مريم نواز جو ”جاڳ پنجابي جاڳ“ وارو لهجو ۽ انھيءَ جو امڪاني ردِ عمل
جيڪڏھن پنجاب جي حڪمرانن جو ڌمڪين وارو انداز نہ بدليو تہ نقصان کين ئي ٿيندو. سنڌي هڪ ڀيرو ٻيهر رستن تي ايندا ته سنڌ ۽ پنجاب جو دنگ بند ٿي ويندو
سنڌ پنجاب جي محتاج ناهي. سنڌ جي ناڻي تي پنجاب پلجي ٿو ۽ ٻين جو گذر سفر به ان تي آهي، انڪري معاملي کي انتهائي حد تائين نه پهچايو وڃي.
الهه بخش راٺوڙ
پنجاب جي وزير اعلي مريم نواز جنهن لھجي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي تنقيد جو نشان بڻائي رهي آهي، اها شروع ته پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان ٿي هئي. ٻوڏ جي ڏينهن ۾ هي تاثر سامهون آيو ته پنجاب جي حڪومت به پاڻيءَ ۾ لڙهي وئي، عام ماڻهو، لکن جي تعداد ۾ پنهنجن ڪٽنبن ۽ چوپائي مال سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل رهيا، حڪومت تمام ٿورن ماڻهن کي ريليف فراهم ڪري سگهي. ٻوڏ جو پاڻي پنجاب کي ڇڏي سنڌ تائين پهتو، پر اسان هن ڀيري تباهيءَ کان بچي وياسين، ان ۾ سنڌ جي حڪمرانن جي ڪرامت هئي يا پاڻي ايترو گهٽ هو جو صرف ڪچي کي سيراب ڪري سگهيو.

پنجاب ۾ جهيڙو ان وقت شروع ٿيو، جڏهن پيپلز پارٽيءَ مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن جي مالي مدد ڪئي وڃي، جنهن تي پنجاب جي وزير اعلي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ته پ پ پنجاب جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري ٿي. بينظير انڪم سپورٽ ذريعي رقم موڪلڻ پنجاب حڪومت جو ڪم ناهي، پر وفاق جو آهي. ان سان گڏ بلاول ڀٽي زرداريءَ وري وزير اعظم کي مشورو ڏنو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عالمي امداد جي اپيل ڪري. ان تي بہ مريم نواز ناراض ٿي. معاملو اتي ئي ڇيهه نٿو ڪري. هاڻ پ پ ۽ ن ليگ هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن. مريم نواز ته ايترو به چيو ته هو پنجاب جي نگهبان آهي، انڪري جيڪو ان ڏانهن آڱر کڻندو، اها هو ڀڃي ڇڏيندي. ان تي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي. پ پ پنجاب جو اڳواڻ نديم افضل چن، هاڻ هي ٽوئيٽ ڪري پيو ته پنجاب جي حڪمرانيءَ جو حق ”اصل پنجابين“ کي آهي.! ان سان معاملو وڌيڪ ڳنڀير ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ ۾ نديم افضل چن چيو هو ته مريم نواز پاڻيءَ جي معاملي تي موديءَ جي زبان ڳالهائي رهي آهي. مريم نواز کي وري ستل سور جاڳيا، چوڻ لڳي ته هُو پنجاب مان جتان چاهين نهرون يا ڪينال ڪڍي سگهن ٿا، ٻين کي حق حاصل ناهي، ته اهي مداخلت ڪن. هيءَ ڳالهه وڌيڪ باهه ڀڙڪائڻ لاءِ ڪافي آهي.
اصلي ۽ نقلي پنجابيءَ جو جيستائين معاملو آهي ته ماضيءَ ۾ ن ليگ نسل پرستيءَ کي هوا ڏني هئي، ۽ هاڻ به ان جو لهجو ساڳيو آهي. حڪمران سنڌ جا هجن، پنجاب جا ٻين صوبن يا وفاق جا، انهن تي تنقيد ته ٿيندي. ڪير به ڪنهن کي خاموش ڪرائي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڪنهن کي اهڙو حق حاصل آهي. اھا فاشسٽ زبان چئبي جيڪڏھن ڪو تنقيد ڪري ته ان سان ڌمڪي واري لهجي ۾ مخاطب ٿئجي. مريم نواز ڪهڙي نيٽ ورڪ ذريعي امداد ورهائڻ چاهي ٿي، اھوسندس پنهنجي صوبي جو مسئلو آهي. پر لڳي ايئن ٿو تہ پنجاب حڪومت کي ڊپ آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عوام ڏانهن رقم ويندي ته عام پنجابي سمجهندو ته پ پ انهن جي مدد ڪري رهي آهي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جي جوڳي مدد نه ٿي، هيل تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. مريم نواز شايد عوامي ڪاوڙ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ پنهنجن اتحادين کي نشانو بڻائي رهي آھي.
