي ۽ حساس هوندي آهي. هڪ والدين جيڪي ٻار ڏانهن جهڪي سندس ڳالهه توجهه  ۽ نرم لهجو اختيار ڪري غور سان ٻڌن ٿا ، اهي تحفظ جو احساس پيدا ڪن ٿا. ان جي ابتڙ، بي صبري، ڌيان نه ڏيڻ يا سخت لهجو جذباتي فاصلا پيدا ڪري سگهي ٿو.

والدين، وڏڙن ۽ بزرگن سان جسماني ٻولي ادب ۽ عزت جي علامت آهي. اختلاف جي صورت ۾ به پرسڪون انداز ۽ نرم لهجو، اهو ظاهر ڪري ٿو ته دليل ۽ بحٿ کان وڌيڪ رشتو اهم آهي. اکيون ڦيرائڻ يا لاپرواهي واريون حرڪتون ۽ بيزاريءَ وارا اشارا ڊگهي وقت تائين جذباتي زخم ۽ اثر ڇڏي سگهن ٿا. ڀائر ڀينرن ۾ لهجو طئي ڪري ٿو ته ڳالهه ٻولهه محبت ۾ تبديل ٿيندي يا تڪرار ۾۔ هڪ ننڍڙو لهجي جو فرق بحث کي کل ۾ يا ناراضگي ۾ بدلائي سگهي ٿو۔

دوستي آرام ۽ گڏيل سمجهه جي بنياد تي بيٺل هوندي آهي۔ کليل بيهڪ، سچي مرڪ ۽ ڌيان سان ٻڌڻ ماڻهن کي اهم محسوس ڪرائين ٿا۔ جڏهن دوست پاڻ کي “ڏٺل” ۽ “ٻڌل” محسوس ڪن ٿا ته رشتو پاڻمرادو مضبوط ٿيندو آهي.

ٻار غير لفظي رابطي ۽ گفتگو کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ جا ماهر هوندا آهن. اهي لفظن کان وڌيڪ لهجي ۽ جسماني ٻوليءَ تي  ڀاڙين ۽ ڀروسو ڪن ٿا. ٻار جي اکين جي سطح تائين هيٺ اچي ڳالهائڻ، نرم لهجو رکڻ ۽ پرسڪون رهڻ ۽ حوصلو ڏيندڙ اشارا استعمال ڪرڻ سان اعتماد ۽ جذباتي تحفظ پيدا ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ سخت لهجو يا ڊپ پيدا ڪندڙ انداز ڊپ ۽ مسئلو پيدا ڪري سگهي ٿو۔

مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جسماني ٻوليءَ جي اهميت

انساني رشتن ۾ مڙس ۽ زال جو تعلق لهجي ۽ جسماني ٻوليءَ سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. هي رشتو لڳاتار، ويجهو ۽ جذباتي طور گهرو هوندو آهي، جتي ننڍڙا اشارا به وڏي معنيٰ رکن ٿا۔

شادي شده زندگي ۾ رابطي جو دارومدار رڳو لفظن تي ناهي، پر روزمره جي اشارن، تاثرن ۽ خاموش لمحن تي به آهي۔ هتي ننڍڙا اشارا به وڏي معنيٰ رکن ٿا.

اهو رشتي کي ڪيئن نقصان پهچائي ڪمزور ڪري سگهي ٿو

جذباتي بيزاري يا پٺتي هٽڻ يعني منهن موڙڻ، اکين جو رابطو نه ڪرڻ يا ان کي ٽوڙڻ يا بي ڌياني ظاهر ڪرڻ يا بيزاريءَ سان ويهڻ فاصلو پيدا ڪري ٿو. تيز لهجي ۾ چيل ڪنهن به سادي ڳالهه يا شيء جي تشريح يا سمجهه به تنقيد لڳي سگهي ٿي. اها سادي ڳالهه جيڪڏهن سخت لهجي ۾ چئي وڃي ته اها تنقيد يا رد ڪرڻ جهڙي محسوس ٿي سگهي ٿي. هر هر ناڪاري اشارا هوريان هوريان گڏ ٿي ناراضگي ۽ مايوسي وڌائين ٿا. پٿر بڻجي هر ڳالهه کان خاموشي اختيار ڪري پاسو ڪرڻ يا جسماني طور تي پاڻ کي ڌار ڪري ويهڻ  جذباتي لاڳاپي جي خاتمي ۽ الڳ ٿيڻ جي وڏي نشاني آهي. گهڻو ڪري رشتا وڏن تڪرارن سبب نه پر اهڙن ننڍن ورجائندڙ ڳالهين ۽ لمحن سبب ڪمزور ٿين ٿا۔

