Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين ڊينگ جي قيادت ۾ دنيا لاءِ دروازا نه کولي ها ته اڄ پٺتي پيل ملڪ هجي ها

چين ۽ ويٽنام سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ سوشلزم بدران پنھنجي قومي رياستن جو وجود بچايو آهي. مائوزيتنگ ۽ سندس ساٿي لِن بيائوءَ بابت سازشي ٿيوري، سندس موت، ويٽنام ۽ چين جي لاڳاپن ۾ وقت سان گڏ آيل تبديليون ۽ ٻيون گھڻيون ئي ڳالھيون

چين جي شھر نئننگ جي ريسٽورنٽ ۾ سنڌي، پنجابي ۽ پشتو ۾ ڪچھريون

ھڪ عجائب گھر گھمڻ مھل چئن چيني نوجوانن سنڌي ٽوپي پاتل ڏسي فوٽو ڪڍرايو.

ارڙهن اوڻيھن سالن جا ڇوڪرا پنھنجين ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) سان هٿ ۾ هٿ ڏيو وڙڪي رهيا هئا. ڪٿي ته سندن چپ چپن سان مليا پيا هئا. نڪا جهل نه ڪا پل، نڪو رائر ڏيھه ۾، هرڪو پنھنجيءَ ۾ مست مگن

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي  

9 نومبر 2024: ڪالهوڪي ’تونگ شين‘ ۽ ’فن ڇن کانگ بيچ‘ جي ٽوئر گهڻو مزو ڏنو، جيڪو ڌار مضمون جي صورت ۾ لکندس. ڪالهه کشين جيڪو ويٽنامي پلاسٽر ’تونگ شين‘ مان منھنجي لاءِ ورتو. اهو رات ڪلهي تي لڳايو، جنھن ڏاڍو آرام ڏنو. صبح جو اُٿيس ته اڳ کان بھتر هئس، ٻيو جيڪو وشال چيني ڪاڙهو پياريو، ان به فريش ڪري ڇڏيو.

اڄ ڊگهو واڪ ڪيم ۽ ڦرندو گهرندو گوانگسي يونيورسٽيءَ جي ڀرسان بوڪ شاپ تي ويس. مون کي خبر آهي ته ڪتاب سڀ چيني ۾ آهن، پر پوءِ به ڪتابن جي عادت ۽ شوق مون کي اتي وٺي ويو. اڄ اتي مارگريٽ مشيل جي ڪتاب Gone with the wind جو ٻيو چيني ترجمو ڏٺم. جنھن مان محسوس ڪيم ته چين ۾ ڪنھن ڪتاب جا هڪ کان وڌيڪ ترجما به ٿيندا آهن. اتي ئي وڪٽر هيوگو جي ناول ’نوٽر ڊم جو ڪٻڙو Notre dame De Paris جو ترجمو به ڏٺم. چيني زبان ۾ هڪ ڪتاب جنھن منھنجو ڌيان ڇڪايو اهو A biography of Lin BIAO (لِن بيائوجي سوانح حيات) نظر آيو.

لِن بيائو، مائوزيتنگ جو وفادار ساٿي هو. هڪ دور اهڙو به آيو، جڏهن لِن بيائو ڄڻ مائوزيتنگ جي جانشين جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي. مائو شڪي مزاج اڳواڻ هو. 13 ڊسمبر 1971ع ۾ چين جو هڪ جھاز منگوليا ۾ ڪري پيو، جنھن ۾ اٺ ماڻهو سوار هئا. سڀ مري ويا، انھن ۾ لِن بيائو ۽ سندس ڌيءَ به شامل هئي. ان حادثي کان پوءِ ڪيترائي افواهه پکڙيا، هڪ سازشي ٿيوري موجب، لِن بيائو، مائوزيتنگ کي قتل ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيو هو. ان سازش موجب مائو جي ريل کي ميزائل سان اُڏائڻو هو. لِن بيائو جي پراسرار موت کان پوءِ هڪ آمريڪي سفارتڪار ’چو اين لائي‘ کان لِن بيائو جي موت جي باري ۾ سوال ڪيو، چو اين لائي جواب ڏنو ته ”لِن بيائو جو موت هوائي جھاز جي حادثي جي نتيجي ۾ ٿيو، جڏهن ته آمريڪي صدر ڪينيڊي جو موت هڪ ڳجهارت هو.“ ’لِن بيائو‘ جي وفات کان پوءِ پيپلز آرمي جي اهم عھدن تي لِن بيائو طرفان مقرر ڪيل هڪ هزار عملدارن کي هٽايو ويو.

10 نومبر 2024:  رات وشال چيو ته ابو پئسا کپن؟ چيومانس نه، مون وٽ ساڳيا پئسا پيا آهن. جيڪي تو ڏنا هئا، منھنجو خرچ ئي ڪھڙو. بس صبح مان ڊبل روٽيون وٺيو اچان ۽ شام جو واڪ ڪندي چڪر ڏيو ڪا هڪ اڌ ٻن يا ڏيڍ يو ان جي پين وٺيو اچان. پينون جيتوڻيڪ اڳ ۾ ئي جام پيون آهن، پر پوءِ به ڪا هڪ اڌ وٺيو اچان. جنھن تي کليو ۽ چيائين، تون پئسا ان ڪري خرچ نه ٿو ڪرين جو توهان هر شئي کي پاڪستاني روپين ۾ ڪنورٽ ڪندا هوندا؟ پوءِ ته ڪجهه به وٺي نه سگهندا. دل ۾ کليس چيومانس صحيح ٿو چوين، ان ڏينھن ويٽنامي سرحد وٽ هڪ ويٽنامي ٽوپي تغاري جھڙي وڻي، پر اگهه ٻڌي ڇڏي ڏنم، پوءِ پڇتايم ته يادگار طور وٺان ها.

پينن تان ياد آيو ته منھنجو قاضي احمد وارو شاعر دوست رئيس نواز علي نواز انڙ انڊپينن جو وڏو شوقين آهي، وٽس ڀانت ڀانت جون ۽ اعلي پينون آهن. شبير سيال ٻڌائيندو آهي ته ”رئيس وٽ ڀانت ڀانت جي انڊ پينن جو وڏو ذخيرو آهي.“ رئيس نواز علي نواز انڙ جي کيسي ۾ هروقت ٽي چار پينون لڳل هونديون آهن.

ڪيترن ڏينھن کان ابوذر اقبال کي پي چيم ته ٻڌو اٿم ته نئننگ ۾ ڪو ميوزيم به آهي، وشال کي وقت ڪونهي، ڪڏهن هلو ته پاڻ ڏسي اچون. رات، اڄ آچر هئڻ ڪري هلڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. ٻارهين بجي ڌاري ابوذر آيو، ناشتو ڪيائين ته چيومانس ”هلڻ جو موڊ آهي يانه؟“ وراڻيائين، ”هلون ٿا، ٻه ٻيا دوست به اچن پيا، اهي به هلن ٿا.“

ٿوري دير ۾ اهي اچي ويا. هڪ جو نالو اياز هو ۽ ٻئي جو علي. ٻيئي پختون هئا ۽ هتي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ آيا هئا.

هو ٻيئي ڌار بائيڪ تي هئا ۽ آءٌ ۽ ابوذر ٻيءَ تي روانا ٿياسين. پندرهن ويھن منٽن کان پوءِ هڪ هنڌ پھتاسين. پارڪنگ ايريا ۾ موٽرسائيڪلون پارڪ ڪري اندر گهڙياسين. نئننگ ۾ جتي به وڃ وڻڪاري ۽ وڻ ئي وڻ. هيءَ پارڪ جيڪا پڻ تمام وڏي ايريا ۾ لاهياري ٽڪريءَ تي هئي. اندر ڪنھن به گاڏيءَ کي وڃڻ جي موڪل نه هئي. هنڌ هنڌ ڊسٽ بن ۽ ريسٽ روم ٺھيل هئا ۽ صفائي ڪندڙ مايون ۽ مرد مخصوص ڊريس ۽ ٽوپلا پايو، وڻن جي ڇڻيل پنن کي صاف ڪري ۽ ڊسٽ بن ۾ پيل ڪچري کي صاف ڪري پنھنجن هٿ گاڏن ۾ وجهي رهيا هئا. پارڪ جو ماحول بي حد خوبصورت هو، نه شور نه شرابو، رستو مٿاهينءَ تي هو، هڪ اهڙو هنڌ جنھن لاءِ حافظ شيرازيءَ چيو آهي:

دو یار زریک واز بادہ کہنڊومنی

فراغتی و کتابی وگوشہ  منی

 (ٻه دانا دوست هجن، پُراڻو شراب ججهي مقدار ۾ هجي، واندڪائي هجي، ڪو سُٺو ڪتاب هجي ۽ باغ جي ڪُنڊ هجي)

پاڻ کي ڇڪي چڙهڻو ٿي پيو. چيني ته ايئن پي ويا، ڄڻ سندن پيرن ۾ ڦيٿا لڳل هجن، پر اسان ڇڪي پي چڙهياسين. مون وٽ ته وري به ڄنگھن ۾ سور جو جواز هو، پر ابوذر، اياز ۽ علي به سھڪي پيا، جنھن تي مٿن کليس ٿي. هو ٽيئي پختون هئا ۽ هلندي پاڻ ۾ پشتو ۾ پي ڳالهايائون. تنھنڪري مون سندس ڪچھري ۾ دخل نه ٿي ڏنو. پشتو ڳالهائڻ تان هڪ ڳالهه ياد اچي ويئي. ’ذائقه پاڪستان اسٽائيل ريسٽورينٽ‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هيئن ٿيندو آهي ته آءٌ ۽ وشال سنڌيءَ ۾ شھزاد ۽ رضوان پنجابيءَ ۾، ابوذر ۽ عمران پشتوءَ ۾ پيا ڳالهائيندا آهيون. ويٺل سڀ گڏ هوندا آهيون. سو ڳالهائيندي عجيب صورتحال بنجي ويندي آهي. جنھن تي آءٌ پنھنجي مُنھن پيو کلندو آهيان.

اسان نيٺ ڀرپاسي ڏسندي وڻن ۽ اتان جي ماحول جي واکاڻ ڪندي هڪ گول عمارت وٽ پھتاسين. جيڪا قلعي جھڙي لڳي رهي هئي ۽ ڪافي پرتي نظر آئي. اهو هڪ ننڍو قلعو هو،جنھن جو نالو هو Zhening fort جنھن کي ميوزم ۾ بدلايو ويو هو. قلعي جي دروازي تي پھتاسين ته اتي ڪابه ٽڪيٽ وغيره نه هئي. اتي ڪرسين تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت ڊريسن ۾ ويٺل هئا. سندن اڳيان وڏي ڊگهي ٽيبل رکي هئي. انهن جي سامھون تختي رکيل هئي، جنھن تي جنھن تي چينيءَ ۾ لکيل هو ”تھذيب يافته شھر ٺاهڻ لاءِ هٿ هٿ ڪريو.“

واهه، ڪمال جي ڳالهه ڪيل هئي. انهن لفظن ۾ وڏو پيغام سمايل هو. قلعو ننڍو هو، سامھون پٿر جو هڪ وڏو پيالي جھڙو اسٽيچو ٺھيل هو ۽ ان جي ڀر ۾ ڪڇئين جو اسٽيچو هو. قلعو ننڍو پر گولائي ۾ هو ۽ ننڍا ننڍا ڪمرا ٺھيل هئا. جن ۾ فوٽوئن جي ذريعي چيني انقلاب، جدوجھد ۽ ڪلچر کي نمايان ڪيو ويو هو. سڀئي ڪمرا گهمي وري ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهياسين. جتي هڪ توب رکيل هئي. طياره شڪن توب، جيڪا ڪافي وڏي ۽ پراڻي هئي. توب جي پاسن کان ريلنگ ٺھيل هيون. جن سان لڳ ويھڻ لاءِ ڌڪيون ٺھيل هيون. آءٌ توب ڏسي وري ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويس. جتان نيڻ نھار تائين سڄي باغ جو نظارو ۽ نئننگ جون بلند و بالا عمارتون نظر اچي رهيون هيون. ڇا ته خوبصورت ۽ من موهيندڙ منظر هئا. اهي اوچيون عمارتون هڪٻئي سان گڏ هيون. ان مھل مون کي جاويد اختر جو شعر ياد اچي ويو:

اونچی عمارتوں سے مکان میرا گہر گیا

کچھ لوگ میرے حصے کا سورج بھی کھا گئے

 ٿوري دير اتي بيھي وري هيٺ لھي آيس ۽ ڌڪيءَ تي ويھي ابوذر سان ڪچھري سان گڏ آسپاس جا نظارا ڪندو، اکيون ٿڌيون ڪندو رهيس. پوءِ هيٺ لھي ٻاهر نڪري آياسين. جتي ڪيترائي چيني گهمي رهيا هئا. نوجوان ارڙهن ۽ اوڻيھن سالن جا ڇوڪرا پنھنجين ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) سان هٿ ۾ هٿ ڏيو وڙڪي رهيا هئا. ڪٿي ته هنن جا چپ چپن سان مليا پيا هئا. نڪا جهل نه ڪا پل، نڪو رائر ڏيھه ۾، هرڪو پنھنجيءَ ۾ مست مگن. ڪنھن جو به ڪنھن ڏانھن ڌيان نه هو. اسان هِتي ٿوري دير وڙڪي، پوءِ کُڙين تي زور رکيو ۽ ٻي طرف هلڻ لڳاسين. ٿورو اڳيان وڃي هڪ ٻي خوبصورت عمارت تي نظر پئي، جيڪو پڻ ميوزيم هو، ڏاڪڻيون چڙهي مٿي پھتاسين سامھون ئي ڪامريڊ مائوزي تنگ تي نظر پئي. وڏي ديوار تي وڏي ڪاريگري سان وچ ۾ مائوزيتنگ جي شبيھه ٺاهي ويئي هئي ۽ ان جي ٻنھي پاسن چين جي مختلف قوميتن جي ماڻهن کي ساڻس نھايت اُڪير ۽ اُتساهه مان ملندي ڏيکاريو ويو هو. سندن چھرن مان خوشي محسوس ٿي رهي هئي. اتي به ٻه سيڪيورٽي وارا ويٺا هئا. پر موبائيل ۾  مست ۽ مگن. پوءِ اسان سڄي ميوزيم جو چڪر هنيو. ڀتين تي ڪيتريون ئي تصويرون لڳل هيون، جن ۾ مائوزيتنگ، چو اين لائي، لن بيائو، ليو شائو چي مارشل چوتيھه ۽ ٻين ڪامريڊن کي ڏيکاريو ويو هو. مائو جون تصويرون ڪجهه وڌيڪ هيون. البت سڄي ميوزيم ۾ مون کي ڪٿي به ڊينگ زيائو پنگ جي تصوير نظر نه آئي، جيڪو جديد چين جو اڏيندڙ آهي. مون جڏهن اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي رکيون ته ڪجهه دوستن راءِ ڏني ته مائو چين ۾ هاڻ فقط ميوزيم ۾ وڃي رهيو آهي. اها ڳالهه غلط به ڪونهي. چين جون پاليسيون هاڻ مائوءَ واريون نه آهن. اهو ڊينگ ئي هو ۽ هاڻ شي چن پنگ چين کي هيڏي وڏي معاشي طاقت بڻايو آهي. ميوزيم ۾ ڪافي ڪتاب رکيل هئا، جن ۾ مائوزيتنگ جو ڳاڙهو ڪتاب به هو۽ ٻيا تاريخي ڪتاب پڻ، ٻن هنڌن تي ڪامريڊن جا سٺا اسٽيچو پڻ ٺھيل هئا. ميوزيم ڏاڍو مزو ڏنو. هر تصوير ۽ نقشي جي مٿان ان بابت چيني ۾ مختصر تفصيل به لکيل هئا، جيڪي ابوذر اقبال منھنجي چوڻ تي ’بيدو ٽرانسليشن‘ جي ذريعي اسڪين ڪندو، انگريزي ۾ مون کي انهن جو ترجمو ٻڌائيندو ويو. واهه ٽيڪنالاجي جو ڪمال! هاڻ ڪابه شئي سمجهڻ لاءِ ڪنھن جي محتاجيءَ جي گهرج ڪونهي.

اتي ئي بيٺا هئاسين جو اتي بيٺل چار چيني ڇوڪرا منھنجي سنڌي ٽوپي ڏسي مون ڏانھن وڌيا ۽ پنھنجي موبائيل ڪڍي چيائون، ”اسان سان فوٽو ڪڍاءِ“ مون چيو، ”حاضر بابا.“ پوءِ اسان فوٽو ڪڍيا. پڇيائون ”ڪٿان جا آهيو.“ چيم ”پاچيستان“ جنھن تي هڪدم چيائون”چونگو- پاتيا، ڦنگيو“ چين ۽ پاڪستان دوست آهن.

اسان ميوزيم مان ٻاهر نڪتاسون ۽ گهمندا ڦرندا، چينين جي واکاڻ ڪندا اچي گيٽ تي پھتاسين، نئننگ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي وڏيون پارڪون آهن. چين ۾ آبادي تمام گهڻي آهي جن کي رهائش ته کپي، پر گورنمنٽ پارڪن جو ڄار وڇائي اهو ثابت ڪيو آهي ته ماڻهن جي جسماني صحت به ضروري آهي. انهن پارڪن ۾ ڪسرت جو ڪيترو ئي سامان لڳل هو. جنھن تي ماڻهو ڪسرت ڪري رهيا هئا. ان مھل خيال آيم، هيڏيون وڏيون پارڪون پاڪستان ۾ هُجن ها ته انهن تي قبضا مافيا قبضا ڪري پلازا اڏائي ڇڏي ها. جنھن جو هڪ مثال ’راجپوتانه اسپتال حيدرآباد‘ آهي، جيڪا قبضي خورن ڪنھن طريقي سان پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي ۽ هاڻ پلازائون اڏرائڻ جا منصوبا پيا ٺھن.

*

ڪجهه ڏينھن اڳ جڏهن ويٽنامي بارڊر تان موٽيا هئاسين ۽ مون اتان جي مووي فيس بوڪ تي رکي ته جناب ’شبير شر‘ ڪمينٽ ڏنو، ”ايڏو ويٽنام، چين کي ويجهو هوندي به آمريڪي سامراج ويٽنامين تي اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين ظلم جون انتھائون ڪندو رهيو ته به چينين کي غيرت نه آئي. پوءِ به سو وڃي روس هنن جي مدد ڪئي. نام نھاد چيني مارڪسٽ.“ مون کيس جواب ڏنو، ”مدد ته ڪيائون، هوچي منھه چين ايندو ويندو هو.“

جنھن تي مشتاق علي شان لکيو، ”سائين يوسف سنڌي، ڪھڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته اوهان هُتي ويٽنام جو درشن ڪري رهيا آهيو ۽ آءٌ هِتي فرانس ۾ ويٺو ڪامريڊ موچي منھه ۽ ويٽنام تي پنھنجو ڪتاب مڪمل ڪري رهيو آهيان. سائين شبير شر ٺيڪ پيو چوي ته ويٽنام ۾ سٺ واري ڏاڪي ۾ چين جو ڪردار به مجرماڻون هو. جيتوڻيڪ هن پھرين ويٽنام جي مدد ڪئي ۽ هن جا پندرهن سؤ کن سپاهي به ويٽنامين جو ساٿ ڏيندي مارجي ويا. پر پوءِ اُن چين ويٽنام سان ڇا ڪيو؟ جنھن جي نتيجي ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن اتر ويٽنام ۾ مائو جو بيج لڳائڻ ۽ سندس ”ڳاڙهي ڪتاب“ تي پابندي هنئي وئي. آءٌ ان جا تفصيل پنھنجي ڪتاب ۾ بيان ڪري رهيو آهيان.“

مون کيس جواب ڏنو، ”مون کي ان ڳالهه جي خبر ڪونهي. اوهان اها ڄاڻ مون سان شيئر ڪريو. جيئن اها معلومات پنھنجي سفرنامي ۾ ڏيان. پنھنجو واٽس نمبر به انباڪس ۾ موڪليو.“

جواب ڏنائين، ”جي ضرور سائين. انباڪس ڏسي وٺجو. ماڻڪ جي هوچي منھه جي لکڻين تي مشتمل ڪتاب، جنھن جي اوهان نوڪ پلڪ درست ڪئي هئي، آءٌ ان جو ٻيھر مطالعو ڪري رهيو آهيان، پر اُهو مون وٽ پي. ڊي. ايف ۾ مڪمل ڪونهي.“

