Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

مُرڪندڙ راڳي محمد يوسف: روح کي ڇُهندڙ سُرن جو پَڙاڏو

14 فيبروري 1997ع تي هيءُ سُرن جو شهزادو دنيا جي محفل ڇڏي، سدائين لاءِ خاموش ٿي ويو. سندس آواز اڄ به هوا ۾ گونجي ٿو، جيئن ڪنهن روح کي ڇُهندڙ سُر جو آخري پڙاڏو …..

مُشتاق ٽانوري

ٿڌڙين هوائن جي مُرڪندڙ ڇُهاءَ ۾ ويڙهيل  شهر حيدرآباد ڄڻ ڪنهن پراڻي راڳ جي سُر وانگر نرم ۽ مڌر لڳندو آهي. انهيءَ شهر ۾ هو 14 جنوري 1940ع تي ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو. مڱڻهار گهراڻي سان تعلق ۽ پيءُ لونگ فقير جي ڍولڪ جي آواز سندس روح ۾ سُرن جي روشني ڀري ڇڏي. لونگ فقير نه رڳو ڪمال جو ڍولڪ نواز هو پر سنگيت جو سچو عاشق به، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان لاڳاپيل رهيو ۽ وڏن فنڪارن سان گڏ ساز وڄائيندو هو.

لڳي ايئن ٿو ڄڻ تقدير کيس ڌرتيءَ تي موڪليندي ئي سندس ڳلي ۾ سُرن جا موتي ٻڌي ڇڏيا هئا. هو مڱڻهار گهراڻي جو سپوت هو، اهڙو گهراڻو جنهن جي رڳن ۾ رت نه پر راڳ وهندو آهي. سندس پيءُ لونگ فقير جو ڍولڪ وڄائڻ ڄڻ مينهن وسائڻ جهڙو هوندو هو؛ جتي هو ساز ڇيڙيندو هو، اتي فضا خوشبوءَ سان ڀرجي ويندي هئي. ريڊيو جي محفلن ۾ سندس هٿن جو ٺڪاءَ اهڙي گونج پيدا ڪندو هو، جيئن ڪنهن درياهه تي پوندڙ لهرن جي ڇولي. اهڙي سنگيتي ماحول محمد يوسف جي دل کي ننڍپڻ کان ئي سُرن جو باغ بڻائي ڇڏيو. ننڍپڻ کان ئي محمد يوسف لاءِ اسڪول جي ڪتابن کان وڌيڪ ڪشش درگاهن، اوتارن ۽ محفلن جي راڳ ۾ هئي. هو جتي به ڪو سُر ٻڌندو، اُهو دل ۾ سانڍي پاڻ ڳائڻ لڳندو هو. تعليم سان بيزاري ڏسي سندس والد کيس مختلف اسڪولن ۾ موڪليو، پر قسمت کيس پڙهائي نه پر فن جي واٽ تي وٺي وئي. آخرڪار هو موسيقيءَ جي باقاعده سکيا لاءِ اُستاد غلام حسين عرف بيبي خان وٽ ويو، جتان سندس فني سفر جي شروعات ٿي. پوءِ هن اُستاد اميد علي خان، اُستاد مُبارڪ علي خان ۽ ٻين استادَن کان سکيو، پر جنهن شخص سندس فن کي ڪمال تي پهچايو، اهو هو اُستاد منظور علي خان. استاد منظور علي خان وٽ هن ست سال رڳو ٻڌڻ، خدمت ڪرڻ ۽ سرن کي سمجهڻ ۾ گذاريا. جڏهن استاد ڏٺو ته هي نوجوان سُر جو سچو وارث بڻجي سگهي ٿو، تڏهن کيس ڪافي، ڪلام ۽ نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي اهڙي تربيت ڏني، جيڪا نصيب وارن کي ئي ملندي آهي.

تيرهن سالن جي رياضت محمد يوسف جي آواز کي اهڙي جادوگري بخشي جو ڏکيا سُر به سندس ڳلي ۾ گل بڻجي ٽڙندا هئا. سندس آواز اهڙيءَ طرح ڦٽو جيئن بهار ۾ اوچتو باغ گلن سان ڀرجي وڃي. سندس ڳلو نه رڳو مضبوط هو پر رنگين به، هو ڏکيو سُر اهڙي آسانيءَ سان ڳائيندو هو جيئن ڪو شاعر مشڪل خيال کي هڪ مصرع ۾ سموئي ڇڏي. 1951ع ۾ سندس پهرين وڏي محفل لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي، جڏهن هن پهريون ڀيرو مقابلي ۾ ڳايو ته ماڻهن کي لڳو ڄڻ ڪنهن پراڻي راڳي جو روح نئين جسم ۾ موٽي آيو هجي. اها محفل سندس قسمت جي دري کوليندڙ چاٻي ثابت ٿي.  ان ڪاميابيءَ بعد هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ڳائڻ شروع ڪيو، جتي سنڌي شعبي جي ذميوار علي احمد چاڳلا کيس متعارف ڪرايو. جلد ئي سندس آواز ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ لڳو، سندس آواز هوائن تي سوار ٿي گهر گهر پهچڻ لڳو. سنڌي فلمن جي دنيا ۾ به سندس سُر سونهري دور جو نشان بڻيا. هن ڪيترين فلمن لاءِ گيت ڳايا، جن مان نمايان آهن شهرو فيروز، ليلا مجنون، مومل راڻو ۽ ٻيا ڪيترائي شاهڪار. سندس آواز جي دلڪشيءَ سبب موسيقيءَ جي ڄاڻن کيس سنڌ جو ”مهدي حسن“ به سڏيو. موسيقيءَ جي پارکوممتاز مرزا ته کيس پنهنجي همعصرن ۾ سڀ کان مٿاهون قرار ڏيندو هو. هن نه رُڳو سنڌي پر اردو، سرائڪي ۽ بلوچي ٻولين ۾ به ڳائي پنهنجي فن جو دائرو وسيع ڪيو. سندس آواز جو سحر ايترو ته اثرائتو هو جو محفل ۾ ويٺل ماڻهو وقت وساري ڇڏيندا هئا. وڏين فنڪارائن نورجهان، عابده پروين، رونا ليلي ۽ ٻين  سان گڏ ڳايل نغما سندس شهرت کي سرحدن کان پار وٺي ويا. سندس آواز جي سُڳنڌ سرحدن کان پار پهتي. سندس فن جي خوشبو رڳو وطن تائين محدود نه رهي، هُن برطانيه، دُبئي، بيلجيم، روس، جرمني ۽ چين تائين پنهنجي سُرن جو جادو وکيري پنهنجي فن جا ڏيئا ٻاريا. محمد يوسف جي شخصيت ۾ سادگي، فن ۾ عظمت ۽ آواز ۾ جادو هو. شاديون هجن يا ميلا، محفلون هجن يا ميلاد، جتي هو ڳائيندو هو، اُتي ماڻهن جون دليون ڌڙڪڻ وساري ويهنديون هُيون. ماڻهو پنهنجي خوشين جا ڏينهن سندس ڏنل تاريخن سان ٻَڌندا هئا ڇو ته سندن خيال ۾ تقريب تڏهن ئي مڪمل ٿيندي هئي جڏهن محمد يوسف جو آواز فضا ۾ گونجندو هو. محفل ۾ سندس اچڻ ڄڻ چنڊ جي نڪرڻ جهڙو هوندو هو، سڀ نگاهون پاڻمرادو مٿس کڄي وينديون هيون.  آخرڪار 14 فيبروري 1997ع تي هيءُ سُرن جو شهزادو دنيا جي محفل ڇڏي، سدائين لاءِ خاموش ٿي ويو. سندس آواز اڄ به هوا ۾ گونجي ٿو، جيئن ڪنهن روح کي ڇُهندڙ سُر جو آخري پڙاڏو …..

__________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button