سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪئيسيٽن واري سنڌي سنگيت ورثي بابت آرٽ نمائش
اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ٽئين سال جي شاگردن نمائش ۾ حصو ورتو جيڪا 1990 واري ڏهاڪي جي سنڌي موسيقي ايلبمن جي آرڪائيو تصويرن تي ٻڌل ھئي
ڄامشورو، سنڌ
سنڌ يونيورسٽيءَ جي اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ خميس ڏينھن سنڌي موسيقي ورثي تي ٻڌل هڪ فڪري ۽ تخليقي پوسٽر آرٽ نمائش لڳائي. نمائش ۾ ٽئين سال جي شاگردن ڊاڪٽر رفيق وساڻ جي نگراني هيٺ حصو ورتوجيڪو آرٽ ۽ سنگيت جي اينٿروپالاجي ڪورس جو ڪنوينر پڻ آهي.

ڊاڪٽر رفيق وساڻ نمائش جو تصور پيش ڪندي ٻڌايو ته انسان جي تخليقي ۽ فني طريقن کان متاثر ٿي، هي نمائش 1990ع واري ڏهاڪي جي سنڌي موسيقي ايلبمن جي آرڪائيو تصويرن تي ٻڌل آهي، جيڪي ھڪ سنڌي اخبار ۾ شايع ٿيل هيون ۽ جن سنڌ جي ثقافتي ورثي کي اُجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته هي نمائش هڪ سميسٽر تي ٻڌل تحقيقي پروجيڪٽ جو حصو هئي، جنهن ۾ شاگردن آن لائين آرڪائيوز ذريعي سنڌي موسيقي جي ورثي، فنڪارن جي تخليق، پروڊڪشن هائوسز ۽ موسيقي جي جمالياتي ارتقا جو جائزو ورتو. هن نمائش ذريعي اهو ڏيکاريو ويو ته انسانيات ڪيئن فن، ورثي ۽ ميڊيا جي ذريعي بصري ۽ ملٽي موڊل تحقيق سان ثقافتي تبديليءَ کي سمجهي سگهي ٿي.

نمائش ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي، جن دلچسپيءَ سان سنڌ جي موسيقيءَ جي ماضي کي نئين بصري تخليق جي صورت ۾ ڏٺو.
شعبه اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا نمائش جو افتتاح ڪندي چيو ته هي نمائش “تحقيق، تخليق ۽ ورثي جي تشريح جو شاندار سنگم” آهي، جيڪا انسان جي علمي دنيا کي زندهه ثقافت سان ڳنڍڻ جي صلاحيت ظاهر ڪري ٿي۔

ڊاڪٽر چنا وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪيسيٽ موسيقي رڳو موسيقي نه هئي، پر پنهنجي دور جي عڪاسي هئي. “ڪيسيٽ موسيقي اسان جي گڏيل ماضي جا آواز کڻي هلندي هئي — اهي گيت جيڪي مهينن تائين ماڻهن جي دلين ۾ گونجندا رهيا. ان ۾ تاريخ، جنسيت، ٻوليءَ جي تنوع، مذهبي احساسن ۽ سياسي ڪهاڻين جا رنگ شامل هئا. جلال چانڊيو، استاد يوسف، مائي ڀاڳي، شمن ميرالي، سرمد سنڌي، استاد منظور ۽ فوزيه سومرو جهڙا فنڪار سنڌ جي غير مادي ورثي جا زندهه مثال آهن.”
ڊاڪٽر محبت علي شاهه نمائش کي ماڊريٽ ڪيو ۽ ان جي مقصدن تي روشني وڌي. مس زاهده رحمان مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ اهڙين سرگرمين کي شاگردن لاءِ عملي سکيا جو اهم ذريعو قرار ڏنو. مس قرت العين پڻ منتظمين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهڙيون تخليقي سرگرميون شاگردن جي تجسس، تخليق ۽ علمي واڌ ويجهه کي وڌائين ٿيون۔

آخر ۾ شاگردن جي تحقيقي گروهن پنهنجا مشاهدا ۽ اهم نقطا پيش ڪيا، جتي سنڌي موسيقي جي ورثي جي تاريخي ۽ سماجي پاسن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي۔
نمائش جي آخر ۾ اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته اهڙين ڪوششن کي اداري ۽ سرڪاري سطح تي سهائتا ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ اينٿروپالاجسٽ سماجن جي ورثي کي دستاويز ڪرڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ (پريس رليز)
_______________