اڄ مشتاق علي شان سان فيس بوڪ ميسيجز جي ذريعي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻڌايائين ته هو پنجن سالن کان فرانس ۾ آهي. ڏيڍ سال ٿيو آهي ته ٻارڙا به هتي اچي ويا آهن. مشتاق علي شان پنجابي ڳالهائيندڙ ڪامريڊ ۽ ٽريڊ يونينسٽ آهي  سٺو ماڻهو آهي، سندس ڪافي ڪتاب لکيل آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب ”ايملڪار ڪبئرال“ تي به اٿس، جنھن ۾ لکڻ ۾ منھنجي ڪتاب ’گني بسائو ڪيئن آزاد ٿيو؟‘ مان به ڪافي مدد ورتي اٿس. ان ڪتاب ۾ گني بسائو بابت ڪافي نئين معلومات به ڏنل آهي.

مشتاق جو چوڻ هو ته سوويت يونين ۾ خروشچيف جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سوويت پاليسيون تبديل ٿيون ته ويٽنام ۽ چين ۾ اختلاف شروع ٿيا ۽ چين ويٽنامين جي مدد تان هٿ کڻي ويو. سوويت يونين ويٽنام جي گهڻي مدد ڪئي. ويٽنام آزاد ٿيو ته 1979ع ۾ هن ڪمبوڊيا تي حملو ڪري چين جي حمايت يافته پول پوٽ جي کميراؤج جي حڪومت ختم ڪري پنھنجي حمايتي حڪومت قائم ڪئي، جنھن به چين ۽ ويٽنام ۾ اختلاف وڌايا ۽ چين ويٽنام کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿس حملو به ڪيو، پر ويٽنام چين جي ڀيٽ ۾ ننڍو ۽ ڪمزور ملڪ هوندي به چيني فوج کي چڱو سٽڪو ڏنو.

ڪمبوڊيا، جنھن جو نالو پوءِ بدلائي ڪمپوچيا رکيو ويو. پول پاٽ جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ’هند- چيني‘ ۾ ڊگهي جنگ جي شروعات ٿي. چين ۾’پرنس نورو ڊوم سھانوڪ‘ جلاوطن حڪومت قائم ڪئي، جنھن کي چين سان گڏ آمريڪا جي سپورٽ به حاصل هئي. ايئن چين ۽ آمريڪا ڪمبوڊيا جي مسئلي تي هڪ ئي صف ۾ نظر آيا.

حقيقت ۾ پول پوٽ، جنھن جو اصل نالو ’سالوٿ سار‘ هو، هڪ ظالم شخص هو، جنھن جي حڪومت ڪمبوڊيا تي قبضي کان پوءِ ڪمبوڊين عوام تي سوشلزم جي نالي ۾ وڏا ظلم ڪيا ۽ شھرن جي سڄي آباديءَ کي شھرن مان ڪڍي ٻھراڙين ۾ موڪليو ته وڃي هارين سان ڪم ڪريو، اسپتالن مان مريضن کي ڪڍي ٻاهر اڇليو ويو، ڪرنسي ۽ بئنڪون ختم ڪيون ويون وغيره. اهو سڀ سوشلزم جي نالي ۾ ڪيو ويو، ۽ چين انهن سڀني قدمن تي پول پاٽ جو سپورٽر رهيو. ڳاڙهي کِمر، جيڪا پول پاٽ جي فوج هئي، اها ڊگهي عرصي تائين جنگ ڪندي رهي. پول پاٽ جنھن کي ”ڪمبوڊيا جو ڪاسائي“ چيو وڃي ٿو. ڪمبوڊيا ٿائيلينڊ سرحد وٽ مري ويو. نيٺ ڪمبوڊيا جو مسئلو حل ٿيو. اهو هڪ ڊگهو داستان ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ دلچسپ موضوع آهي.

مشتاق علي شان جو چوڻ هو ته، ”چين ۽ ويٽنام سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ سوشلزم بدران پنھنجي قومي رياستن جو وجود بچايو آهي. جيڪڏهن چين ڊينگ جي قيادت ۾ دنيا لاءِ دروازا نه کولي ها ته اڄ هڪ پٺتي پيل ملڪ هجي ها.“

بھرحال مشتاق علي شان سان ڏاڍي سٺي ڪچھري ٿي. هاڻ هوچي منھه تي سندس ڪتاب اچي ته ڏسجي هن ڪتاب ۾ ڪھڙو موقف اختيار ڪيو آهي.

____________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button