جيستائين چولستان ۾ ڪينال اڏڻ واري ڳالهه آهي ته هي معاملو ڪالاباغ ڊيم جيان سرد خاني حوالي ٿي ويو. هي پروجيڪٽ مريم نواز يا شريف خاندان يا ان جي اتحادين جو به نه هو، نه ئي آهي. هي طاقتور ڌر جو آهي، جنهن سان گڏجي مريم نواز ڪينالن جو افتتاح ڪرڻ لاءِ وئي هئي. اھا ڳالهه چوڻ ته ڪينال پنجاب جا آهن، ان جي مرضي آهي، بلڪل بي تُڪي ۽ غلط آهي. سنڌو درياهه رڳو پنجاب جو ناهي، ان مان پاڻي کڻت جو هڪڙو فارمولو طئہ ٿيل آهي. پنجاب نوازشريف جي دور ۾ ڪيل پاڻي ٺاهه تي به عمل نه ڪيو آهي. انهن ڪڏهن تاريخي ٺاهه، ڪڏهن وزارتي ٺاهه ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي فارمولي تحت پاڻي چوري ڪرڻ جا بهانا ڪيا آهن. اهو ٺاهه جيڪو ميان نوازشريف جي دور ۾ ٿيو،جنهن ۾ سنڌ کي نقصان ٿيو، ان وقت جي سنڌ جي حڪمرانن ان کي قبول ڪيو هو، پر هيل تائين پيپلز پارٽيءَ به ان کي نه ڇيڙيو آهي. جيڪڏهن ان ٺاهه کي مريم نواز پڙهي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته ڪوبه صوبو ڪينال ان وقت ڪڍي سگهي ٿو، جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي هوندو ۽ ان لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ فيصلو ڪرڻو آهي. مريم نواز جو ته هڪڙو ووٽ آهي، ان ۾ ٻيا به اسٽيڪ هولڊرز آهن.

جنهن وقت مريم نواز چولستان ۾ ڪينال اڏڻ لاءِ منصوبي جو اعلان ڪيو، ان خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج هئي، وڏو احتجاج ته خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٿيو.جنهن سموري ملڪ کي جام ڪري ڇڏيو هو. وڪيلن جي ان تاريخي ڌرڻي سان گڏ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ احتجاج ٿيو ۽ آخرڪار وفاقي حڪومت کي منصوبي مان هٿ ڪڍڻا پيا. جن هي منصوبو شروع ڪرڻ چاهيو پئي، جن جون لکين ايڪڙ زمينون آباد ٿيڻيون هيون، انهن به محسوس ڪيو ته هي غلط فيصلو هو. ان سموري احتجاج دوران سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ۽ هيل تائين آهي، هيءَ پارٽي وفاق ۾ ن ليگ جي اتحادي هئي ۽ آهي، پر ان جو ڪردار عام سنڌين ۽ سياسي ڪارڪنن جيترو نه هو، جيڪي سينو تاڻي کليل ميدان ۾ بيٺا رھيا. جدوجهد کي تارپيڊو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي گهرو وزير جي اشاري تي وڪيلن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويا.آخرڪار ڪينالن وارو منصوبو رد ٿي ويو.
هاڻ مريم نواز کي مردا اکيڙڻ جوشوق جاڳيو آهي. پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري رهي آهي ۽ سينيٽ ۾ ن ليگ جي حڪومت سان ڪنهن به قانون سازي ۾ ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. هيءَ ڌمڪي به ڏني آهي ته اها مخالف ڌر جي بينچن تي ويهڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن ن ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز معافي نٿي وٺي ته هو حڪومت سان گڏ هلڻ لاءِ تيارناهن. تاثر هي ڏنو پيو وڃي ته مريم نواز معافي نه وٺندي، پر سياست ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي. جيڪڏهن پنجاب حڪومت ان لهجي ۾ ڳالهائيندي ته سنڌ کان ويندڙ بجلي، ڪوئلو، تيل ۽ گيس پنجاب موڪلڻ واري عمل کي روڪڻو پوندو. ان سان گڏ سنڌ جو بندرگاهه ۽ سمورا رستا ۽ ريل به هتان ئي پنجاب وڃن ٿا. سنڌ پنجاب جي محتاج ناهي، جيڪڏهن سڀاڻي سنڌ کي پنهنجن وسيلن تي گذارو ڪرڻو پيو ته اسان دبئي ۽ سعودي عرب کان وڌيڪ اميرترين هونداسين. پنجاب سميت ٻين صوبن جو ڇا ٿيندو، جن وٽ سمنڊ به ناهي، سمنڊ رڳو سنڌين ۽ بلوچن وٽ آهي. جيڪڏهن مريم نواز ڪينالن جي اشو تي ضد ڪندي، ته سنڌين کي خبر آهي ته انهن کي ڪرڻو ڇا آهي؟. سنڌ حڪومت هجي يا پيپلز پارٽي، اهي ڪنهن به ڌر جي هشي يا اشاري تي ڀلي اصل حڪمرانن کي خوش ڪن، پر سنڌ جي عوام کي ڪنهن کي به خوش ناهي ڪرڻو. مريم نواز کان شايد هي وسري ويو ته پاڪستان وفاق آهي، جنهن ۾ سمورين ايڪائين جو حصو هڪ جيترو آهي. سنڌ جي ناڻي تي پنجاب پلجي ٿو ۽ ٻين جو گذر سفر به ان تي آهي، انڪري معاملي کي انتهائي حد تائين نه پهچايو وڃي. جيڪڏهن سنڌي هڪ ڀيرو ٻيهر رستن تي ايندا ته سنڌ ۽ پنجاب جو دنگ بند ٿي ويندو، پوءِ جيڪو ٿيڻو هوندو ٿيندو.
______________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو