جڏهن مَورَي شھر جي گهٽين ۾ مست ملنگ ملوڪ اُٺن سان گڏ گھمندو هو
موري جي ڀرپاسي وارا ڳوٺاڻا اُٺن تي ڪاٺيون لڏي موري شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ ايندا هئا. ملوڪ، هڪ آزاد منش درويش، جنھن جي بدن تي ڪپڙو نه هوندو هو، موري جي ٻاهران بيهي اُٺن جو انتظار ڪندو هو ۽ انهن جي مهار پڪڙي کين شهر ڏانهن وٺي ايندو هو
شايد ٻالڪپڻ اسان کي اهو ئي سيکاري ٿو ته ڪي روح رڳو اهو ياد ڏيارڻ ايندا آهن ته خوشي ڪيتري سادي هوندي آهي ۽ پوءِ اوچتو غائب ٿي ويندا آهن. بلڪل ملوڪ وانگر. بلڪل اُٺن وانگر ۽ بلڪل اُن پراڻي موري وانگر
عبدالله عثمان مورائي
اهو وقت ۽ زندگيءَ جو اهو مرحلو هو، جڏهن موري جي ڀرپاسي وارا ڳوٺاڻا اُٺن تي ڪاٺيون لڏي موري شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ ايندا هئا. اهي ڪاٺيون باهه ٻارڻ ۽ سياري جي ضرورتن لاءِ استعمال ٿينديون هيون. اسان وٽ گهر ۾ گئس جا سلينڊر ته موجود هئا، پر بابا احتياط طور انهن ڳوٺاڻن کان اهي ڪاٺيون خريد ڪري لهرائيندو هو ته جيئن گئس جي کوٽ وقت ڪم اچي سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ گيس جي سلينڊرن جي کوٽ عام ڳالهه هئي، تنهنڪري ماڻهو اڳواٽ تياري ڪري رکندا هئا. مون کي اڄ به ياد آهي ته جڏهن اهي ڳوٺاڻا اسان جي گهر وٽ ڪاٺيون لاهي فارغ ٿيندا هئا، ته اڪثر اُٺن کي اسان واري گھٽيءَ ۾ ئي ٻڌي ڇڏيندا هئا. اهي اُٺ ڪڏهن اتي پٽ تي گوڏا کوڙي ويهي ساهي پٽيندا هئا ته ڪڏهن وري بيٺا هوندا هئا.

مان ٻار هئس ۽ انهن اُٺن کان ڊڄندو هئس. مان انهن کي ڏسي ايترو ته خوفزده ٿيندو هوس جو اسڪول وڃڻ يا گهر موٽڻ مهل پنهنجو رستو بدلائي ٻي گھٽيءَ مان گذرندو هوس. انهن جي جسامت منهنجي ننڍڙي دنيا کي وڌيڪ ننڍو ڪري ڇڏيندي هئي. انهن جون اکيون مون کي صديون پراڻيون لڳنديون هيون. سندن موجودگيءَ ۾ گهٽيون به اجنبي محسوس ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ اُٺ رڳو ڪاٺيون نه، پر ڳوٺن کان شهرن تائين ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي اچڻ لاءِ به باربرداري جو مکيه ذريعو هئا.
اُٺ اسان جي روزمرهه جي زندگيءَ جو حصو هئا، ڳوٺن جي فصلن ۽ شهرن جي بازارن وچ ۾ هلندڙ خاموش وڏا وجود . منهنجي لاءِ اُٺ رڳو جانور نه هئا پر اهي طاقت، صبر ۽ وقار جون علامتون هئا.
انهيءَ دور ۾ موري شهر جي هڪ يادگار شخصيت ”ملوڪ ڀٽو“ هو. هو شهر جي ٻاهران ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو. اسان جهڙا ماڻهو، جيڪي پاڻ کي ”نارمل“ سمجهندا هئاسين، کيس چريو چوندا هئاسين، پر حقيقت ۾ هو هڪ آزاد منش درويش صفت انسان هو. هن جي بدن تي ڪپڙو نه هوندو هو، هو بلڪل ”الف“ اگهاڙو رهندو هو. سندس هڪ عادت هئي ته هو ماڻهن کي پٺيءَ تي زور سان ڌڪ هڻي وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. موري جي ماڻهن جي اها خواهش هوندي هئي ته ملوڪ کين سندن پٺيء تي ھٿ سان ڌڪ هئي جنھن کر هو سمجهندا هئا ته سندن لاء دعا آهي. هو بلڪل بي ضرر هو، پر کيس اُٺن سان هڪ عجيب قسم جو لڳاءُ ۽ محبت هئي. موري جو هر ماڻهو کيس سڃاڻندو هو.
ملوڪ اڪثر موري جي ٻاهران روڊن تي بيهي اُٺن جو انتظار ڪندو هو. جڏهن به ڪو ڳوٺاڻو اُٺن جو قافلو وٺي ايندو هو ته ملوڪ انهن جي مهار پڪڙي کين شهر ڏانهن وٺي ايندو هو ۽ فخر سان شهر ۾ داخل ٿيندو هو ڄڻ ڪنهن بادشاهه پنهنجي لشڪر سان موٽ ڪئي هجي.
ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجون ٻانهون اُٺن جي ڳچيءَ ۾ وجهي لٽڪي پوندو هو ۽ اُنھن جي هلڻ سان گڏ جهولنيدو هو، کلندو هو ۽ اهڙي خوشي محسوس ڪندو هو ڄڻ زندگيءَ جي سڀ کان وڏي نعمت ماڻي هجيس. هو انهيءَ حالت ۾ ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو هو. مان ڏسندو هوس ۽ حيران ٿيندو هوس ته مان جنهن اُٺ کان ايترو پري ڀڄان ٿو، هي شخص ان سان ايترو ويجهو ۽ ان سان ڀاڪر ڪيئن ٿو پائي.