اهو رشتي کي ڪيئن فائدو پهچائي مضبوط ڪري سگهي ٿو

جذباتي تحفظ جي لاء پرسڪون، نرم لهجو ۽ کليل بيهڪ محفوظ ماحول پيدا ڪن ٿا ۽ ٻنهي کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو موقعو ملي ٿو. موجودگيءَ ذريعي ڳانڍاپي لاء هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪري سامهون ويهڻ، ڌيان ۽ توجهه ڏيڻ سان ويجهڙائي وڌي ٿي. عڪس ڏيکارڻ يعني لاشعوري طور تي هڪ ٻئي جهڙو لهجو يا انداز اختيار ڪرڻ سان ”مان تو سان گڏ آهيان“ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. انهن سڀني کان اهم لفظن کان سواءِ محبت آهي يعني زندگي جي ساٿيء سان مرڪي محبت ظاهر ڪرڻ ڇاڪاڻ ته مضبوط شاديون وڏن عملن تي نه، پر روزمره جي شعوري رابطي تي ٻڌل هونديون آهن۔

بهتر ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي ذريعي زندگي سولي بنائڻ

ڪجهه ساديون مشقون وڏي تبديلي آڻي سگهن ٿيون مثال طور جواب ڏيڻ کان اڳ هڪ گهڙيء لاءِ رڪجي وقفو وٺڻ سان توهان جي گفتگو ردعمل بدران سوچيل سمجهيل بڻجي ٿي. جسم کي پرسڪون ۽ کليل رکڻ سان ايمانداري ۽ قبوليت جي علامت ظاهر ٿئي ٿي ۽ اها پڪ ڪريو ته توهان جا لفظ، لهجو ۽ جسماني ٻولي هڪ ئي ڳالهه چئي رهيا آهن.

زندگي جا ٻه رستا، هڪ هاڪاري ٻيو ناڪاري

هاڪاري رستي تي هلڻ سان زندگي سولي محسوس ٿئي ٿي، رشتا مضبوط ۽ پائيدار ٿين ٿا، اعتماد وڌي ٿو ، تڪرار گهٽ ٿين ٿا ۽ پيشيوراڻي زندگيءَ ۾ ترقيءَ جا موقعا ملن ٿا. جڏهن ته ناڪاري رويي ۽ رستي تي هلڻ سان ننڍيون غلط فهميون وڏن تڪرارن ۾ بدلجن ٿيون، رشتا ڪمزور ٿين ٿا، موقعا وڃائجن ٿا ۽ ماڻهو توهان کي مغرور يا بيزار سمجهي سگهن ٿا.

آخري خيال

لفظ اڪثر ڳالهه ٻولهه جو مرڪز سمجهيا ويندا آهن، پر حقيقت ۾ اهي رڳو مٿاڇرا آهن. جسماني ٻولي ۽ لهجو اصل بنياد آهن. جڏهن اهي عنصر پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا ته زندگي سولي، خوبصورت ۽ گفتگو طاقتور بڻجي وڃي ٿي ۽ رشتا گهرا ٿين ٿا ۽ زندگي پرامن بڻجي وڃي ٿي.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته اسان رڳو لفظن ۽ ٻوليءَ ذريعي نه پر پنهنجي موجودگيءَ ذريعي رابطو ڪندا آهيون ۽ اها ئي موجودگي گفتگو کي لاڳاپن ۾ ۽ روزاني معاملن کي معنيٰ خيز انساني تجربن ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ اها موجودگي ئي رشتن کي معنيٰ بخشيندي آهي, جتي جيون ساٿي محبت محسوس ڪري، ٻار محفوظ محسوس ڪري، والدين عزت محسوس ڪن ٿا ساٿي قدر محسوس ڪن.

_____________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.    soomro.sweden@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button