جڏهن اُٺ مستي ۾ اچي وات مان گڦ يا اڇو لُعاب ڪڍندا هئا تڏهن اسان ٻار ڊڄي پري هٽي ويندا هئاسين. ان عمر ۾ اسان کي لڳندو هو ته اُٺ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، پر ملوڪ کي ڪوبه ڊپ نه لڳندو هو. ملوڪ ڪڏهن به طاقت کان نه ڊڄندو هو. هر گهٽيءَ ۾ سندس کل جا پڙاڏا هئا. ملوڪ ڪيترن ئي سالن تائين موري جي گهٽين جو هڪ اڻٽٽ حصو رهيو ۽ سالن تائين موري جي سڃاڻپ رهيو. ملوڪ اسان جي ننڍپڻ ۽ ٻالڪپڻ جي يادن جو حصو ۽ هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار رهيو آهي.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن ، بنا ڪنهن اطلاع جي ملوڪ اوچتو ڪٿي غائب ٿي ويو. وقت گذري ويو، ڏينهن هفتن ۾، هفتا مهينن ۾ ۽ مهينا سالن ۾ بدلجي ويا. ڪنهن کي به خبر ناهي ته هو ڪيڏانهن ويو، ايتري تائين جو سندس گهر وارا به اڻڄاڻ رهيا. ان کان پوءِ ملوڪ ڪڏهن نظرنه آيو، ڄڻ هو انهن رستن جي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويو، جن تي هو اٺن سان گڏ هلندو رهيو هو. ملوڪ کان پوءِ هاڻي شهر جي گهٽين ۾ اهي اُٺ بہ اڳي وانگر نظر نٿا اچن. آهستي آهستي اُٺ به شهر ۾ اچڻ ڇڏي ويا.
اڄ مورو مختلف آهي. گهٽين ۾ وڌيڪ گوڙ آهي، اهي وڌيڪ ڀريل آهن پر ڪنهن طرح خالي به آهن. ڪاٺين سان لڏيل اٺن جا قافلا ناهن. ملوڪ ناهي پر رڳو يادون آهن.
ملوڪ جي تصوير ۽ ٿوري ڪهاڻي هاڻي ڪتاب “مورو ناهي ٿورو” ۾ محفوظ آهي، جيڪا اسان کي اسان جي ماضيءَ جي ان وسري ويل دور جي ياد ڏياري ٿي. پر اسان لاء جيڪي موري ۾ وڏا ٿياسون ملوڪ رڳو ڪتاب جو ڪردار ناهي. هو اسان جي ماضيءَ جو حصو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته “نارمل” هجڻ جا اسان جا ٺاهيل معيار ڪيترا ناانصافين تي ٻڌل آهن. شايد ملوڪ اسان سڀني کان وڌيڪ آزاد هو. اسان معمولن ۽ حيثيتن پٺيان ڊوڙندا رهياسين ۽ هو اُٺن، کلڻ کلائڻ ۽ پٺيون ٺپڻ جي پٺيان هو.
شايد ٻالڪپڻ اسان کي اهو ئي سيکاري ٿو ته ڪي روح رڳو اهو ياد ڏيارڻ ايندا آهن ته خوشي ڪيتري سادي هوندي آهي ۽ پوءِ اوچتو غائب ٿي ويندا آهن. بلڪل ملوڪ وانگر. بلڪل اُٺن وانگر ۽ بلڪل اُن پراڻي موري وانگر.
(عبداللہ عثمان جو ھيءُ ليک پڙھي مونکي بہ موري ۾ گذاريل ورھيہ ياد اچي ويا. مان 1960 کان 1965 تائين موري ۾ پرائمريءَ جا پنج سال پڙھيس ۽ ڪاٺين سان لڏيل اُٺن جو شھر ۾ اچڻ ۽ ملوڪ جو ساڻن گڏ ھلڻ مون بہ ڏٺو. تن ڏينھن ۾ ملوڪ کي ڏاڙھي ،مُڇون ڪونہ ھونديون ھيون. نصير اعجاز)
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




Abdullah has reawakened memories of Moro and Malook . Nice of article
زبردست لکٹی سھٹا
Mait sain qurb mehrbani
Thank you very much